اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ججن  جي بحالي جو اشو

گوهر گهانگهرو

 

                ملڪي تاريخ شاهد آهي ته حڪمرانن هر دور ۾ پنهنجي مفادن پٽاندڙ ئي قانون سازي ڪئي آهي، جنهن حڪومت کي سوٽ ڪندو آهي، اها پنهنجي حق ۾ قانونسازي لاءِ جاکوڙ ڪندي آهي، جيئن گذريل حڪومت ۾ تيزي سان قانونسازي ڪئي وئي، صدر پرويز مشرف دور ۾ قانونسازي دوران سندس مضبوطي ۽ مستحڪم ٿيڻ ۾ مدد فراهم ڪئي. ايل ايف او 18 ترميم ذريعي صدر پرويز مشرف پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ لاءِ پنهنجا ساٿي گڏ ڪيا، سڌي ۽ اڻ سڌي انهن قدمن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ مدد حاصل ڪئي. جيئن 17هين ترميم ڪئي وئي، جنهن لاءِ نه صرف حڪومتي بينچن ان قدم جي سپورٽ ڪئي پر مذهبي پارٽين جي اتحاد متحده مجلس عمل اڻ سڌي طرح ان جي سپورٽ ڪري صدر پرويز مشرف جي صدارتي عهدو رکڻ ۽ عهدي کي قانوني بڻائي ڇڏيو. اهي سڀ اهڙا پهلو آهن، جيڪي آئينو ڏيکارين ٿا ته آئين ۽ قانون جي شڪل تبديل عوام لاءِ ڪئي وڃي ٿي يا پنهنجي شخصي فائدي لاءِ، اهڙو حساس عمل ۾ اچي ٿو. هتي سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ کي جڙي 60 سال کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي پر آئين ۽ قانون جي ڇانو عوام جي مٿان نه پئجي سگهي آهي ۽ نه ئي ان جو ڦل انهن کي ملي سگهيو آهي، جنهن کي ملڻ گهرجي، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته قانون ۾ ترميم وقت سنجيده سياسي پارٽيون شامل هونديون آهن. انهن جون پاڙون عوام ۾ هونديون آهن پر سندن فيصلي تي نظر ڦيرائينداسون ته پتو پوي ٿو ته ان حمايت ۽ قانونسازي جو عوام سان ڪو به واسطو ناهي، جيئن ايم ايم اي 17هين ترميم ۾ صدر مشرف جو ساٿ ڏنو ۽ اڄ کين پڇتاءُ آهي ته سندن اها وڏي غلطي هئي، جنهن سبب عوام اڄ به ڀوڳي رهيو آهي.پاڪستان جي 60 ساله عمر ۾ اڄ تائين جيڪي آئين ۾ ترميمون ڪيون ويون ۽ قانونسازي ڪئي وئي آهي، ان تي عوام کي اعتماد ڪونهي، سنجيده حلقا ان کي اڻٽر قرار ڏئي رهيا آهن ته موجوده آئين ۽ قانون جي شڪل جو قبلو درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته عدليا جي آزادي ۽ ججن جي بحاليءَ وارو سوال نه صرف اڀريو آهي پر ان پٺيان وڪيلن جي وڏي تحريڪ ۽ عوامي حمايت موجود آهي. گذريل حڪومتن ۾ ججن کي هٽائڻ، پي سي او تحت حلف نه کڻي گهر ويهڻ وارا معاملا پراڻا آهن پر ججن جي بحاليءَ بابت پهريان ايڏو گوڙ ڪڏهن به نه مچايو ويو، 9 مارچ تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري خلاف ريفرنس اچڻ بعد عوام رستن تي نڪري آيو، ان جو سبب اهو به آهي ته هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي ان وقت جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف کيس جي ايڇ ڪيو ۾ سڏائي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو. صدر جنرل پرويز مشرف جي قدمن کي ناپسند ڪرڻ وارن رد عمل ڏيکاريو، ٻيو ته چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري اهڙو سپريم ڪورٽ جو جج آهي، جنهن عام ماڻهن کي انصاف ڏنو، خاص طور تي انساني حقن جي خلاف ورزين تي جيڪي پاڻمرادا نوٽيس ورتا،ان سان عوام لاءِ چيف جسٽس هڪ محبوب جج بڻجي ويو، سياست جي سين کان واقفيت رکندڙن کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته ڪا به تحريڪ اوچتو نه اڀرندي آهي، تحريڪ لاءِ سالن ۽ صدين جو هوم ورڪ گهربل هوندو آهي پر وڪيل تحريڪ اوچتو اڀري ۽ عوامي حمايت جو هڪ سمنڊ کڻي اڳتي وڌي. عوامي پريشر سبب چيف  جسٽس کي بحال ته ڪيو ويو پر سندس انصاف فراهم ڪرڻ وارو پراڻو رويو تبديل نه ٿيڻ سبب ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ٻيهر پي سي او تحت حلف نه کڻندڙ ججن کي عهدن تان هٽايو ويو. عوام ۾ ججن جي بحاليءَ ۾ دلچسپي آهي، ان سبب مسلم ليگ نواز پنهنجي چونڊ ايجنڊا ۾ ججن جي بحالي وارو نقطو رکيو  عوام سان ڪيل اهڙو واعدو پورو ڪرڻ لازم ٿي ويو آهي ۽ جڏهن هاڻي حڪومت ۾ مسلم ليگ به شامل آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي به دٻيل لفظن ۾ ججن جي بحالي جي ڳالهه ڪندي رهي آهي. اعلانِ ڀوربن ۾ ججن جي بحالي جي حوالي سان اعلان ڪيو ويو ته 30 ڏينهن ۾ ججن کي بحال ڪيو ويندو. اهڙي اعلان کي عوام ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي پر حڪومت اهڙو اعلان ڪري پاڻ ڦاسي پئي آهي، هاڻي حڪومتي اتحادي پارٽيون آئيني پيڪيج جون ڳالهيون ڪري رهيون آهن، سينيئر آئيني ماهرن ۽ قانوندانن جو چوڻ آهي ته آئيني پيڪيج جي ڳالهه ڪري حڪومت ججن جي معاملي کي اينگهائي رهي آهي، جڏهن ته آئيني اصلاحات ته بعد ۾ آڻي سگهجن ٿا. هن وقت اتحادي پارٽيون ججن جي بحالي جي حوالي سان ڪليئر ناهن، ڇو ته هن وقت حڪومتي اتحادي پارٽين ۾ جي يو آءِ ۽ اي اين پي هن وقت اڻ ڌري ٿي وئي آهي ته ججن جو معاملو پاڻ ڄاڻيو، جيڪو وڻي سو ڪيو ۽ اسان بحال ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ بابت راءِ ڏئي تڪراري ٿيڻ بدران اهو معاملو ٻن وڏين حڪومت پارٽين پ پ ۽ نواز ليگ جي حوالي ڪيو ويو آهي. هاڻي سوال اهو اڀري رهيو آهي ته جيڪڏهن پ پ ۽ نواز ليگ ٻئي ججن کي بحال ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ سندن بحالي ۾ بار بار دير ڇو ٿي رهي آهي، اختلاف نه آهي ته قسمين قسمين ۽ رنگ به رنگي ڪاميٽيون ٺاهي، بعد ۾ معاملا ڊيڊ لاڪ جو شڪار ڇو ٿي وڃن ٿا. ججن جي بحاليءَ جي حوالي سان مسلم ليگ (ن) سربراهه ۽ پ پ شريڪ چيئرمين آصف زرداري 2 ڀيرا الڳ الڳ ۽ معاونن سميت ملاقاتون ڪيون ۽ ان مامري کي سلجهائڻ بابت بحث ڪيو پر ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچي سگهيا. پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته آئيني پيڪيج ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جي سينارٽي هاءِ ڪورٽ جي مدت کان ڳڻي وڃي، جڏهن ته مسلم ليگ نواز ان تي راضي ناهي، ڇو ته ائين ڪيو ويو ته چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جونيئر ٿي ويندو ۽ جسٽس فلڪ شير جي سينارٽي پهرين نمبر تي اچي ويندي. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته پوءِ مائنس افتخار چوڌري واري فارمولي کي هٿي ملندي. جيڪو حل عوام جي خواهشن پٽاندڙ بلڪل ڪونهي، اهڙو فارمولو مسئلي جو حل نه پر مسئلو وڌيڪ اينگهائجي ويندو. ڪالهه نواز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ به ججن جي بحالي جي حوالي سان ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچي سگهيا آهن ۽ ججن جي بحالي وارو معاملو ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويو آهي، اهو به صاف ظاهر آهي ته پ پ ۽ نواز ليگ ججن جي بحالي تي مڪمل اتفاق نه ٿي سگهيو آهي ۽ هو هن وقت تائين واضح ناهن. ڪالهه واري ملاقات ۾ معاملا حل نه ٿيڻ ڪري ججن جي بحالي لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن معاملي کي اينگهائڻو هجي ۽ آهستي آهستي ان اشو کي ٿڌو ڪرڻو هجي ۽ عوام کي فوري ۽ بهتر آسرو ڏجي يا ائين کڻي چئجي مسئلو حل نه ٿيڻ جهڙو هجي ته پاڻ تان بار لاهي معاملو ڪاميٽي جي حوالي ڪري ڇڏجي، هاڻي ڏسجي ته حڪمران اتحاد ججن جي بحالي لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي، اها عوام سان واعدو پورو ڪرڻ ۽ عوام جي خواهش پٽاندڙ معاملو سلجهائي ٿي يا اها ڪاميٽي اتحاد ۾ وڌيڪ ويجهڙائپ وڌائيندي يا وڇوٽين ۾ اضافو ٿي ويندو. ڏسون ڪاميٽي جا ڪارگذاري ڇا ٿي بيهي.