|
نوازشريف مشرف خلاف فوري اعلان
جنگ چاهي ٿو،ڳالهين ذريعي مسئلو مهيني ٻن اندر حل ڪري
وٺنداسين،(ق)ليگ سان گڏجي حڪومت نه ٺاهبي:آصف
ڪراچي
(ڪي ٽي اين نيوز/مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي
زرداري چيو آهي ته پنجاب ۾ ق ليگ سان گڏ جي حڪومت نه ٺاهبي،
پنجاب ۾ نواز ليگ سرڪار جي حمايت جاري رکنداسين، ڪي ٽي اين
نيوز جي پروگرام ويوز لائين ۽ مختلف نجي چئنلز سان ڳالهائيندي
آصف زرداري چيو ته آئون پنجاب ۾ نواز شريف جي حڪومت نه ڊاهيندس،
هڪ سوال تي هن چيو ته ن ليگ جا وزير جن وزارتن تان استعيفائون
ڏيندا، آئون انهن وزارتن تي پنهنجا وزير مقرر نه ڪندس، باقي
ناڻي واري وزارت تي پنهنجو وزير مقرر ڪندس ته جئين بجيٽ جي
تياري جاري رهي، هن وڌيڪ چيو ته آئون فوري طور پاڪستان اچي
پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف سان ٻيهر ڳالهيون
ڪندس، هن چيو ته مون ۽ نواز شريف وچ ۾ ڪو وڏو اختلاف ناهي ۽
مک اشوز تي اسان ۾ اتفاق آهي، اسان جي وچ ۾ اختلاف صرف
طريقيڪار تي آهي، آصف وڌيڪ چيو ته اصل ۾ نواز شريف چاهي ٿو ته
اسان صدر مشرف کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٻاهر ڪڍون ۽ ان جو
مواخذو ڪريون، يا هن خلاف قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي رٿ
آڻيون، زرداري چيو ته مون نواز شريف کي ڄاڻايل صورتحال بابت 4
ڪلاڪ بريف ڪيو آهي، في الحال اسان صدر مشرف تي حملو نٿا ڪري
سگهون، مون نواز شريف کي چئي ڇڏيو آهي ته هٿ ۾ لٺ کڻي مشرف
پويان نه ڊوڙڻ گهرجي، ٿورو صبر ڪرڻ گهرجي پر نواز شريف چاهي
ٿو ته صدر مشرف خلاف اعلان جنگ ڪيو وڃي، سندس اصل مسئلو اهو
آهي، جيتوڻيڪ هن چيو ته آئون پاڪستان پهچي ججز معاملي تي نواز
شريف سان ٻيهر ملاقات ڪندس، هن چيو ته آئون پوري ڪوشش ڪندس ته
ن ليگ اپوزيشن ۾ نه ويهي ۽ هر قيمت تي نواز شريف کي پرچائڻ جي
ڪوشش ڪندس، هن چيو ته ن ليگ جي ساٿين جو ڪابينا ۾ واپسي جو
انتظار ڪندس، هن چيو ته 2 ڀاڱي ٽي اڪثريت ملڻ تي صدر جو مواخذو
ڪيو ويندو، هن چيو ته ميڊيا جي آزادي تي يقين رکون ٿا ۽ صحافين
خلاف ڪريڪ ڊائون جو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي، وطن واپس اچي
صحافين جون غلط فهميون ختم ڪندس، آصف چيو ته وڪيلن سان ڳالهيون
ڪنداسين ۽ وڪيل برادري اڳ به تحريڪ ذريعي ڪا حڪومت ڊاهي نه
سگهي آهي، هن چيو ته اتحاد نه ٽوڙينداسين ۽ نه ئي نمبرز آف
گيم ۾ پونداسين، هن چيو ته ججز معاملي تي پرڏيهي دٻاءُ ناهي، پ
پ دٻاءُ قبول ڪري ها ته 8 سال جيل ڇو ڪاٽيون ها، هڪ سوال جي
جواب ۾ پ پ ڪو چيئرمين چيو ته پ پ ق ليگ کي ڪڏهن به آپشن طور
استعمال نه ڪندي، هن چيو ته اعتزاز احسن نواز شريف کي ايڊوائيز
نه پيو ڪري، هو سپريم ڪورٽ بار جو صدر آهي، هن چيوته مون ڀوربن
۾ چيو هو ته موجوده جج تبديل نه ٿيندا، نواز شريف کي چيو هو ته
27 جج به ٿي سگهن ٿا، سپريم ڪورٽ کي صوبن جي سطح تائين آڻي
سگهجي ٿو، هن چيو ته سياست ۾ آسرو پليو ناهي هوندو،نواز شريف
سان ٻيهر ڳالهيون ڪندس، مهيني يا 2 مهينن ۾ حل نڪري ايندو، هن
چيو ته آئين ۾ قرارداد ذريعي جج بحال ڪرائڻ جي ڄاڻ ناهي. نواز
شريف سان ڳالهيون ڪندس، ان کي سوڙهي گهٽي ۾ وڃڻ نه ڏيندس.
|