اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

نواز ليگ جي ڌار ٿيڻ سان متحده کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جا امڪان

ڪراچي(رپورٽ:امتيازچانڊيو)پاڪستان پيپلز پارٽي ججن واري مامري تي نواز ليگ جي اتحاد مان ڌار ٿيڻ جي صورت ۾ ايم ڪيو ايم کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جا امڪان آهن، جنهن بابت ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر نوان شرط رکڻ ۽ وفاق ۾ اهم وزارتون وٺڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ان ڏس ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوار ذريعن موجب پ پ ۽  نواز ليگ ۾ ججن واري مامري تان ٿيندڙ امڪاني جدائي سبب ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين لنڊن ۾ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي هر ممڪن ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ايم ڪيو ايم جي هڪ ذميوار اڳواڻ ڪاوش کي ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن نواز ليگ حڪومت کان ڌار ٿئي ته پوءِ پ پ پاران ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم رابطاڪاميٽي جي اجلاسن ۾ پڻ ان ڳالهه تي غور ڪيو ويو آهي ته وفاق ۾ ڪهڙن شرطن تحت پ پ جو ساٿ ڏنو وڃي ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون وزارتون ورتيون وڃن؟ ذريعن موجب پهرين به پ پ ايم ڪيو ايم کي سنڌ سميت وفاق ۾ وزارتون ڏيڻ تي راضي هئي پر نوازليگ جي مخالفت ڪري ايئن نه ٿي سگهيو، ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين  پ پ جي شريڪ چيئرمين سان ڪيل ملاقات کانپوءِ ڪجهه مامرا نبيرڻ لاءِ رحمان ملڪ کي ذميواري سونپي هئي ته هو ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان گڏجي مامرا طئي ڪري، هوڏانهن سڌ سماءُ واري وفاقي وزير شيري رحمان ڪاوش کي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڃا نواز ليگ سان ججن واري مامري تي ڳالهيون هلن پيون، تنهن ڪري ايم ڪيو ايم کان سپورٽ وٺڻ يا نه وٺڻ جو اڃا ڪو فيصلو ناهي ٿيو، هن ان سوال ته ايم ڪيو ايم سان وفاق ۾ مدد وٺڻ جي حوالي سان ڪو رابطو ناهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته رابطا ته آهن ۽ ڳالهيون هلن پيون، جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته پوءِ ڏسي وٺنداسين، هوڏانهن ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ساڻن رابطو نه ٿي سگهيو.