اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

زندگي جي روشني منزل

 

 رپورٽ: امبرين هيسباڻي ۽ نيلم شيخ

                ”ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪي اکين جون ڪئمپون لڳن ٿيون، انهن ۾ ٿيندڙ آپريشن وارن مريضن جا سور وري اسان کي ڀوڳڻا پون ٿا، ڇاڪاڻ ته اتي ڊاڪٽر توڙي لوڪل اڳواڻ سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئمپ هڻايو عارضي بنيادن تي ٺهيل آپريشن ٿيٽر ۾ اکين جو آپريشن ته ڪرايو ڇڏين ٿا پر اهي مريض ان آپريشن جي پوءِ وارن سورن جي ڀوڳنا جو درد کڻي اسان وٽ پهچن ٿا، ڇاڪاڻ ته آپريشن ۽ اهو به اک جو هجي ته ان لاءِ ڪئمپ جو او ٽي ڪنهن به صورت ۾ مناسب ئي ناهي.“ حيدرآباد جي سينٽرل جيل سامهون اکين جي 100 بسترن واري جديد اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ماهر ڊاڪٽر هڪ شڪايتي لهجي ۾ ٻڌائي ٿو ته ”هيڏي جديد توڙي هر سهولت واري اسپتال هجڻ باوجود مريض هن اسپتال ۾ اچڻ بدران وري به انهن ڪئمپن جو رخ ڪن ٿا.“ هو پنهنجي شڪايت جاري رکندي چوي ٿو. حيدرآباد ۾ اکين جي اسپتال جي ڊاڪٽر جي اها ڳالهه درست ضرور آهي پر ان جو مشاهدو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته حيدرآباد جي سول اسپتال سان لاڳاپيل هن اکين جي اسپتال ۾ اهي جديد سهولتون ميسر  آهن، جيڪي صرف ڪراچي جي هڪ ٻن اسپتالن ۾ موجود آهن، او پي ڊي ۾ روزانو اٽڪل 3 سئو اکين جي بيمارين جا مريض هن اسپتال ۾ علاج لاءِ اچن ٿا. ”اسان جي خواهش آهي ته هتي روزانو هزار کان وڌيڪ مريض اچن، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اسپتال ۾ سموريون جديد ڪمپيوٽرائيزڊ مشينون موجود آهن، پوءِ انهن جو فائدو غريب عوام کي ملڻ ئي گهرجي، هتي ايندڙ روزانو سوين مريضن کي مفت ۾ نظر ٽيسٽ ڪري چشما به ڏنا ويندا آهن. اکين جي اسپتال جو ايڊيشنل ايم ايس ڊاڪٽر عزيز احمد قريشي ٻڌائي ٿو. ٻهراڙين ۾ عام طور تي اسان وٽ اهو تاثر آهي ته ”هاڻي اک ۾ ڪارو پاڻي اچي ويو، ان جو علاج نه ٿيندو.“ پر جديد  سائنسي دور ۾ ان ڪاري پاڻي جو علاج به ڳولي لڌو ويو آهي پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته اهو مرض اڃا شروعاتي عمل ۾ هجي، اکين جي بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر اهو به ٻڌائين ٿا ته ڪارو پاڻي 40 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن جي اکين ۾ هرگز نه ٿيندو آهي، تنهن ڪري 40 سالن جي عمر کانپوءِ پنهنجي اکين جي چڪاس ضرور ڪرائڻ گهرجي. حيدرآباد جي هن جديد سرڪاري اکين جي اسپتال ۾ ٽيڏي اک Squint جو علاج ڪيو وڃي ٿو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته 9 سالن جي عمر تائين ٽيڏي اک وارن ٻارن جو علاج ممڪن آهي، ان جي ٽيڏائپ ختم ٿي سگهي ٿي. اک جي اندرئين تهه کان وٺي ٻاهرين تهه کي جديد ڪمپيوٽرائيزڊ مشينن وسيلي علاج جي سهولت ڏيندڙ هن اسپتال ۾ فنڊس ڪئمرا وسيلي اک جي اينجو گرافي ڪئي وڃي، ان جي اندرين تهه ۾ بلڊ ويسلز جي ليڪيج وغيره چڪاسي وڃي ٿي. Vag  ليزر وسيلي پوسٽيريئر ڪئسپول جي صفائي ڪئي وڃي ٿي، ان سان گڏوگڏ پيري ميٽر ذريعي اک ۾ ڪاري پاڻي Glaucomaچڪاسيو وڃي ٿو ۽ ساڳئي وقت ايئر پرف ٽونو ميٽر، پيڪي ميٽر توڙي ٽوپو گرافي جا اوزار به هن اسپتال ۾ موجود آهن، ٻهراڙين ۾ عام تاثر هوندو آهي ته جون ۽ جولاءِ وارن گرمين جي مهينن ۾ اک جو آپريشن نه ڪرائجي پر اکين جا ماهر ڊاڪٽر انهيءَ ڳالهه کي رد ڪندي چون ٿا ته اهو ڪانسيپٽ بلڪل غلط آهي، اسان وٽ ته سال جا 12 ئي مهينا آپريشن ٿيندا آهن، اهو صرف عام ماڻهو وٽ غلط تاثر ويهاريو ويو آهي پر ان جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ناهي. حيدرآباد جي اکين واري اسپتال ۾ اک جو لينس به تبديل ڪرڻ جي سهولت موجود آهي. ”ڪراچي جي اسپتالن ۾ لينس تبديل ڪرڻ تي 75 هزار رپين کان وٺي هڪ لک رپين تائين خرچ اچي ٿو پر اسان وٽ مريض جا صرف لينس خريد ڪرڻ جو خرچ اچي ٿو، جيڪو 18 سئو رپين کان وٺي 2 هزار رپين تائين آهي.“ اکين جي اسپتال جو اي ايم ايس ٻڌائي ٿو. هونئن ته هي سرڪاري اسپتال آهي ۽ دوائون وغيره سرڪاري فنڊ مان مهيا ڪيون وڃن ٿيون پر ساڳئي وقت زڪوات فنڊ جي رقم مان به دوائون، لينس وغيره مهيا ڪيون وڃن ٿيون. هن اسپتال ۾ ريسرچ ليبارٽري سان گڏوگڏ لائبريري به آهي. علاج جي سهوليتن سان گڏوگڏ هي هڪ ٽيچنگ اسپتال به آهي. اسپتال ۾ اکين جو ٻه ڏينهن اڳ آپريشن ڪرائيندڙ مريضه فاطمه ٻڌائي ٿي ته اسان هتي هالا ناڪي خورشيد ڪالوني کان آيل آهيون ۽ مون کي اکين ۾ لڳاتار سور، مٿي ۾ سور جي شڪايت رهندي هئي. هن اسپتال ۾ اسان پهريون ڀيرو آياسين ۽ ڊاڪٽر هر ڪنهن کي نمبر وار ڏسن ٿا. هڪ ٻي عورت زبيده ٻڌائي ٿي ته چار سال گذريا آهن، منهنجي ويجهي جي نظر ڪمزور آهي، تنهن ڪري مان هتي علاج ڪرائڻ آئي آهيان، پهريون ڀيرو هن اسپتال ۾ آئي آهيان، هتي ڪابه مشڪل نه آهي، هتي فيس به نٿي ورتي وڃي. هڪ پيرسن عورت جميله ٻڌايو ته مون ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي مان اک جو آپريشن ڪرايو هو، مون ڪنهن ڪئمپ مان نه بلڪه هڪ اسپتال مان ئي آپريشن ڪرايو هو، هتي جا ڊاڪٽر چون ٿا ته توهان جي اک جو آپريشن صحيح نه ٿيو آهي، اهي چون ٿا ته ڌنڌ آهي ۽ ٽانڪا ڪٽيل نه آهن، 6 مهينن گذرڻ باوجود اڃا به مون کي ڌنڌلو نظر اچي ٿو ۽ اکين ۾ تڪليف به ٿئي ٿي، منهنجي اک ڳاڙهي ٿي وڃي ٿي. مان پهريون دفعو هن اسپتال ۾ آئي آهيان، هتي چيڪ اپ به مفت آهي ۽ دوائون به مفت ٿا ڏين. اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي ڪمري ٻاهران ڪنڊ پاسي ويٺل اکين جي بيماري ۾ ورتل 12 سالن جو ڇوڪرو قاسم ٻڌائي ٿو ته منهنجي اک چمڙي جي بيماري جي ڪري خراب ٿي پئي آهي، هن اک جي نظر به ڪمزور ٿي ويئي آهي، مان پهريون ڀيرو هن اسپتال ۾ آيو آهيان. اسپتال جي پاسي بئنچ تي ويٺل هڪ عورت ٻڌائي ٿي ته مان پنهنجي پيرسن پيءُ جي اکين جو علاج ڪرائڻ آئي آهيان، اسان هتي پهرين به ٻه دفعا آيا آهيون، ڊاڪٽر چون ٿا ته اکين جو آپريشن ٿيندو. آپريشن ڪرائي ايندڙ هڪ عورت نفيسا جنهن کي آپريشن ڪرائي 15 منٽ مس ٿيا هئا، ان جي مائيٽياڻي ٻڌايو ته هن جي اک خراب ٿئي 5-6 مهينا گذريا هئا، هتي سڀ سهولتون آهن. هتي اسان کي آپريشن ڪرڻ کان پهرين پڇيو هئين ته جيڪڏهن توهان آپريشن جو خرچ افورڊ ڪري سگهو ٿا ته ڪريو جيڪڏهن نٿا ڪري سگهو ته پوءِ آپريش فري ۾ ڊونيشن تي ڪيو ويندو. ٿاڻي بولاخان کان آيل هڪ مريضه ٻڌايو ته هتي اسان کي 4 ڏينهن ٿيا آهن، آپريشن خير سان ٿي ويو آهي، هاڻي ڊاڪٽر موڪل ڏين، هاڻي مون کي صحيح نظر پوي ٿي، پهرين نظر ڪمزور هئي پر هاڻي آهستي آهستي نظر صحيح ٿيندي ٿي  وڃي.