ڪراچي (بيورو رپورٽ)

آخوند،شمس ميمڻ،انيتا غلام علي،قادر جوڻيجي سميت94ڪانٽريڪٽي آفيسر برطرف

ڪراچي (رپورٽ: مشتاق سهيل) سنڌ ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ ڪالهه سنڌ حڪومت پهرين مرحلي ۾ گريڊ 2 کان گريڊ 22 تائين ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڪم ڪندڙ 94 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي برطرف ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. برطرف ٿيندڙ آفيسرن ۾ 7  رٽائرڊ فوجي آفيسرن سميت سيڪريٽري قانون، سيڪريٽري منصوبا بندي ۽ ترقيات کاتو، ڊائريڪٽر جنرل ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، چيئرمين سنڌي لئنگويج اٿارٽي، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، ايم ايس سول اسپتال ڪراچي، ڊائريڪٽر جنرل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر لياري ڊولپمينٽ پروجيڪٽ ۽ ٻيا ڪيترائي آفيسر شامل آهن. برطرف آفيسر ۽ ملازمن ۾ گريڊ 22 جا 2، گريڊ 21 جا 5، گريڊ 20 جا 21، گريڊ 19 جا 30، گريڊ 18 جا 9، گريڊ 17 جا 18، گريڊ 16 جا 6، گريڊ 7 جا 2 ۽ گريڊ 2 جو هڪ  اهلڪار شامل آهي. نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 22 جو ڊاڪٽر ايس ايم قريشي چيئرمين چارٽر انسپيڪشن اينڊ ايووليشن ڪاميٽي، ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڪلچر،  عبدالقادر جوڻيجو چيئرمين سنڌي لئنگويج اٿارٽي، ڪلچر ۽ ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ، گريڊ 21 جو شمس الحق ميمڻ، ڪنسلٽنٽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، بخشل خان گُندرو، ڪنسلٽنٽ لا ڊپارٽمينٽ، آفتاب احمد قريشي ڪنسلٽنٽ ايس جي اي اينڊ سي ڊي، اُم ڪلثوم ڪنسلٽنٽ پلاننگ اينڊ پلاننگ ڊپارٽمينٽ، مئنيجر جنرل (ر) خالد نعيم ڊائريڪٽر جنرل (بي ايس-21) ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي بورڊ آف روينيو سنڌ، 20 گريڊ جو سيد غلام نبي شاهه سيڪريٽري قانون کاتو، ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو ايڊيشنل سيڪريٽري (ٽيڪنيڪل) ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ، امير علي بهڻ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل، برگيڊيئر (ر) عبدالحق پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر فار ڪوآرڊينيشن اينڊ مانيٽرنگ يونٽ (پي سي ايم يو) انڊر سنڌ واٽر سيڪٽر امپرومينٽ پروجيڪٽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، محمد نواز ميمڻ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ايس اينڊ جي اي ڊي، اميرزاده ڪوهاٽي ڊائريڪٽر جنرل ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي، پروفيسر انيتا غلام علي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز هيلٿ ڊپارٽمينٽ، محمد رضا چيئرمين چيف منسٽر انسپيڪشن انڪوائريز اينڊ ايمپليمينٽيشن ٽيم سنڌ ايڊوائيزر (واٽر ڊسٽريبوشن سيل) ايريگيشن اينڊ پاور ڊپارٽمينٽ، ڊاڪٽر محمد ڪليم بٽ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ سول اسپتال ڪراچي صحت کاتو، سيد سرفراز علي شاهه پروجيڪٽ ڊائريڪٽر حيدرآباد ڊولپمينٽ پيڪيج لوڪل گورنمينٽ ڪچي آبادي، نذير علي خواجا پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊولپمينٽ اسڪيم سنڌ پوليس هوم ڊپارٽمينٽ، محمد اسلم ترڪ پروفيسر پوليٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، فخرالنساءَ پروفيسر/پرنسپل گورنمينٽ ڪاليج فار وومين شارع لياقت ڪراچي ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، سيد حسن شاهه بخاري ميمبر سنڌ سروس ٽربيونل ڪراچي، برگيڊيئر (ر) طارق علي خان ڊائريڪٽر جنرل بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائيسز ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ، محمد شفيق الرحمان پراچه پروجيڪٽ ڊائريڪٽر لياري ڊولپمينٽ پروجيڪٽ ڪراچي، عبدالحميد آخوند ڪنسلٽنٽ ايس جي اي ڊي اينڊ سي ڊي، محمد يحيٰ ولي الدين سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي، ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) شاهد قريشي ڊي آءِ جي ٽي اين ٽي، سي پي او هوم ڊپارٽمينٽ، حاڪم الدين تنيو اسپيشل سيڪريٽري پي اينڊ ڊي ڊپارٽمينٽ. 19 گريڊ ۾ محمد صديق وهيڙو ڪوآرڊينيٽر، پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، محمد صالح جماڻي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، مدد علي سنڌي پريس سيڪريٽري انفارميشن ڊپارٽمينٽ، ڪرنل (ر) منير احمد ڊائريڪٽر (ايڊمن اينڊ فنانس) پروٽوڪول سيل ايس جي اي اينڊ سي ڊي، سيد انصار علي زيدي ميمبر چيف منسٽر انسپيڪشن، انڪوائريز اينڊ ايمپليمينٽنشن ٽيم سنڌ ڪراچي، اعجاز احمد منگي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، مسز نسيم نگهت سيما ايسوسيئيٽ پروفيسر/پرنسپل، گورنمينٽ اپوا ڪاليج ڪراچي ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، ايس ايم سعيد نقوي ايسوسيئيٽ پروفيسر، گورنمينٽ دهلي ڪاليج ڪراچي ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، در محمد ڪمال ريجنل ڊائريڪٽر، انفارميشن اينڊ آرڪائيز ڊپارٽمينٽ، غلام اڪبر چاچڙ  ايسوسيئيٽ پروفيسر/پرنسپل گورنمينٽ ڪاليج ٽيڪنالاجي خيرپور ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، جلال الدين چوهاڻ ايسوسيئيٽ پروفيسر گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪنامڪس ڪراچي، ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، نشات پروين ايسوسيئيٽ پروفيسر ايس ايم بي فاطمه جناح گرلز ڊگري ڪاليج ڪراچي، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، آفتاب احسان قريشي ايسوسيئيٽ پروفيسر/پرنسپل گورنمينٽ نذرت ڪاليج حيدرآباد ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، علي ڏنو ايسوسيئيٽ پروفيسر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گمبٽ ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) محمد عثمان مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سيڊ ڪارپوريشن، جمال الدين ڊومڪي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر خيرپور ايريگيشن سرڪل سکر ايريگيشن اينڊ پاور ڊپارٽمينٽ، نصيبا حسين سولنگي ايسوسيئيٽ پروفيسر/پرنسپل گورنمينٽ گرلز ڪاليج دادو ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، منظور علي اعواڻ ميمبر چيف منسٽر انسپيڪشن، انڪوائريز اينڊ ايمپليمينٽيشن ٽيم سنڌ ڪراچي، رياض سبحان قريشي ايسوسيئيٽ پروفيسر آف انگلش عبدالله گورنمينٽ ڊگري ڪاليج فار وومين نارٿ ناظم آباد ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، انجنيئر ويرڪمار ايسوسيئيٽ پروفيسر ايٽ گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي ڪراچي ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، مرلي اي گنگاراماڻي ايڊيشنل سيڪريٽري (انڊسٽريز) ليبر، ٽرانسپورٽ، انڊسٽريز اينڊ ڪامرس ڊپارٽمينٽ، ڌڻي بخش ميمڻ ايڊيشنل سيڪريٽري ايس جي اي اينڊ سي ڊي، مهتاب احمد ايڊيشنل سيڪريٽري ريگيوليشن ايس جي اي اينڊ سي ڊي، عبدالقادر ميمڻ ايڊيشنل سيڪريٽري (لينڊ يوٽيلائيزيشن) بورڊ آف روينيو، شمس الدين سخيراڻي اي ڊي او (روينيو) عمرڪوٽ، ڪرنل (ر) ايم اي وحيد خان پرنسپل اي ٽي ٽي سي رزاق آباد سنڌ پوليس هوم ڊپارٽمينٽ ڪراچي، منظور احمد مغل پوسٽنگ جي انتظار ۾ سنڌ پوليس هوم ڊپارٽمينٽ، حاجي رائو ايسوسيئيٽ پروفيسر ريجنل ايجوڪيشن مئنيجر (ڪاليجز)ميرپورخاص ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، ڊاڪٽر وسهاڻ داس ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ تعلقي اسپتال ننگرپارڪر ڊسٽرڪٽ ٿرپارڪر، محمد يوسف گِل اي ڊي او (سي ڊي ڊي) ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ميرپورخاص، عبدالعزيز بلوچ اسسٽنٽ پروفيسر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مراد ميمڻ ڳوٺ ڪراچي ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، سيد اقبال حسين شاهه ٽائون آفيسر لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ، نعيمه ناهيد هيڊ مسٽريس ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، امداد علي کهڙو ڊويزنل فاريسٽ آفيسر، فاريسٽ اينڊ وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ، محمد حسن ميمڻ ڊپٽي سيڪريٽري ايجوڪيشن لٽريسي ڊپارٽمينٽ، محمد رياض ڊپٽي سيڪريٽري سيڪريٽريٽ آف گورنرس سنڌ، محمد ضمير ڪٽبر ڊپٽي سيڪريٽري فنانس ڊپارٽمينٽ، نور احمد پوسٽنگ جي انتظار ۾ سي پي او هوم ڊپارٽمينٽ. گريڊ 17 ۾ ممتاز علي ٻرڙو لوڪل گورنمينٽ سپورٽ آفيسر لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ، ڌرم داس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ايگزيڪيوٽو) انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ، محمد علي مراد ڀنڊ ايڊمنسٽريٽيو آفيسر/ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن خيرپور ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، محمد خان بروهي ايس سي يو جي سروس (ايڊمن برانچ) لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ، عبدالمجيد منڱريو اسسٽنٽ انجنيئر ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ، امام علي شر ايڇ ايس ٽي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو مير علي ڊسٽرڪٽ خيرپور ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، بن يامين سيڪشن آفيسر لا ڊپارٽمينٽ، شير محمد بلوچ سيڪشن آفيسر چيف منسٽرز سيڪريٽريٽ، مقصود علي خان سيڪشن آفيسر ليبر، ٽرانسپورٽ ، انڊسٽريز اينڊ ڪامرس ڊپارٽمينٽ، محمد عبدالله او سي سيڪشن آفيسر پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايس جي اي اينڊ سي ڊي، سيد اظهار حسين پرائيويٽ سيڪريٽري ٽو چيف سيڪريٽري سنڌ، مٺارام ڌاراڻي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر (روينيو) شهدادپور ڊسٽرڪٽ سانگهڙ، غياث الدين شيخ ڊپٽِي ڊسٽرڪٽ آفيسر (ايڇ ڪيو آئي) ڊي سي او سيڪريٽريٽ سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي، غلام حسين گل ڊي ايس پي/اسپيشل برانچ سنڌ پوليس هوم ڊپارٽمينٽ، فدا حسين لاهوري ڊي ايس پي سکر ريجن سنڌ پوليس هوم ڊپارٽمينٽ، نذير احمد تنولي ڊي ايس پي سي سي پي سنڌ پوليس هوم ڊپارٽمينٽ، شبير احمد ملهڻ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن (اي ايل اي) ميل گهوٽڪي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، منظور احمد کوسو ڊسٽرڪٽ آفيسر ايڊمن آفيس آف اي ڊي او (ايڇ) جيڪب آباد. گريڊ 16 ۾ سيد اشرف شاهه رينج فاريسٽ آفيسر، فاريسٽ اينڊ وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ، خان محمد سروهي رينج فاريسٽ آفيسر، فاريسٽ اينڊ وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ، سلطان محمود ڏاهري ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر (فاريسٽ) فاريسٽ اينڊ وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ، ايم بي ملڪ سپرنٽينڊنٽ فنانس ڊپارٽمينٽ، محمد عيسيٰ بلوچ سپرنٽينڊنٽ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ، عنايت علي منڱريو ڪيئر ٽيڪر سنڌ هائوس اسلام آباد ورڪ اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ. گريڊ 7 ۾ اورنگزيب ڊسپيچ رائيڊر پروٽوڪول سيل ايس جي اي اينڊ سي ڊي، جهانداد خان فورمين ڪي ڊي اي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي. گريڊ 2 ۾ مراد بخش بلوچ نائب قاصد چيف منسٽرز سيڪريٽريٽ شامل آهن.