12 مئي نه ته 16 مئي،جج ضرور بحال ٿيندا:فخرالدين

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ملڪ جي ناليواري آئيني ماهر جسٽس (ر) فخر الدين ابراهيم چيو آهي ته 12 مئي  نه ته 16 مئي تي پر ججن کي بحال ٿيڻو آهي ۽ بحال ٿي ويندا. اسان رڳو افتخار محمد چوڌري يا ٻين ججن جي بحالي لاءِ نه پر عدليه جي آزادي ۽ آئين جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. آئين جي بالادستي سان ملڪ ۾ پاڻي ۽ مهانگائي وارن بحرانن تي ضابطو آڻي  سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن ڪالهه شام ڌاري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هٽايل  چيف جسٽس صبيح الدين احمد جي رهائشگاهه  تائين ڪڍيل يڪجهتي ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جسٽس (ر) فخر الدين جي اڳواڻي ۾ ڊيلٽن مارڪيٽ ڊفينس کان چيف جسٽس جي رهائشگاهه تائين عوامي مزاحمتي فورم پاران ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي جسٽس (ر) فخر الدين جي ابراهيم سميت ڪراچي بار جو صدر محمود الحسن ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ريلي  ۾ وڪيلن سميت سول سوسائٽي جي عورت ۽ مرد ڪارڪنن، شاگردن ۽ سياسي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ريلي عدليه  جي آزادي ۽ ججن جي بحالي جي حق ۾ ۽ آصف علي زرداري جي خلاف نعريبازي ڪندي چيف جسٽس جي رهائش آڏو پهتي ته جسٽس (ر) فخر الدين  جي ابراهيم ۽ ٻيا اڳواڻ چيف  جسٽس صبيح الدين احمد کي ٻاهر وٺي اچڻ لاءِ چيو پر ان ٻاهر اچي خطاب ڪرڻ کي نا مناسب قرار ڏنو. ان موقعي تي جسٽس (ر) فخر الدين جي ابراهيم خطاب ڪندي 18 فيبروري کان پوءِ ملڪ جي عوام نئين دور جي  شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري هاڻي عوام جي خواهشن جي خلاف ڪو فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي. ان موقعي تي ڪراچي بار جي صدر محمود الحسن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جا وڪيل،سول سوسائٽي جا ميمبر عدليه جي بحالي خلاف سازشن کي قبول نه ڪندا.هن چيو ته جيڪڏهن 12 مئي تي ججن کي بحال نه ڪيو ويو ته 17 مئي کان وڪيل، سول سوسائٽي ۽ عوام گڏجي تحريڪ هلائيندا،  جيڪو به ان ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو اهو پاڻ به ان ۾ لڙهي ويندو.