|
روزانه ڪاوش |
|
جلد صحتياب ٿي ٽيم ۾ واپس اچي ويندس:دانش ڪنيريا لاهور(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ليگ اسپنر دانش ڪنيريا چيو آهي ته آڱر جي آپريشن کانپوءِ هو جلد صحتياب ٿي ٽيم ۾ واپس اچي ويندو. واضح رهي ته دانش ڪنيريا 21 آگسٽ تي ڪائونٽي ڪرڪيٽ دوران آڱر ٽوڙائي ويهي رهيو هو ۽ گذريل هفتي سندس آپريشن به ٿيو هو، آپريشن بعد ڊاڪٽرن کيس 6 هفتا آرام جو مشورو ڏنو آهي. دانش ڪنيريا چيو ته آپريشن بعد آئون وزن به نه ٿو کڻي سگهان، پر آئون جلد رننگ ۽ سائيڪلنگ شروع ڪري ڇڏيندس،هن ڀيري ٽيم ۾ مڪمل فٽنيس حاصل ڪري شامل ٿيندس.
|