اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

شبير ڀٽو

 

                سپريم ڪورٽ پاران اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ گريجوئيشن جو شرط ختم ٿيڻ سان سڀ کان وڌيڪ اهي خاندان خوش ٿيا آهن  جن جا سياست ڪندڙ ماڻهو اهڙي شرط لاڳو ٿيڻ کان اڳ ۾ چونڊ سياست جو سرگرم حصو رهيا آهن ۽ مختلف چونڊن ۾ کٽنيدا ۽ هارائيندا رهيا آهن ۽ ان شرط لاڳو ٿيڻ جي ڪري اهي سياستدان چونڊ وڙهڻ واري خانداني روايت کي جاري رکي نه سگهيا هئا ۽ گذريل ٻن عام چونڊن دوران اهي چونڊ منظر نامي مان گم ٿي ويا هئا پر پوءِ به انهن جو خاندان ڪڏهن  به چونڊ واري منظر نامي کان آئوٽ نه رهيو آهي ان ڪري جيڪڏهن پير پاڳارو گريجوئيشن واري شرط جي ڪري چونڊ ۾ حصو نه وٺي سگهيو ته سندس پٽ صدر الدين شاهه ان چونڊ منظر نامي جو حصو رهيو ۽ ڪامياب ٿيو اها ٻئي ڳالهه آهي ته صدرالدين شاهه راشدي جي ڊگري کي ڪورٽ ۾ چئلنج ڪيو ويو اهڙي طرح اڳوڻو نگران وزير اعظم غلام مصطفيٰ خان جتوئي ته گريجوئيشن شرط سبب ڪنهن به تڪ  تان چونڊ نه وڙهي سگهيو پر سندس پٽ غلام مرتضيٰ خان جتوئي وري به اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو پر ٻيا ڪيترئي سياستدان  قبائلي سردار ۽ وڏيرا جيڪي پاڻ يا سندن فوت ٿي ويل وڏا(پيءُ، چاچا) سدائين چونڊن ۾ حصو وٺندا رهيا سو ان شرط سبب آئوٽ ٿي ويا ۽ سندن خاندان ۾ به ڪو ٻيو به پڙهيل لکيل گريجوئيٽ ماڻهو نه هو جيڪو خانداني روايتن کي نڀائيندي چونڊ ۾ حصو وٺي ها اهڙن سياستدانن ۾ نوشهروفيروز ضلعي سان تعلق رکندڙ رحمت الله بهڻ، جيڪب آباد ضلعي سان تعلق رکندڙ بابل خان جکراڻي، نوابشاهه ضلعي سان تعلق رکندڙ سردار خان محمد ڏاهري ۽ شڪارپور ضلعي سان تعلق رکندڙ سردار همت علي ڪماريو شامل آهن تازو ٿيل عام چونڊن ۾ پ پ جو مرڪزي اڳواڻ اسلام الدين شيخ به ان شرط جي ڪري چونڊ منظر نامي مان آئوٽ ٿي ويو هن بي اي جو امتحان به ڏنو پر وقت سر اهو نتيجو نه اچڻ ڪري هو چونڊ ۾ حصو نه وٺي سگهيو ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ نعمان اسلام شيخ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو، اتر سنڌ جي مشهور پيراڻي گادي ڀر چونڊي شريف جو گادي نشين ميان عبدالخالق آف ڀر چونڊي شريف به چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو خواهشمند هئڻ جي باوجود حصو نه وٺي سگهيو گهوٽڪي ضلع مان چونڊ وڙهندڙ احمد يار خان شر گريجوئيشن واري شرط سبب عدالتي ڪارواين جي ڪري پنهنجي چونڊ مهم رڳو چونڊ واري ڏينهن 18 فيبروري کان 8 ڏينهن اڳ ۾ عدالت پاران اجازت ملڻ بعد شروع ڪري سگهيو سندس ڊگري کي جعلي قرار ڏيڻ لاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن جو آخر ۾ فيصلو احمد يار خان شر جي حق ۾ ڏنو ويو پ پ جو مرڪزي اڳواڻ عبدالستار بچاڻي به هن شرط جي ڪري چونڊ عمل ۾ شريڪ نه ٿيو ۽ سندس خاندان سان تعلق رکندڙ هڪ عورت چونڊ وڙهي اهڙي طرح سان گريجوئيشن واري شرط ختم ٿيڻ سان راڻيپور جي درگاهه واري پير عبدالقادر شاهه جيلاني لاءِ به هاڻ رستو هڪ ڀيرو ٻيهر کلي ويو آهي ۽ هو ايندڙ چونڊن ۾ اميدوار طور شريڪ ٿيندو گريجوئيشن جي شرط ختم ٿيڻ سان رڳو سنڌ نه پر پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد ۾ به هڪ ڀيرو ٻيهر روايتي سياسي خاندانن کي فائدو رسندو ۽ اهي روايتي اميدوار جيڪي گذريل ٻن چونڊن ۾ اميدوار طور نه بيهي سگهيا، سي هڪ ڀيرو ٻيهر اميدوار طور چونڊ وڙهندا پوءِ کٽين يا هارائين تنهنجو فيصلو عوام ڪندو بحرحال ايندڙ چونڊن ۾ پيرپاڳارو، غلام مصطفيٰ خان جتوئي، رحمت الله بهڻ، عبدالستار بچاڻي، سردار خان محمد ڏاهري، بابل خان جکراڻي، اسلام الدين شيخ،  پير عبدالقادر شاهه جيلاني، ميان عبدالخالق آف ڀرچونڊي شريف، سردار همت علي ڪماريو ۽ ٻيائي ڪيترائي سياستدان، سردار ۽ وڏيرا اميدوار طور چونڊ ۾ حصو وٺندا، هن شرط ختم ٿيڻ سان ملڪ جي پڙهيل لکيل ماڻهن کي ڪا به خوشي ڪا نه ٿي آهي ۽ عام طور تي سندن اها راءِ آهي جنهن جو هو ڪورٽ جي فيصلي اچڻ بعد کلي عام اظهار به ڪري رهيا آهن ته اهڙي فيصلي سبب گهٽ پڙهيل ماڻهو جن جو رڪارڊ عوام جي خدمت ڪرڻ جيحوالي سان سدائين تنقيد جوڳو رهيو آهي سو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي اثررسوخ ۽ روايتي چونڊ وڙهڻ وارن  طريقن سان ڪامياب ٿي سگهن ٿا پر هن ملڪ جو عوام هاڻ گهڻو باشعور ٿي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن موجوده جمهوري حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو جمهويت مٿان راتاهو نه هنيو ويو پارليامينٽ سڀ کان مضبوط اداري طور پاڻ کي مڃائي ورتو، سياسي اڳواڻن ۽ سياسي پارٽين سهپ ۽ رواداري وارين روين کي همٿايو ۽ مضبوط ڪيو ته پوءِ اڻپڙهيل، گهٽ پڙهيل ۽ آزمايل سياستدانن ، وڏيرن ۽ سردارن لاءِ چونڊ ۾ سوڀارو ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو ۽ يقينن قابل، پڙهيل لکيل عوام دوست ۽ جمهوريت پسند ماڻهو ئي ڪامياب ٿيندا.