اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

سيمينٽ جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو جاري،وڌيڪ 30 رپيا واڌ: في ٻوري جي ريزڪي قيمت 350 رپين تائين پهچي وئي

پشاور (ڪامرس ڊيسڪ) ملڪ ۾  سيمينٽ ٺاهيندڙ ڪمپنين  طرفان  پنهنجي مرضي مطابق سيمينٽ  جي قيمتن ۾اضافي جو سلسلو جاري آهي ۽ ٻوري تي وڌيڪ 30 رپيا  اضافو ڪيو ويو آهي، هاڻي اهي ڪمپنيون  روزاني جي بنياد تي  قيمتون وڌائي رهيون آهن،  ٻئي طرف  اگهه ۾ اضافي  بعد سيمينٽ جي في ٻوري جو ريزڪي اگهه  ساڍا 3 سئو  رپين  تائين پهچي ويو آهي. واضح رهي ته  سيمينٽ جي اگهه ۾ مسلسل اضافي باوجود ان جي ايڪسپورٽ جو سلسلو به وڏي پيماني تي جاري آهي .