روزانه ڪاوش

بنگلاديشي ٽيم نيوزيلينڊ کي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو،7 وڪيٽن تان اپ سيٽ شڪست

ميرپور(اسپورٽس ڊيسڪ) بنگلاديش جي  ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي 3 ميچن  تي مشتمل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ آسانيءَ سان 7وڪيٽن  تان اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي. بنگلاديشي ٽيم کي سيريز ۾وائيٽ  واش ڪري ون ڊي رينڪنگ ۾ 2 پوزيشن حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ ڪيوي ٽيم کي بنگالي ٽائيگرز آئوٽ ڪلاس ڪري سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.بنگلاديشي ٽيم بالنگ سان گڏ بيٽنگ ۾ به شاندار ڪارڪردگي جو  مظاهرو ڪيو، بنگلاديشي ٽيم جي ڪپتان محمد اشرفل ٽاس کٽي مهمان ڊينئل وٽوري جي ٽيم کي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني  ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي پهرين کيڏندي 50 اوورن ۾ 9  وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهي سگهي، صرف جيڪب اورم  57، رائيڊر 34 ۽ ڊينئل وٽوري  30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، بنگلاديشي بالنگ ۾ مشرفي مرتضيٰ 4، عبدالرزاق 3، شهادت حسين ۽ ثاقب الحسن 1-1 وڪيٽ ورتي،نيوزيلينڊ جي ٽيم  جو رن ريٽ پڻ (4.02) رهيو، بنگلاديشي ٽيم گهربل 202 رنسن جو ٽارگيٽ اوپنر جنيد صديق جي  شاندار  85 رنسن ۽ ڪپتان محمداشرفل جي  60 رنسن جي مدد سان 45.3 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي آسانيءَ سان حاصل ڪري ورتو، تميم اقبال 12، مشفقر رحيم 30 ۽ جنيد صديق 85 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ڪيوي ٽيم جي بالنگ ۾ ڪيل ملز، مارڪ گليپسي ۽ اسڪاٽ اسٽائرس  هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي، جنيد صديق کي آخر ۾ مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو هو.