اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

ججن جي بحالي بابت لنڊن ڳالهيون ناڪام، آصف وڌيڪ مهلت گهري آهي پر کيس رڳو سومر تائين وقت ڏيون ٿا:نواز شريف

لاهور (رپورٽ: امداد علي سومرو) هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سميت سمورن هٽايل ججن جي بحالي واري معاملي بابت حڪمران اتحاد طرفان نئين ڏنل ڊيڊ لائين 12 مئي کان رڳو 2 ڏينهن اڳ ئي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف وچ ۾ لنڊن ۾ ٿيل ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن، مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آصف علي زرداري ججن جي بحالي بابت کانئس وڌيڪ وقت گهريو آهي کيس سومر تائين مهلت ڏيون ٿا، ڪالهه لنڊن ۾ حڪمران اتحاد جي مک اڳواڻن آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ ججن جي بحالي بابت ڳالهين جا 2 دور ٿيا پر ڳالهين ۾ آخر تائين عدليا کي قرارداد ذريعي يا آئيني پئڪيج ذريعي بحال ڪرڻ واري معاملي تي موجود پراڻو اختلاف نبري نه سگهيو جنهن ڪري مسلم ليگ (ن) واضح لفظن ۾ ڳالهين جي ناڪامي جو اعلان ڪيو ۽ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اشارو ڏيندي 12 مئي تي جماعت جي سينٽرل ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس ڪوٺايو آهي، جنهن ۾ پهرين مرحلي ۾ وزارتن کان الڳ ٿيڻ جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو. ذريعن موجب لنڊن ۾ آصف زرداري ۽ نواز شريف ۾ ٿيل ڳالهين جي ٻن ويهڪن ۾ آصف زرداري جي معاونت گهرو معاملن واري وفاقي صلاحڪار رحمان ملڪ ڪئي، جڏهن ته نواز شريف سان وفاقي وزير خواجه آصف ۽ غوث علي شاهه گڏ هئا. ذريعن موجب ڳالهين ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي پراڻي موقف تي برقرار رهي ته پارليامينٽ مان سادي قرارداد منظور ڪرائي عدليا کي بحال نه ٿو ڪري سگهجي ان لاءِ آئيني پئڪيج آڻڻو پوندو. پيپلز پارٽي جو چوڻ هو ته موجوده چيف جسٽس جسٽس عبدالحميد ڊوگر سميت پي سي او تحت حلف کڻندڙ ججن کي هٽائي نه ٿو سگهجي ، ان ڪري انهن کي برقرار رکڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 مان وڌائي 27 ڪرڻو پوندو اهڙي ريت چئني هاءِ ڪورٽن ۾ پڻ ججن جو انگ وڌايو ويندو جيڪو ڪنهن قرارداد ذريعي نه پر آئين ۾ ترميم ۽ قانون سازي ذريعي ممڪن آهي.جڏهن ته  مسلم ليگ (ن) پي سي او ججن کي برقرار رکڻ واري معاملي تائين ته پيپلز پارٽي سان سهمت رهي پر ان چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر جي موجودگي ۾ هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي بحال ڪرڻ جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽي پاران پيش ڪيل قانوني ۽ آئيني مونجهارن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جو خيال هو ته هڪ چيف جسٽس جي موجودگي ۾ ٻئي چيف جسٽس کي مقرر نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ڪنهن به چيف جسٽس کي آئيني طريقي بنا هٽائي نه ٿو سگهجي ان ڪري ان لاءِ آئيني ترميم بنا ججن جي بحالي ممڪن نٿي ٿي سگهي. ذريعن موجب اختلاف نه نبري سگهڻ سبب پيپلز پارٽي هڪ دفعو وري مسلم ليگ (ن) تي زور ڀريو ته ڊيڊ لائين ۾ ڪجهه ڏينهن واڌ ڪئي وڃي جيڪا مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ واضح ڪيو ته 12 مئي تائين پيپلز پارٽي جيڪڏهن چاهي ته قرارداد ذريعي عدليا بحال ڪري ٻي صورت ۾ مسلم ليگ (ن) وزارتن کان الڳ ٿي ويندي. ذريعن موجب قرارداد يا آئيني پئڪيج وارو مونجهارو دبئي ۾ ٽن ڏينهن تائين جاري ڳالهين ۾ به نبري نه سگهيو هو جنهن ڪري اهو طئي ڪيو ويو هو ته قانوني ماهرن جي هڪ ڪاميٽي جوڙي ويندي، جيڪا ان حوالي سان موجود اختلاف نبيريندي . دبئي مذاڪرات ۾ ٿيل فيصلي تحت اها ڪاميٽي جو جوڙي وئي هئي پر اها به ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪرڻ باوجود ڪو حل نه ڪڍي سگهي هئي، جنهن ڪري هڪ دفعو وري معاملو ٻنهي جماعتن جي سربراهن ڏانهن موڪليو ويو، جيڪي پڻ ڪالهه لنڊن ۾ صبح کان منجهند ۽ ٽنپهرن کان سومهڻي تائين ٿيل ڳالهين جي ٻن ويهڪن ۾ به بنيادي اختلاف ختم نه ڪري سگهيا، جنهن بعد نواز شريف ميڊيا ذريعي ڳالهين جي ناڪامي جو اعلان ڪيو. ذريعن اهو به امڪان ڏيکاريو آهي ته نواز شريف پنهنجي وفد سميت اڄ ڇنڇر ڏينهن پڻ لنڊن ۾ هوندو ان ڪري آصف زرداري ۽ نواز شريف جي هڪ ٻي ملاقات ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ اختلافي معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف آصف زرداري سان ڳجهين ڳالهين بعد ميڊيا  سان  ڳالهائيندي  چيو آهي ته 3 نومبر  تي پي سي او تحت حلف کنيو اهي جائز ناهن، هن چيو ته   اسان اتحاد برقرار رکڻ  لاءِ کين قبول  ڪرڻ  واري ڪڙي  گوري  به کائڻ جو فيصلو ڪيو هو ته جيئن اتحاد ٽٽڻ کان بچي وڃي ۽ جج بحال ٿي  وڃن، اسان جسٽس ڏوگر ۽ ٻيا جج جيڪي اڳ ۾  موجود هئا  انهن کي قبول  ڪري ورتو هو  پر ان کانپوءِ  ٻين  ججن بابت اسان جو موقف آهي ته انهن کي  ايڊهاڪ جج طور  رهڻ گهرجن ۽  انهن کي ايڊهاڪ  جج مقرر  ڪرڻ جو اختيار  هٽايل  چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري  وٽ هجڻ  گهرجي، هن چيو ته ڄاڻايل  نقطي تي اختلاف  برقرار آهن، هن چيو ته  اسان  هاڻي 12 مئي تائين انتظار ڪرڻ جا پابند آهيون اڄ پاڪستان واپس  اچڻ جو ارادو آهي ۽ 12 مئي تي ئي وڌيڪ  پاڪستان  ۾  ڳالهائيندس، هن چيو ته  آصف  زرداري ججز بحالي بابت  وڌيڪ سوچ ويچار لاءِ  وقت گهريو آهي،  پر اسان  سمجهون ٿا ته  ججن جي بحالي جو  اهو ئي  طريقو آهي   جيڪو اسان  چئي چڪا آهيون، هن چيو ته هٽايل ججن کي عزت سان  بحال ڪرڻ گهرجي، کين  بحال  ڪرڻ باوجود  مسئلو  جيئن جو تيئن رهي ته بحال ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو، ميان نواز  شريف چيو ته  ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو 12  مئي تي  ئي  ڪندس، هن  چيو ته  اسان ٻيهر 80 ع ۽ 90ع جي ڏهاڪن ۾ نٿا وڃڻ چاهيون  ۽ اهو فيصلو  اسان جڏهن  محترمه  بينظير ڀٽو  زندهه هئي  تڏهن ئي ڪري ڇڏيو هو،  ظاهر آهي ته  اسان هڪ  ٻئي تي گند اڇلائڻ جو ارادو نه ٿا رکون، هن چيو ته  اڄ شام پاڪستان    ويندس ۽ جيڪڏهن  وڌيڪ  ڳالهين جي ضرورت  پئي ته سڄو  ڏيهن لنڊن ۾ موجود هوندس،هڪ سوال جي  جواب ۾ نواز  شريف  چيو ته وزير اعظم ڏانهن  وزارت قانون  پاران اماڻيل  سمري جي اسان کي  ڪا به ڄاڻ ناهي نه ئي  ان سان اتفاق به ڪنداسين، هن چيو ته  12 مئي تائين  پنهنجي  حتمي ڳالهه نه ڪندس، هن چيو ته  مون تي ڪو به  پرڏيهي  دٻاءُ ناهي جيڪڏهن هجي به ها ته  قبول نه  ڪريان ها نواز شريف چيو ته 12 مئي تائين  مدو مقرر ڪرڻ جو  مقصد اهو آهي ته جج ڪنهن  نه ڪنهن  طريقي سان بحال  ٿين ڇاڪاڻ ته اهو پاڪستان  جي  مستقبل ۽ زندگي جو معاملو آهي، هن چيو ته اسان  چاهيون  ٿا ته اسان جو  اتحاد نه ٽٽي ۽ اسان ملڪ ۾  غربت جي خاتمي لاءِ هڪ ٻئي جو  ساٿ ڏيون، هن چيو ته  ڳالهين  ۾ رحمان ملڪ کي شامل نه ڪرڻ جو فيصلو زرداري جو هو اهو  اسان  جو مطالبو نه هو، هن چيو ته مشرف سياست ڪري ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ عدليا، ميڊيا ۽ پارليامينٽ شامل آهن، هن چيو ته  اسان جي  ڪوشش آهي ته پاڪستان جي  خير خواهه جي حيثيت  ۾ اهي ادارا بحال ٿين، وفاقي حڪومت کان  ڌار ٿيڻ ۽  پنجاب ۾ پ پ جو ساٿ ڏيڻ واري سوال تي  هن چيو ته  ان بابت 12 مئي کانپوءِ  ٻڌائينداسين، هن چيو ته (ق) ليگ ئي مشرف سان گڏجي  ججن کي  تباهه ۽ برباد ڪيو ۽ اهي ملڪ جي تباهي جا ذميوار آهن،  تنهن ڪري (ق) ليگ سان گڏجي پاڪستان ڪيئن سنوارينداسين؟ هن چيو ته 58 ٽو بي ۽ 17 هين ترميم کي ختم ڪنداسين ۽ آئين بحال ڪنداسين، مشرف جيترو چاهي  زور لڳائي.