روزانه ڪاوش

يو ايس اوپن ٽينس ۾ اپ سيٽ:اينا آئيونو وچ ٽورنامينٽ کان ٻاهر

نيويارڪ (اسپورٽس ڊيسڪ) يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ ورلڊ نمبر ون ۽ فرينچ اوپن چيمپئن اينا آئيونو وچ ۾ فرانسيسي ڪواليفاءِ پليئر اپ سيٽ شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، عالمي نمبر ون رافيل نڊال ٽئين رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ڇڏيو،  نيويارڪ ۾ هلندڙ سال جي آخري وڏي ٽورنامينٽ ۾ راند جي چوٿين ڏينهن عورتن واري مقابلي ۾ ان وقت وڏو اپ سيٽ نظر آيو، جڏهن فرينچ ڪواليفائر رانديگرياڻي جولي ڪويئين ورلڊ نمبر ون ۽ فرينچ اوپن چيمپيئن اينا آئيونڊ وچ کي شڪست ڏني، ٽاپ سيڊ رانديگرياڻي پهريون ٽيسٽ 3-6 سان هارايو، ٻئي ۾ 6-4 سان فتح حاصل ڪئي، آخري ٽيسٽ ۾ نوجوان رانديگرياڻي 3-6 کان هارائي يو ايس اوپن مان کيس ٻاهر ڪڍي ڏيو، روس جي اينا راسفينه اٽلي جي رابر ٽاوينسي کي 6-4 ۽ 3-6 تان شڪت ڏني، آمريڪا جي سرينا وليمز روس جي البينيا ويس نينا ۽ وينس وليمز پيراگوئي جي روسنا کي مات ڏئي اڳئين رائونڊ ۾ جڳهه ٺاهي، مردن جي مقابلي ۾ برطانيا جي اينڊي مري فرانس جي مائيڪل لوڊر کي سخت مقابلي کانپوءِ 6-4، 1-6، 7-5 ۽ 7-6 سان شڪست ڏني، جيمز بليڪ خلاف بيلجيم جي اسيٿوڊ ريسي انجري جو شڪار ٿي ميچ کان ٻاهر ٿي ويو، ورلڊ نمبر ون رافيل نڊال آمريڪا جي رائرل ڊي خلاف فتح ماڻي.