|

ستار سروهي
ڪراچي جي رستن تي هڪ ڀيرو ٻيهر وحشت ۽ درندگي ۽ دهشتگردي جو
راڄ هو، هر طرف دونهون ۽ باهيون هيون، ڏور تائين شهر ۾ افرا
تفري، ڀڃ ڊاهه ۽ ڀاڄ جو منظر هو، خوف ۾ مبتلا روشنين جي شهر جا
ماڻهو پنهنجي جان جي خودساخته امان حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي گهرن
ڏانهن ڊوڙي رهيا هئا، بلڪل ئي ان وقت ڪٿي به انتظامي واهر نظر
نه اچي رهي هئي ۽ چند اهلڪار ئي هئا، جن مان ڪن کي فائر ڪندي
ڏٺو ويو. 12 مئي واري واقعي کانپوءِ ڪراچي ۾ دهشتگردن جو اهو
پهريون واقعو هو، جنهن ۾ بندوق جي زور تي خون جي هولي کيڏي وئي.
18 فيبروري جي عوامي انقلاب ذريعي بدلجندڙ سياسي منظر کانپوءِ
حڪومت سازيءَ جو شروع عمل اڃا مڪمل طور تي تڪميل تي به نه پهتو
آهي ته ملڪ اندر هڪ ڀيرو ٻيهر خوف ۽ ڏهڪاءُ جي فضا قائم ٿي رهي
آهي. هڪ ڀيرو وري عوام جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو آهي. ائين لڳي ٿو
ته ڪو ڳجهو هٿ آهي، جيڪو موجوده سياسي صورتحال کي پيچيده بڻائڻ
۽ اقتدار جي منتقلي واري هن عمل ۾ حاڪميت جي منصب تي ويهندڙ
نون سياسي اڳواڻن لاءِ ڪي سنگينيون پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. سنڌ
اسيمبلي ۾ ارباب غلام رحيم کي موچڙا لڳڻ وارو واقعو، بلڪل ئي
ٻئي ڏينهن تي لاهور ۾ شيرافگن نيازي تي وڪيلن جي گهيراءُ واري
وقت نيازي جي ڳچيءَ تائين پهچندڙ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس مبينا
اهلڪارن جا هٿ ۽ وري ٽئين ڏينهن تي ڪراچيءَ ۾ اوچتو ڇڙي پيل رت
جي راند، باهين ۽ دهشتگردي جي انهيءَ واقعي کي معنيٰ خيز ئي
چئي سگهجي ٿو. هڪ طرف جڏهن اڃا ملڪ جي صوبن اندر حڪومتن جي
جوڙجڪ جو مرحلو مڪمل ئي نه ٿيو آهي ته هڪٻئي پويان سياسي
بيچيني ۽ افراتفري پيدا ڪرڻ وارن انهن واقعن کي گهڻ رُخي
پسمنظر ۾ ڏسجي ٿو ته ائين لڳي ٿو ته ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر
جمهوريت جي پٽڙي تان لاهڻ جون ڄڻ ته سازشون ٿي رهيون آهن. جيئن
ته هن موجوده صورتحال ۾ نئين سياسي اتحاد جي اعلانِ مري تحت
جسٽس افتخار محمد چوڌري سميت سمورن ججن کي بحال ڪرڻ جو مُدو
نئين حڪومت جي جڙڻ جي 30 ڏينهن اندر مڪمل ٿيڻو آهي ۽ اهو اسان
سڀ ڄاڻون ٿا ته وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جڏهن 25 مارچ تي
پنهنجي عهدي جو حلف کنيو ته ان کان وٺي ججن جي بحاليءَ لاءِ
ڏنل سياسي اتحاد جي الٽيميٽم جي ابتي ڳڻپ به شروع ٿي ويئي آهي.
هڪ اهڙي حساس موقعي تي جڏهن وڪيلن پنهنجي سال کان وڌيڪ هلندڙ
شاندار ۽ نتيجا خيز تحريڪ کي رڳو ان ڪري ماٺو ڪري ڇڏيو آهي ته
جيئن نئين حڪومت جمهوريت جي قيام کانپوءِ پنهنجا پير ڄمائي
سگهي ۽ پارليامينٽ کي ان جو مڪمل وقت ڏنو وڃي ته اها مقرر مُدي
اندر ججن جي بحاليءَ لاءِ ڪو فيصلو ڪري سگهي. 12 مئي واري
واقعي جي پسمنظر ۾ به ڪجهه اهڙيون ئي حالتون هيون، اهو واقعو
به ٺيڪ ان وقت پيش آيو، جڏهن جسٽس افتخار محمد چوڌري جي 9 مارچ
تي هڪ ريفرنس ذريعي ٿيل برطرفي وارو ڪيس سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ
۾ ٻڌڻي هيٺ آخري مرحلي ۾ هو، تڏهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري
جڏهن هاءِ ڪورٽ بار ۾ خطاب لاءِ اسلام آباد کان ڪراچي پهتو ته
ڪراچي ۾ تاريخ جي بدترين دهشتگردي جو واقعو پيش آيو. شهر
انساني رت سان وهنجاريو ويو، چئوطرف هٿيارن جو ناچ هو ۽ بس
انساني لاشا ۽ آدم جي اولاد جو زخمي روح رڙيون ڪندو رهيو. 12
مئي واري ڏينهن به ڪراچي ۾ انتظاميا نظر نه آئي ان وقت ۾ صدر
مشرف ان واقعي کي عوامي رد عمل قرار ڏنو هو ۽ اربع واري ڏهاڙي
به جڏهن ڪراچي بار جي وڪيلن ۽ ايم ڪيو ايم جي وڪيلن وچ ۾ ڇڪتاڻ
کانپوءِ شهر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هٿيارن جو ناچ شروع ٿيو، تڏهن به
صدر مشرف اها لب ڪشائي ڪئي آهي ته ڪراچي واقعو شيرافگن ۽ ارباب
تي تشدد جو رد عمل آهي. اربع واري ڪراچي واقعي ۾ انتظاميا ته
ان وقت به ڪونه هئي، جڏهن سٽي ڪورٽ، ملير ڪورٽ جي آفيسن ۾ حملا
ڪيا ويا، 60 کان مٿي گاڏيون ساڙيون ويون، 10 کان 12 انساني
جانيون ضايع ٿيون، 5 وڪيلن کي جيئرو ساڙي ماريو ويو. اهو سڀ
ڪجهه ائين ٿيندو رهيو، ڄڻ هتي ڪو غنڊا راڄ هجي. موجوده حساس
حالتن ۾ ڪراچي جي تازي واقعي ارباب رحيم کي موچڙن واري واقعي
توڙي شيرافگن نيازي تي قابل مذمت تشدد واري واقعي جون ڪڙيون
الاهي ڇو هڪٻئي سان ملن ٿيون. هاڻ صورتحال ملڪ اندر جمهوريت
ڏانهن وڌي رهي آهي، جمهوري ادارن جي استحڪام جي ڳالهه ٿي رهي
آهي، نئين سياسي حڪومت پنهنجي سرڪار جون نيون پاليسيون جوڙڻ
طرف وڌي رهي آهي ته اهڙي صورتحال ۾ ان قسم جا واقعا پنهنجي
پويان کوڙ سارا سوال ڇڏين ٿا. خاص ڪري جڏهن ههڙي حساس صورتحال
کي ملڪ جون سياسي پارٽيون هڪٻئي تي الزام تراشين لاءِ استعمال
ڪن يا وري خونريزي مان جڏهن سياسي بليڪ ميلنگ ۽ سياسي فائدا
وٺڻ جي ڌپ اچي ته پوءِ آخر عوام ڇا ڪري. هڪ پاسي ڪراچي ۾ وحشت
۽ درندگيءَ جو راڄ هو ته ٻئي پاسي ڪراچي جي هڪ سياسي تنظيم جا
اڳواڻ اهي بيان ڏئي رهيا هئا ته وڪيل دهشتگردي ڪري رهيا آهن،
عوام پُرامن رهي، جڏهن ته وڪيل ان سڄي عمل ۾ وري ڪراچي جي
انهيءَ سياسي تنظيم کي ذميوار قرار ڏئي رهيا هئا ۽ اهي بار بار
اهو چئي رهيا هئا ته ارباب رحيم تي تشدد، شيرافگن وارو واقعو
توڙي ڪراچي وارو واقعو ايوان صدر جي جمهوريت خلاف سازش آهي ۽
وڪيل تحريڪ خلاف سازش آهي. ان کان علاوه ملڪ جي ٻين پارٽين پڻ
ان سڄي عمل کي جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاهڻ جي ڪوشش قرار ڏنو
آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پڻ هنگامن کي سازش
قرار ڏيندي چيو آهي ته محلاتي سازشون ٿي رهيون آهن پر آڱرين تي
ڳڻڻ جيترن ماڻهن کي امن يرغمال بڻائڻ نه ڏينداسين. حالتن کي
جيڪڏهن گهرائي سان ڏسجي ٿو ته ذهن جي دريءَ جا کوڙ سارا پاسا
کُلن ٿا، بدقسمتيءَ سان اسان وٽ سياست رڳو اقتدار خاطر ئي
ٿيندي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سياست پنهنجو بنيادي انساني ۽
عوامي خدمت وارو تصور ئي وڃائي چُڪي آهي، خاص ڪري اسان جي ملڪ
اندر سياست اڻانگهن پيچرن تي هلڻ ۽ ڪنڊن جي سيج سمجهيو وڃي ٿو،
جتي ڪهڙي وقت به ڪنهن به گوليءَ جو نشانو بڻجڻو پوي ٿو، هتي جي
سياست جي راند جا اصول ئي پنهنجا آهن، جمهوريت کان وڌيڪ هتي
سدائين ڏنڊي جي ٻولي ڳالهائي وئي آهي، سياسي بليڪ ميلنگ ڪجهه
سياسي پارٽين جو جهڙوڪر بنيادي هٿيار رهي آهي. ڪي آدرشي ۽
نظرياتي پارٽيون رڳو هاڻ رڳو ڪتابن جو داستان بڻجي ويون آهن.
سنڌ حڪومت جي جوڙجڪ وقت سڀ کان اهم مسئلو سنڌ جي ٻن سياسي
طاقتن پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ هڪ انڊر اسٽينڊنگ جو قيام هو.
ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر پهرئين نمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ٻئي
نمبر تي ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ آهي، هاڻ جڏهن سنڌ جي حڪومت
جي جوڙجڪ جي ڳالهه ٿي رهي هئي ته پ پ جي شريڪ چيئرمين اوچتو ئي
اوچتو ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو جو دورو ڪري سياست تي نظر
وجهندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ پ پ کي سنڌ اسيمبلي ۾
حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن به ٻي پارٽي جي سهڪار ۽ مدد جي ضرورت نه
هئي پر ان جي باوجود به پ پ اهو چئي هڪ خيرسگالي جي جذبي تحت
ايم ڪيو ايم سان نه رڳو ڳالهيون ڪيون پر سياسي مفاهمت خاطر کين
سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي پر جيئن ته اسان وٽ سياست
براءِ ڪرسي رهي آهي، ان ڪري اندروني ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم
ڪيو ايم ڳالهين ۾ بظاهر ته چيو ته کين ڪي به وزارتون نه کپن،
انهن پ پ جي غير مشروط حمايت ڪئي آهي پر اندر جي ڪهاڻي ڪجهه ٻي
هئي، چوڻ وارا چون ٿا ته ايم ڪيو ايم اهو ضد ٻڌي بيهي رهي ته
کين سنڌ اندر 40 سيڪڙو وزارتون ڏنيون وڃن سو به اهي جيڪي هُو
چاهين، جڏهن ته پ پ پنهنجي ان اصولي ضد تي قائم رهي ته اهي خير
سگالي جي جذبي سنڌ جي امن امان کي قائم رکڻ لاءِ کين حڪومت ۾
باوجود ان جي ته کين ڪا ضرورت ناهي پوءِ به شامل ڪري رهيا آهن،
ان ڪري اهي کين 20 کان 25 سيڪڙو وزارتون ڏئي سگهن ٿا پر
اندروني ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملو نه ٺهيو، جنهن کانپوءِ حسب
روايت هڪ ڀيرو وري پ پ کي سياسي ڌمڪين ڏيڻ جو سلسلو به شروع ٿي
ويو. ساڳي ئي ڏهاڙن ۾ اتفاق سان ارباب غلام رحيم کي ڪروڌي
ماڻهن موچڙا هنيا ته ان تي ايم ڪيو ايم باضابطا طور تي پ پ جي
مد مقابل ٿي بيهي رهي. ارباب رحيم کي موچڙا لڳڻ وارو عمل ڪنهن
به ريت قابل قبول نٿو چئي سگهجي پر ان عمل ۾ ڪير ملوث هئا، اها
ڪنهن جي سازش هئي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڇا هو، ان سڄي روئيداد جي
تحقيق ڪرڻ بنا هڪ ڏينهن اڳ تائين مفاهمت جي ڳالهه ڪندڙ ايم ڪيو
ايم اوچتو ئي اوچتو نه رڳو ارباب واقعي کي جواز بڻائي ايوان
مان بائيڪاٽ ڪيو پر ايم ڪيو ايم جا پراڻا حواري گجرات جا
هارايل چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي ويا ۽ بلڪل ٻئي ڏينهن تي
ئي پنهنجي اباڻي تڪ مان پ پ جي احمد مختار کان شڪست کائيندڙ
چوڌري شجاعت ڪراچي پهچي ويو، جتي شجاعت جي ارباب رحيم سان
ملاقات فاروق ستار جي سربراهيءَ ۾ ايم ڪيو ايم وفد جي شجاعت
سان ملاقات شجاعت جي وري پير پاڳاري سان ملاقات مان ائين تاثر
ڏنو ويو آهي ته ڄڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اصولن واري سياست جي ڳالهه
ڪندڙ پراڻن اتحادن هڪ نئون سياسي محاذ تيار ڪري ورتو آهي. ملڪ
اندر جيئن ته موجوده حالتن ۾ جڏهن اقتدار جي منتقلي جو مرحلو
مڪمل ئي نه ٿيو آهي ته اوچتو ئي اوچتو دهشتگردي جي شروع ٿيندڙ
لهر جتي معنيٰ خيز آهي، اُتي پاڪستان پيپلز پارٽي سميت حڪومتي
اتحاد ۾ شامل ڌرين توڙي حڪومتي اتحاد کان ٻاهر رهندڙ (ق) ليگ،
ايم ڪيو ايم ۽ ٻين ننڍين وڏين سياسي پارٽين جي اڳواڻن تي اها
قوي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اُهي ملڪ ۾ مفاهمت جي فضا ۽ امن
واري ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ ذاتي ۽ سياسي مفادن کان بالاتر
ٿي ڪن، ڳجهن طاقتن جي هٿن ۾ کيڏڻ بدران سياسي بلوغت جو مظاهرو
ڪن ۽ جمهوريت طرف وڌندڙ نئين حڪومت جي قدمن کي روڪڻ بدران ان
جو ساٿ ڏين ته جيئن عوام جي بهتري لاءِ ڪو ڪم ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ
ته ماضيءَ ۾ ڏٺو ويو آهي ته سياسي ڌرين جي ٽڪراءُ مان هميشه ڪن
ڳجهين طاقتن ئي فائدا حاصل ڪيا آهن، جڏهن ته عوام کان رڳو
”ٻليدان“ جو ڪم ورتو ويو آهي. گذريل 8-9 سالن ۾ ملڪ اندر عوام
جو ئي رت وهيو آهي، ان ڪري ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته هاڻ عوام
کان وڌيڪ قربانيون نه گهريون وڃن ۽ نئين جمهوري حڪومت کي ڪم
ڪرڻ ڏنو وڃي.
|