وفاقي گهرو سيڪريٽري جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ملاقات

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي  گهرو   سيڪريٽري  سيد ڪمال شاهه سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس  عبدالحميد ڏوگر، جسٽس نواز عباسي ۽ جسٽس فقير محمد کوکر سان ملاقات ڪئي آهي، مقامي ميڊيا  رپورٽ موجب  گهرو سيڪريٽري  چيف جسٽس  ۽ 2 ججن سان ملاقات ۾ اهم پيغام پهچايو، ڪمال شاهه چيو ته منهنجي چيف جسٽس سان ملاقات  ناهي ٿي  باقي جسٽس فقير محمد کوکر کي هڪ ڪيس بابت تفصيل فراهم ڪيا آهن.