12 مئي تي قومي اسيمبلي قرار داد منظور ڪئي ته صدر مشرف ججن جي بحالي ۾ رڪاوٽ نه وجهندو:گورنر پنجاب

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گورنر پنجاب  خالد مقبول چيو آهي ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي 12 مئي تي ججز جي بحالي جو ٺهراءُ منظور ڪري ٿي ته  صدر ججز جي بحالي ۾ رڪاوٽ نه بڻجندو، هڪ خانگي ’ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدر مشرف ٽڪراءَ بدران  سمورين سياسي پارٽي سان مفاهمت چاهي ٿو، هن  چيو ته ڪجهه پارٽين کانسواءِ پ پ ۽ ٻين پارٽين جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي. گورنر  پنجاب وڌيڪ چيو ته صدر مشرف پهرين ڏينهن کان جيڪڏهن رڪاوٽ بڻجي ها ته هينئر اهي اڳواڻ جيڪي پاڪستان ۾ سياست ڪري رهيا آهن اهي  پاڪستان ۾ موجود نه هجن ها ۽ چونڊون شفاف نه ٿين ها، هن چيو ته صدر دل جي گهرائي سان  پنهنجو ڀرپور  ڪردار ادا ڪرڻ کان پوءِ  گذريل 5 سال سياسي قوتن کي موقعو  ڏنو ۽ هاڻي چاهي ٿو ته چونڊن بعد نيون سياسي قوتون پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، هن  ججز جي بحالي 12 تي ٿيڻ واري سوال ئي چيو ته پاڪستان  جو عوام  باشعور آهي ۽ سمجهي ٿو ته  هڪ مهيني اندر سڀ ڪجهه نه ٿيندو، هن چيو ته  سڄي دنيا ۾ ائين هوندو آهي  جو حڪومت جو هڪ چهرو  جيڪو نظر  ايندو  ۽ ٻيو چهرو  ڪئميرا پٺيان هوندو آهي، هن چيو ته  پ پ، اي اين پي ۽ جي يو آءِ سميت اڪثر پارٽين ۽ صدر جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي، صرف هڪ پارٽي کي صدر تي اعتراض آهن،