روزانه ڪاوش

پاڪستاني ڪرڪيٽرن پاران ڪرڪيٽ کي اولمپڪس ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽرن سميت ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن پڻ آسٽريلوي ٽيم جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر ايڊم گلڪرسٽ جي اهڙي آئيڊيا جي حمايت ڪئي آهي، جنهن ۾ ان چيو آهي ته 20-20 ڪرڪيٽ کي 2020ع واري اولمپڪس راندين ۾ شامل ڪيو وڃي، شعيب ملڪ چيو ته اسين پروفيشنل ڪرڪيٽر آهيون ۽ آئون چاهيان ٿو ته ڪرڪيٽ کي اولمپڪس جو حصو بڻايو وڃي، يونس خان چيو ته ٻيون ٽيم رانديون اولمپڪس ۾ کيڏيون وڃن ٿيون ته پوءِ ڪرڪيٽ ڇو نه ٿي کيڏي سگهجي، هن چيو ته ان ڳالهه بابت ڳڻتي ناهي ته اولمپڪس ۾ 20-20 ڪرڪيٽ، ون ڊي يا 10 اوورن واري طرز جي ڪرڪيٽ شامل ڪئي وڃي، آئون بس اهو ٿو چاهيان ته ڪرڪيٽ کي اولمپڪس ۾ شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته آسٽريليا جي آل رائونڊر شين واٽسن، فاسٽ بالر مچل جونسن ۽ ڪمارا سنگاڪارا پڻ ڪرڪيٽ کي اولمپڪس ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبوڪيو آهي، اسٽيفن فليمنگ، اسٽيووا ۽ ساروو گنگولي پڻ ڪرڪيٽ کي اولمپڪس ۾شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪا آهن.