نئين حڪومت ۽ عوام جون اميدون!

الهورايو بوزدار

          هاڻ جڏهن ڪڻڪن جي لابارن جي مند آهي ۽ پورهيت ٻاررڙن جا پينگها ٽالهين  جي وڻن سان ٻڌي ڏاٽن سان ڪڻڪ جا سڱ لڻي رهيا آهن تڏهن سندن اکين ّ ۾ به اميدن جو هڪ فصل تيار ٿي رهيو آهي ۽ ان اميدن جي فصل جو واسطو پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي تي ٺهيل گڏيل حڪومت سان آهي جيتوڻيڪ عوام کي اڳ ۾ اها اميد هئي ته سندن عظيم ليڊر بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻجي ايوان ۾ ايندي ۽ سندن لاءِ اٽي لٽي ۽ اجهي جي مسئلن سميت ٻين اهنجن آزارن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي  بنيادن تي ڪم ڪندي پر عوام جي اکين ۾ سمايل اميدن جي اها دنيا راولپنڊي جي قاتل باغ جي دروازي تي گولين جي طوفان سان اجڙي وئي ۽ ان سانحي کان پوءِ عوام ڄڻ ته خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا، پر جڏهن روئيندڙ اکين جي اڳيان شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ووٽ جو سوال رکيو ته عوام ان جي موٽ ۾ پٺتي نهارڻ کان سواءِ ئي پ پ جي جهولي کي ووٽن جي خزاني سان ڀري تار ڪري ڇڏيو نه صرف اهو ته عوام پيپلز پارٽي کي تمام وڏو مينڊيٽ ڏنو پر ايوان ۾ پهچڻ کان پوءِ دوستن سان گڏ دشمنن ۾ به پيپلز پارٽي جي وزيراعظم جي تائيد ڪئي ۽ ائين شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي دنيا ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ نوان رڪارڊ ٺاهيندي وئي اڳ ۾ مسلمان دنيا جي پهرين عورت اسپيڪر بعد ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ايوان مان يڪراءَ طور تي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪندڙ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ هاڻ ايندڙ ڏينهن ۾ تاريخ  جي ورقن ۾ ڪهڙو اضافو ٿيندواهو پڻ عوام جي اکين ۾ سمايل اميدن جو حصو آهي، تاريخ جي ورقن ۾ اضافو ٿئي يا نه ٿئي پر عوام هن وقت هن حڪومت مان جيڪي اميدون رکي ويٺي آهي انهن جو پوراءُ نه ٿيڻ سان شهيد قائد جي شهادت جي غم ۾ چور چور ٿيل عوام کي وڌيڪ صدمو رسندو ، هڪڙي لحاظ سان صدمن جي ڄڻ ته ابتدا ٿي به چڪي آهي،ڇوته عوام کي به اميد هئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي پاپولر ليڊرشپ کي حڪومت سازي ۾ نظر انداز ڪرڻ سان ماڻهن جي اڪثريت مايوسي جو شڪار ٿي آهي خاص ڪري مخدوم امين فهيم ۽ شهيد بينطير ڀٽو جي ويجهن ساٿين کي نظرانداز ڪرڻ سان عوام جي دلين ۾ ڏک سان گڏ مايوسين ۽ سوالن به جنم ورتو آهي پر انهن سڀني ڳالهين کي پارٽي جي مٿين قيادت جي پاليسي  يا مصلحت سازي  سمجهي ماٺ رهندڙ عوام کي هاڻ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي مسئلن تي ڪنهن به مصلحت ڪرڻ جو موڊ ناهي، مجموعي طور تي سڄي ملڪ جي عوام کي اها اميد آهي ته پيپلز پارٽي عوام جي بنيادي مسئلن جهڙوڪ بدامني،بيروزگاري غربت مهانگائي لوڊيشيڊنگ وغيره کي ختم ڪندي يا گهٽ ڪندي ان سان گڏ خاص طور تي سنڌ جي عوام کي پيپلز پارٽي مان تمام گهڻيون اميدون وابسته آهن جن ۾ سنڌ جي عوام جي وڏي ۾ اها آس ۽ اميد آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ دشمن رٿا ڪالاباغ ڊيم کي هميشه جي لاءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ناڻي جي ورڇ مان سنڌ کي حقيقي جائز حصو ڏياريندي مسلسل نظرانداز ٿيل سنڌ جي نوجوانن کي ملڪي ادارن ۾ نوڪريون ڏيارڻ جي لاءِ خاص پيڪيج ڏياريندي ان سان گڏ سنڌ جو عام ماڻهو جيڪو هن وقت مهانگائي بيروزگاري بدامني جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي اها عوام جي اميد آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ان سلسلي ۾ تڪڙا اپاءَ وٺندي، عوام جڏهن پيپلز پارٽي کي مڪمل مينڊيٽ ڏيئي اقتدار جي ايوان تائين پهچايو ان مان پيپلز پارٽي جي قيادت کي اهو سمجهڻ کپي ته ماڻهو گذريل اٺن سالن دوران اڳين حڪومت جي ڪيل ڪارگذاري کان تنگ هئا عوام کي جيئن مداري وانگر اکين ۾ سرمو وجهي خوشحالي جا خواب ڏيکاريا پئي ويا غربت جي گهٽ ٿيڻ بابت موبائيل فونن جي وڪري کي مثال بڻائي دنيا کي ٻڌايو پئي ويو ته پاڪستان  ۾ عام ماڻهو ۾ غربت جي شرح گهٽ ٿي آهي هن حڪومت جي آخر ۾ اٽي جي لاءِ ٻاڏائيندڙ عوام جي هجومن کي ڏسي دنيا جي اڳيان به اهو واضح ٿي ويو ته ختم ٿيندڙ حڪومت عوام کي خودڪش حملن ۾ مرندڙ هزارين ماڻهن جي لاشن کان سواءِ ڪجهه به نه ڏيئي سگهي ۽ ويندي ويندي عوام کان سندن محبوب ليڊر کي به کسيو ويو ته ملڪ جي ماڻهن جي دلين ۾ اها به تمنا آهي ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هلندڙ آپريشنن واري عمل کي روڪي ملڪي عوام سان گولي جي ٻولي ڳالهائڻ جي بجاءِ ڳالهين ۽ مصالحت جي ذريعي مامرا حل ڪيا ويندا جهڙي نموني  وزيراعظم پنهنجي پهرين تقرير  ۾ سياسي قيدين جي آزادي جو اعلان ڪيو، اهو اعلان بلوچ قومپرست اڳواڻن جي آزادي سان گڏ ڊاڪٽر صفدرسرڪي ۽ ٻين سياسي قيدين جي آزادي جو سبب پڻ بڻبو انهن ملڪي مامرن سان گڏ عام ماڻهو هن وقت جنهن مصيبت ۾ ڦاٿل آهي، ان ۾ بدامني قبيلائي جهيڙا چوٽ چڙهيل آهن، ماضي ۾ سنڌ جي ٿاڻن کي مقامي سردارن جي اوطاقن ۾ تبديل ڪيو ويو هيو جتي ٿاڻن کان وٺي ننڍن پوليس چوڪين تائين ڀوتارن جا ڀرجهلو صوبيدار ۽ جمعدار مقرر ٿي عام ماڻهن جي لاءِ ڌرتي ٽامو  ڪندا رهيا هئا هاڻ عوام کي اها اميد آهي ته اها روش ختم ٿيندي ٿاڻن تي صوبيدار سفارش بجاءِ ميرٽ تي مقرر ٿيندا ڇوته سنڌ پوليس ۾ تمام گهڻا ذهين ۽ پروفيشنل پوليس آفيسر ۽ نوجوان اهلڪار آهن کين سدائين نظر انداز ڪيو ويندو رهيو آهي نه صرف پوليس ۾ پر سڀني ادارن ۾ اهڙا ذهين ۽ قابل ملازم آهن جيڪي وڏيرڪي پٺ نه هجڻ سبب نظرانداز ٿيندا رهيا آهن جنهن ڪري اهڙن ملازمن ۾ تمام گهڻي مايوسي جي فضا هئي ساڳي وقت سياسي بنيادن تي مقررين ۽ بدلين سبب به عام ماڻهو سخت پريشان رهيا آهن ماضي ۾ اتر سنڌ جي ماڻهن کي سياسي بنيادن تي ٿر بدلي ڪرڻ جو رواج وڌو ويو هيو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي هاڻوڪي حڪومت مان عام ماڻهن اها اميد آهي ته ماضي جي حڪومت وانگر انتقامي سياست کي ختم ڪيو ويندو جئين ته پيپلز پارٽي کي عوام جي اڪثريت ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو آهي تنهن ڪري پيپلز پارٽي مان عوام کي اها اميد آهي ته پ پ قيادت جي نظرن ۾ به ماڻهن جي سڃاڻ هڪڙي هوندي هاڻ جڏهن ق ليگ جنهن کي آصف علي زرداري شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سندس ٽيجهي تي ٿيندڙ پريس ڪانفرنس دوران قاتل ليگ سڏيو هيو هاڻ اها پارٽي به پيپلز پارٽي جي وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪري چڪي آهي ۽ پ پ سندن ووٽ کي مهربانين سان قبول ڪيو آهي ته هاڻ اهي ماڻهو جيڪي ماضي ۾ ڪنهن مجبوري يا مصلحت سبب ڪنهن ٻي ڌر سان گڏ هئا هاڻ اهي به پيپلز پارٽي جو حصو آهن سندن اٽي لٽي اجهي جو خيال پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو آهي سنڌ انتهائي ڏکي حالت مان گذري رهي ڪراچي ۾ عام سنڌي ماڻهن جي لاءِ ڌرتي سوڙهي ٿيندي وئي تعليمي ادارن مان مقامي سنڌي ماڻهن کي نيڪالي ڏني پئي وڃي سنڌي ماڻهن کي ڪراچي ۾ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي کين قتل ڪيو پيو وڃي ڪراچي جي ماڻهن ۾ سنڌ واسين کي مڪمل تحفظ ڏيارڻ روزگار ڏيارڻ جي لاءِ عوام جون پ پ ۾ اميدون وابسته آهن،سڄي سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن سبب روز ڪيئي ڪونڌر ڪسجي رهيا آهن گهرن  ۾ ماتم وارو ماحول آهي غريب مسڪين ماڻهو سواءِ ڪنهن ڏوه گناه جي گولين جو بک بڻجي پنهنجي پيارن کان هميشه جي لاءِ وڇڙي وڃن ٿا جڏهن ته اهڙن جهيڙن جا بار بار ٿيندڙ وڏيرڪا فيصلا به خوني تڪرارن اڳيان بند ٻڌڻ ۾ ناڪام ٿيندا ٿا وڃن هاڻ جڏهن هڪ جمهوري حڪومت جي ابتدا ٿي چڪي آهي ته عام ماڻهن کي اها به اميد آهي ته هاڻ هي حڪومت ماضي جي ڀيٽ ۾ قبيلائي جهيڙن دوران خاموشي اختيار ڪري عام ماڻهن کي سردارن ۽ ڀوتارن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيڻ بجاءِ قانون جي حڪمراني کي قائم ڪرڻ جي لاءِ سختي سان ڪوششون ڪندي هاڻ جڏهن خود پيپلز پارٽي جي وزيراعظم کان وٺي پارٽي جي چئرمين تائين هرڪنهن جو اهو نعرو آهي ته "ملڪ ۾ نيون جمهوري روايتون قائم ڪيون وينديون"ته اهڙيون روايتون ظاهر آهي اهڙيون هجڻ گهرجن جن مان عوام کي سڌو فائدو رسي ، سنڌ جيڪا مسلسل ماضي جي حڪمرانن هٿان نظرانداز ٿيندي رهي آهي ماضي جي حڪمرانن پنهنجي ذاتي اقتدار جي لاءِ سڄي سنڌ کي داءُ تي لڳائي سنڌ جي ناڻي پاڻي ۽ نوڪرين جي حقن تي راتا ها هنيا بدنصيبي سان سنڌ کي مسلسل اهڙا حڪمران مليا آهن جن ذاتي مفادن جي خاطر سنڌ کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو جڏهن جئين حڪمرانن کي وڻيو تيئن سنڌ جي قسمت جا سودا ڪيا ويا ويا اهي سنڌ جي ٻيٽن جا سودا هجن يا سنڌ جي ساحلي پٽي جا سودا هجن ڪڏهن هڪ پل جي لاءِ به نه سوچيو ويو ته سندن اهڙن عملن سان سنڌ کي ڪيترو نقصان ٿو رسي ، پ پ عوامي پارٽي هجڻ جي ناتي سنڌ جي انهن سڀني مسئلن ۽ مامرن کان باخبر آهي خاص ڪري گذريل دور ۾ ته پيپلز پارٽي جا اڳواڻ خود سنڌ جي اهڙن مسئلن جي لاءِ روڊن رستن تي سراپا احتجاج رهيا آهن کين سڄي صورتحال جي ڄاڻ آهي،جهڙي نموني سان ضلعي حڪومتن جي نالي تي سنڌ جي ضلعن کي سردارن ۽ ڀوتارن کي مال غنيمت طور ڏنو ويو ۽ ڀوتارن ضلعن جي عوام کي پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙي عوام جو رت ست ڪڍي کين بيوس بيحس ڪري ڇڏيو ايتري حد تائين جو عوامي احتجاجن کي به مسلسل نظرانداز ڪري عوام کان پنهنجي حقن جي لاءِ جمهوري جدوجهدن جو حق به به کسيو ويو هاڻ جڏهن  عوام پنهنجي مسلسل جاکوڙ جدوجهد سان پنهنجا اهڙا عيوضي چونڊيا آهن جن وٽ شخصي قد ڪاٺ بجاءِ هڪ نظرياتي سياسي پارٽي جو منشور آهي ته يقينن عوام کي اها اميد آهي ته ماضي جي ڀيٽ ۾ حڪمرانن تائين سندن پهچ آسان ٿيندي ۽ سندن دادرسي ۾ هاڻ دير نه ٿيندي مکيه ڳالهه جنهن بنيادن تي شهيد بينظير ڀٽو وطن ورڻ بعد پنهنجي اليڪشن مهم جي ابتدا ڪئي هئي اهو عوام کي هرحال ۾ رليف پهچائڻ وارو عزم هيو ان عزم ۾ عوام کي سستي اگهه تي صرف اٽو ئي نه پر کائڻ پيئڻ جون سڀ شيون فراهم ڪرڻ جو عزم شامل هيو ان نقطي تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي ڇوته هن وقت پيپلز پارٽي هڪ سانحي مان گذري رهي آهي هڪ اهڙو سانحو جنهن پارٽي کان عظيم قائد کسيو اها پارٽي اقتدار ۾ اچي جيڪڏهن پنهنجي قائد جي چونڊ مهم واري منشور کي پٺي ڏي ته اهو عوام جي لاءِ هڪ ٻيو سانحو هوندو.