اسٽيبلشمينٽ پ پ کي برداشت نٿي ڪري:سسئي پليجو

ميرپورساڪرو(ن ڪ) ميرپورساڪرو ۾ پ پ پاران جلسو ڪيو ويو، جنهن ۾ صوبائي وزير مراد علي شاهه،  رفيق انجنيئر، عبدالجليل ميمڻ، سسئي پليجو، صوبائي صلاحڪار گل محمد جکراڻي، ايم اين اي عبدالواحد سومري، ارباب وزير ميمڻ، بابو غلام حسين ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير روينيو مراد علي شاهه چيو ته ساڪري تعلقي ۾ روينيو رڪارڊ ۾تمام گهڻي هيراڦيري ٿي آهي، جنهن جي جاچ ڪرائي ويندي ۽ روينيو جي ڪرپٽ آفيسرن کي هٽايو ويندو، صوبائي وزير  سياحت ۽ ثقافت سسئي پليجو چيو ته اسٽيبلشمينٽ پ پ کي برداشت نٿي ڪري، هن چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ ٿيندڙ چورين ۽ ڦرن ۾ شيرازي ڀائر ملوث آهن، ان ڪري ضلعي ناظم کي هٽايو وڃي، جڏهن ته صوبائي وزير ڪچي آبادي رفيق انجنيئر چيو ته سمورين ڪچين آبادين کي ريگيولر ڪيو ويندو، جڏهن ته صوبائي صلاحڪار گل محمد جکراڻي ۽صوبائي وزير عبدالجليل ميمڻ جلسي کي خطاب ڪندي چيوته ڪيٽي بندر رٿا کي بحال ڪري ضلعي جي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وينديون.