روزانه ڪاوش

چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ڪرائي وڃي:ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ

نئين دهلي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل تي زور ڏنو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ سيڪيورٽي خدشا آهن ته چيمپئنز ٽرافي لاءِ وينيو تبديل ڪرڻ بدران ايونٽ ۾ ڪجهه دير ڪئي وڃي پر ان کي پاڪستان ۾ ئي ڪرايو وڃي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي دبئي ۾ هلندڙ سالياني گڏجاڻي ۾ حتمي فيصلو ڪرڻو آهي ته چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ئي ٿئي يا ان کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪرايو وڃي، متبادل طور تي سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريقا جا نالا کنيا پيا وڃن پر لاهور ۾ ٿيل آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي تقريب ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو صدر ري مالي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ انتظامي معاملن کي تسلي بخش قرار ڏئي چڪو آهي، هاڻي ڀارت به پاڪستان جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.