عورتن لاءِ ڪمائيندي گنجا ٿي ويا آهيون،”ننڍي هوندي امان بُجا ڏيندي هئي، هاڻ زال بُجا ڏئي ٿي“ :سنڌ اسيمبلي ۾بچل شاهه جي جملي تي ٽهڪڙو

ڪراچي (بيورو رپورٽ)سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالهه نوڪرين ۾ عورتن جي ڪوٽا 33 سيڪڙو رکڻ واري ٺهراءَ تي مرد ميمبرن ڀوڳ چرچا به ڪيا، جنهن تي ٽهڪڙا ٻڌڻ ۾ ايندا رهيا. سرڪاري ڌر جي سيد بچل شاهه جيلاني چيو ته اسان عورتن لاءِ ڪمائيندي ڪمائيندي گنجا ٿي ويا آهيون. هن چيو ته جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته امان ”بُجا“ ڏيندي هئي ۽ هاڻ زال بُجا ٿي ڏئي. هن چيو ته ننڍي هوندي ماءُ مٿي تي هڙون کڻايون هاڻ زالون ٿيون کڻائين، بلوچستان ۾ الائي ڪنهن عورتن ماريون آهن، پر هتي اسان کي عورتون ائين گهوري گهوري ڏسن ٿيون، ڄڻ اهي عورتون اسان ماريون هجن، سينيئر وزير پير مظهر الحق چيو ته اسان کي خبر نه هئي ته سيد بچل شاهه سان اهڙو لقاءَ آهي. سائين اسان لاءِ احترام جوڳو آهي پر هتي گهر جون ڳالهيون ته نه ڪري، جنهن تي بچل شاهه چيو ته منهنجو گهر پير صاحب جي گهر جي ڀرسان آهي ۽ مون کي به سڄي خبر آهي جنهن تي ايوان ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.