اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

بينظير قتل ڪيس جي جاچ گڏيل قومن کان ڪرائڻ تي ڪم  هلي پيو:پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي  آفيس جي ترجمان چيو آهي ته بينظير ڀٽو قتل  ڪيس جي جاچ  گڏيل قومن کان  ڪرائڻ وار قرارداد تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ قومي اسيمبلي مان قرارداد منظور ٿيڻ کانپوءِ   پرڏيهي  وزارت  سفارتي ذريعن سان  ان معاملي  کي اڳتي  وڌائيندي،  پرڏيهي  آفيس جي ترجمان محمد  صادق چيو ته  ڊاڪٽر  قدير  خان جي  حوالي سان  آمريڪا پاران  ڪو به دٻاءُ ناهي، هن چيو ته اسپين ۾ قيد 12 پاڪستانين مان 3 ڄڻن کي آزاد ڪرايو آهي، اغوا ٿيل  سفارتڪار طارق عزيز الدين جي حوالي سان هن ٻڌايو ته  سندس خاندان جي پريشاني جو احساس آهي ۽ ان جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ممبئي ۾ سفارتخاني جي لاءِ اڃا تائين زمين خريد نه ڪئي آهي، هن چيو ته ڀارت ۾  پاڪستاني قيدين جي معاملي کي ڀارت  آڏو  سنجيدگي سان اٿاريو آهي،  پهرين   خالد محمود ۽ پوءِ اڪرم جي موت تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي،  قبائلي علائقن بابت سوال تي هن چيو ته ان حوالي سان پاڪستان جي پاليسي واضح آهي جيڪو به هٿيار ڦٽا ڪندو ان سان  ڳالهيون ٿينديون.