|

آڪاش
سنتورائي
آخر
پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ اڪثريت هجڻ باوجود ايم ڪيو ايم کي حڪومت
۾ شامل ڪرڻ جي مجبوري ڪهڙي آهي؟ اهو سوال جڏهن پ پ جي هڪ اڳواڻ
سان ڪجي ٿو ته هن جو جواب مليو ته ”ظاهر آهي ان مجبوري جي خبر
انهن کي هوندي جيڪي اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن“، اها مجبوري ته
حقيقي شڪل ۾ اڃا ظاهر نه ٿي آهي ته جيڪا ڳالهه”آن دي رڪارڊ“
آيل آهي، ان مطابق ته پيپلز پارٽي قومي مفاهمت واري پاليسي تي
هلندي ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ هڪ مڪمل امن ڀائيچارو ۽ سياسي ڌرين وچ ۾
ڪنهن هڪ ٽڪراءَُ واري پاليسي کان پري رهي ايم ڪيو ايم سان
ڳالهيون ڪري رهي آهي، بهرحال پ پ-ايم ڪيو ايم ڳالهين جي حوالي
سان ڏسجي ته اهو هڪ مثبت عمل آهي ۽ سنڌ ۾ هڪ بهتر سياسي ماحول
جڙڻ به وقت جي ضرورت آهي، پ پ ۽ متحده قومي موومينٽ وچ ۾
مفاهمت جون هلندڙ ڳالهيون ڪڏهن ڪڏهن ته مڪمل ويجهڙائپ طرف
پهچي وينديون آهن ته ڪڏهن ڪڏهن وري مڙئي هڪ ٻئي ڏانهن خير
سگالي جي جذبن جي اظهار تائين محدود هونديون آهن پر انهن
ڳالهين ۾ هر ڀيري ڪا نه ڪا اهڙي اختلاف راءِ سامهون ايندي آهي،
جنهن ڪري اهي ڳالهيون حتمي شڪل نه وٺي سگهنديون آهن، متحده
قومي موومينٽ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڪراچي جو اهو سلسلو اسلام
آباد منتقل ڪيو ويو، ڪالهه گادي واري شهر ۾ هڪ طرف ”پنجاب
هائوس“ ۾ پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پنهنجي اهم
حڪومتي اتحادي نواز شريف سان ججن جي بحالي واري معاملي تي
ڳالهيون ڪري رهيو هو ته ٻئي طرف ڀرسان ئي ”سنڌ هائوس“ ۾ پيپلز
پارٽي جا اڳواڻ متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري
رهيا هئا، اسلام آباد ۾ ٿيل ڪالهوڪين ڳالهين بابت ذريعن جو چوڻ
آهي ته ڳالهين ۾ بنيادي نڪتن تي اڃا به ڊيڊ لاڪ برقرار آهي،
باقي صرف اهو طئي ٿي سگهيو آهي ته مفاهمت وارو عمل جاري رهندو،
متحده قومي موومينٽ جا سمورا مطالبا ته شروع کان ئي پيپلز
پارٽي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، شروع ۾ متحده قومي موومينٽ
وارن جو مطالبو هو ته سنڌ جو گورنر نه هٽايو ويندو، ڪراچي ۽
حيدرآباد جي شهري سرڪار سان ڪا به ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي ويندي ۽ ايم
ڪيو ايم حقيقي خلاف اڳوڻي پاليسي برقرار رهندي، بهرحال ايم ڪيو
ايم ۽ پ پ وچ ۾ انهن مطالبن تي به ڳالهيون هلندڙ ئي هيون ته
پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي آءِ جي کي هٽائي شعيب سڊل کي
نئون آءِ جي مقرر ڪيو، شعيب سڊل جي اوچتي مقرري پ پ ۽ متحده وچ
۾ طئي ٿيل ڪجهه مفاهمتي عمل کي وڌيڪ پري ڪري ڇڏيو ۽ متحده قومي
موومينٽ شعيب سڊل جي مقرري تي سخت اعتراض واريندي ان کي هٽائڻ
جو مطالبو ڪيو، اهو مطالبو پيپلز پارٽي ڪنهن به ريت قبولڻ لاءِ
تيار ناهي، چون ٿا ته شعيب سڊل جي مقرري سميت ڪراچي شهر جي
سمورن پوليس عملدارن جي مقررين ۽ بدلين تي به متحده قومي
موومينٽ کي تحفظات آهن، اسلام آباد ۾ ٿيل ڪالهوڪين ڳالهين
کانپوءِ متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جو چوڻ
هو ته اها خوش آئنده ڳالهه آهي ته اسان جي وچ ۾ هڪ بهتر رويي ۽
مفاهمت واري پاليسي کي جاري رکڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، متحده
قومي موومينٽ جا سڀ کان اهم مطالبا موجوده گورنر کي برقرار
رکڻ، حقيقي خلاف اڳوڻي پاليسي جاري رکڻ ۽ ڪراچي، حيدرآباد جي
شهري سرڪارن ۾ ڪا به مداخلت نه ڪرڻ آهن جڏهن ته وزارتن وارو
معاملو ٻئي نمبر تي آهي، سياسي تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ٿي
سگهي ٿو ته متحده قومي موومينٽ سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ
ئي پ پ سان ويجهڙائپ، مفاهمت ۽ بهتر ورڪنگ رليشن شپ وارو عمل
جاري رکي، ڇاڪاڻ ته ڪالهوڪين ڳالهين مان اندازو اهو لڳائي
سگهجي ٿو ته متحده پنهنجا ٻيا مطالبا پورا ٿيڻ جي صورت ۾
وزارتون وٺڻ کانسواءِ ئي پ پ سان اتحاد ڪري سگهي ٿي. سياسي
تجزيه نگارن جي اها ڳالهه ڪيتري صحيح ثابت ٿئي ٿي ته اها ته
ڪجهه ڏينهن اندر ئي خبر پئجي ويندي پر هتي اها ڳالهه به اهم
آهي ته متحده قومي موومينٽ جي حڪومت ۾ شامل نه ٿيڻ سان اهڙو
امڪاني اتحاد گهڻي عرصي تائين برقرار نه رهي سگهندو، متحده
قومي موومينٽ طرفان شروع ۾ جن وزارتن جو مطالبو ڪيو ويو هو،
اهي وزارتون اڃا تائين خالي پيل آهن، صرف انهن مان ايڪسائيز
اينڊ ٽيڪسيشن واري وزارت تي مڪيش ڪمار چاولا جي مقرري ڪئي وئي
آهي، باقي ناڻو، صحت، آءِ ٽي ۽ ماحوليات سميت 11 وزارتن لاءِ
وزيرن جي مقرري اڃا ٿيڻي آهي، اها ڳالهه ظاهر آهي ته پيپلز
پارٽي هن وقت تائين اهي وزارتون متحده سان اتحاد جي صورت ۾
انهن مان ڪجهه وزارتون سندن حوالي ڪرڻ لاءِ ئي خالي ڇڏيون آهن،
پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ وچ ۾ اتحاد ٿي سگهي ٿو يا نه
يا اهو اتحاد ڪهڙين ڪهڙين شرطن تحت ٿئي ٿو پر پيپلز پارٽي
توڙي متحده قومي مووميٽ جي اڳواڻن جي سامهون سڀ کان اهم ڳالهه
سنڌ صوبي جي ترقي، سنڌصوبي جي رهواسين جي خوشحالي ۽ ڀائيچارو
ئي هجڻ گهرجي، جيڪڏهن متحده قومي موومينٽ جون پيپلز پارٽي سان
ڳالهيون ڪامياب نٿيون ٿي سگهن ۽متحده اپوزيشن ۾ ويهي ٿي تڏهن
به ٻنهي سياسي ڌرين کي سنڌ ۾ ڀائيچاري ۽ خوشحالي واري عمل کي
برقرار رکڻ گهرجي.
|