(مانيٽرنگ ڊيسڪ/آن لائن)

نواز ليگ ۽ پ پ جو رسامو گهڻو وقت هلندي نظر نٿو اچي

لاهور(تجزيو؛ امداد علي سومرو) ججن جي بحالي واري معاملي تي مسلم ليگ جي حڪومتي اتحاد کان الڳ ٿيڻ ظاهري طور تي جمهوري قوتن لاءِ انتهائي گهڻو پريشاني ۽ ڳڻتي جو سبب بڻيو آهي پر جهڙي نموني سان حڪومتي اتحاد عدليا جي معاملي تي هڪ مهيني اندر ٽٽي ويو ائين ئي هي رسامو به گهڻو وقت هلندي نظر نه ٿو اچي. نواز شريف پاران وزارتن تان استعفيائون ڏئي حڪومت کان الڳ ٿيڻ واري اعلان کانپوءِ به ملڪ اندر ڪا سنسني پيدا ٿيندي نظر ناهي آئي، هر طرف اطمينان وارو ماحول آهي، نواز شريف وزيرن کي اڄ استعيفائون وزيراعظم جي حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته آصف زرداري اهو اعلان ڪيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جيڪي وزارتون خالي ڪيون آهن، انهن تي نوان وزير مقرر نه ڪيا ويندا. نواز شريف اهو به اعلان ڪيو ته هو في الحال مخالف ڌر ۾ نه ويهندا، اهي اعلان اطمينان بخش آهن ۽ نواز شريف پاران وزارتن تان استعيفائن جو اعلان ڏيڻ حڪومت کان الڳ ٿيڻ ناهي پر اهو اعلان هڪ انڊراسٽينڊنگ جو نتيجو آهي. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي ۾ ججن جي بحالي واري معاملي تي اختلاف هو ان لاءِ نواز شريف آصف زرداري جي چوڻ تي هڪ ڀيرو اڳ ۾ ئي ڊيڊ لائن ۾ واڌارو ڪري چڪو هو ۽ نواز شريف جنهن عدليا جي بحالي جي نعري تي اليڪشن وڙهي اهو پاڻ مٿان وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جو تمام گهڻو دٻاءُ محسوس ڪري رهيو هو ان ڪري هو ٻيون ڀيرو ڊيڊ لائن وڌائڻ جي حق ۾ نه هو جڏهن ته اختلاف جيئن جو تيئن برقرار رهيو، ان ڪري نواز شريف فيس سيونگ خاطري وزارتن تان استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ آصف زرداري اتحاد کي برقرار رکڻ خاطر انهن وزارتن تي نوان وزير مقرر نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو. گڏوگڏ ٻئي اڳواڻ هڪ ٻئي لاءِ ان ئي دوستاڻي انداز ۾ بيان ڏئي رهيا آهن، ان ڪري سمجهيو اهو پيو وڃي ته مسلم ليگ (ن) جو وزارتن کان الڳ ٿيڻ هڪ انڊراسٽينڊنگ جو نتيجو آهي، مبصرن جي راءِ آهي ته اتحاد ۾ پيل هي ڏار ڪجهه ڏينهن اندر عدليا جي بحالي جو طريقيڪار طئي ٿي وڃڻ بعد ڀرجي ويندا، اهو به چيو پيو وڃي ته جيڪا وڇوٽي ٿي آهي اها آصف زرداري جي پاڪستان اچڻ سان ختم ٿي ويندي ٻنهي ڌرين ۾ هڪ دفعو وري ويجهڙائي ٿي ويندي ۽ ٻئي ڌريون هڪ دفعو وري عدليا جي بحالي جي طريقيڪار وارا مونجهارا ختم ڪرڻ لاءِ ” بيڪ ڊور ڊپلوميسي“ شروع ڪنديون، ان دوران نواز شريف پنهنجي سياسي ساک وڌائڻ خاطر عدليا جي بحالي جا نعرا به هڻندو ۽ گڏوگڏ بحالي لاءِ پيپلز پارٽي کي گهربل وقت به ڏنو ويندو ۽ جڏهن آئيني پيڪيج به تيار ٿي ويندو، ان بعد ٻيهر ٻئي گڏجي منظر عام تي اچي وينديون ۽ نظر اچي رهيو آهي ته هي رسامو اوترو ئي وقت رهندو جيترو وقت پيپلز پارٽي کي عدليا جي بحالي جو طريقيڪار ۽ آئيني پيڪيج طئي ڪرڻ ۾ لڳندو. ان ڪري سمجهيو اهو پيو وڃي ته اتحادين کي وقت گهرجي جيڪو نواز شريف وڏي واڪي ڏئي نه ٿو سگهي ان ڪري هن رسي وزارتن کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ اهو رسامو حقيقي نه پر نورا ڪشتي سمجهيو پيو وڃي.