|
اتحاد روز ناهن ٺهندا،نه ٿو
سمجهان ته اتحاد ناڪام ٿيندو:وزيراعظم
لاهور(بيورو
رپورٽ) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ججز جي بحالي
لاءِ آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻئي ڪميٽيڊ آهن، ڪنهن جي نيت تي
شڪ نه ڪرڻ گهرجي، معاملو صرف طريقيڪار تي اٽڪيل آهي، اتحاد روز
روز ناهن ٺهندا ۽ مان نه ٿو سمجهان ته ڪو ڳالهيون ناڪام
ٿينديون، هن اهي ڳالهيون لاهور ۾ حضرت داتا گنج بخش ۽ علامه
اقبال جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي
ڪيون.وزيراعظم سان اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ چئني صوبن جي جيلن واري
آءِ جيز ملاقات ڪئي، ان کانسواءِ وزيراعظم سان پنجاب جي اڳوڻي
وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پرنسپل سيڪريٽري جي ايم سڪندر
ملاقات ڪئي، ان کانسواءِ مسلم ليگ (ق) جي مرڪزي نائب صدر ميان
منظور وٽو، مسلم ليگ (ق) جي اڳوڻي ايم اين اي ميان غلام احمد
محمد مانيڪا ۽ ٻين اڳواڻن پڻ ملاقاتون ڪيون.وزيراعظم جڏهن
علامه اقبال جي مزار تي پهتو ته پنجاب جي گورنر ان جو استقبال
ڪيو، وزيراعظم ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدليا
جي بحالي، آئين جي بحالي، عدليا جي آزادي ۽ ايمرجنسي جي خاتمي
خلاف جيتريون قربانيون پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ڏنيون آهن،
اوتريون ڪنهن به جماعت ناهن ڏنيون. عدليا جي بحالي جي حوالي
سان ڪيل سوال ته ڇا لنڊن ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي حوالي سان حڪومتي
جي سربراهه هجڻ جي ناتي کيس اعتماد ۾ ورتو ويو آهي؟ ته ان جي
جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪاميٽي جي ڪارروائي ۽ لنڊن ۾ ٿيندڙ
ڳالهين کان مون کي مڪمل طور تي باخبر رکيو ويندو آهي، ڪاميٽي
۾ شامل جيڪي اسان جا ميمبر آهن يا شريڪ چيئرمين آصف زرداري
آهي، اهي مون کي مڪمل طور تي بريف ڪندا رهندا آهن. وزيراعظم
چيو ته ڪنهن جي نيت تي شڪ ڪرڻ نه گهرجي، چاهي نواز شريف هجي
يا آصف زرداري هجي، ٻئي جماعتون چارٽر آف ڊيموڪريسي تي متفق
آهن، پر طريقيڪار جي حوالي سان مونجهارا آهن ڇو ته اسان نه ٿا
چاهيون ته هڪ مسئلو حل ڪيون ته ٻيو بحران ڪر کڻي، ان ڪري اسان
مڪمل طور تي جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ انشاءَ الله اسان کي يقين
آهي ته اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي وينداسون. جڏهن هن کان سوال
ڪيو ويو ته چيو پيو وڃي ته ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾
اسيمبليون ٽوڙيون وينديون ۽ ٻيهر اليڪشن ٿيندي؟ ته ان جي جواب
۾ هن چيو ته اهي اجايا اندازا ۽ افواهون آهن، عوام جون اسان
مان ڪيتريون ئي اميدون آهن، اتحاد روز روز ناهن ٺهندا ۽ نه ئي
اليڪشن به هر هر ٿينديون آهن، هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي راءِ
ٿي سگهي ٿي، مان نه ٿو سمجهان ته ڪو ڳالهيون ناڪام ٿينديون.
وزيراعظم مسلم ليگ (ق) جي نائب صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ پاڻ کي
آزاد گروپ جو سربراهه سڏرائيندڙ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ميان
منظور وٽو جي ملاقات جي حوالي سان ڪيل سوال جي جواب ۾ چيو ته
منظور وٽو اسان سان گڏ آهي، هن اسان کي ووٽ ڏنو هو۽ ان سان
ملاقات معمول جوحصو هئي، ان کي ٻيو ڪو رنگ نه ڏنو وڃي.هوڏانهن
وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو صدر پرويز
مشرف سان بيڪ چئنل جو ڪو به رابطو نه آهي، اهو صدر مشرف تي
آهي ته هو استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿو يا نه، نئين اتحادي
حڪومت آئين مطابق صدر مشرف سان هلي رهي آهي ۽ اسان ايوان صدر
توڙي پارليامينٽ وچ ۾ اختيارن جي توازن کي يقيني بڻايو ويندو،
ڪارگل جي جاچ ۽ ٻين معاملن تي فيصلو پارليامينٽ ئي ڪندي.هن
اهڙن خيالن جو اظهار هڪ ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو.
وزيراعظم چيو ته آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني سان اسان جا
سٺا تعلقات آهن، حڪومت ان جي مڪمل حمايت ڪري رهي آهي.
|