روزانه ڪاوش

برونز ميڊلسٽ سشيل ڪمار ۽ وجندر سنگهه جو ڀارت پهچڻ تي شاندار استقبال

 

نئين دهلي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت لاءِ پهريون ڀيرو انفرادي طور تي گولڊ ميڊلز کٽيندڙ اڀينو بندرا جي شاندار استقبال بعد ريسلر سشيل ڪمار ۽ باڪسر وجندر سنگهه جو به شاندار استقبال ڪيو ويو، ٻنهي بيجنگ اولمپڪس ۾ برونز ميڊل حاصل ڪيا ۽ اهڙي طرح ڀارت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اولمپڪس مقابلن ۾ 3 ميڊل حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، بيجنگ مان وطن آمد جي موقعي تي نئين دهلي ۾ دهلن ۽ شرنائين سان سندن استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي آتشبازي به ڪئي وئي، ڀارتي صدر پرتبا پٽيل، ڪانگريس چيئرمين سونيا گانڌي ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ساڻن ملاقات ڪري ميڊل کٽي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون.