اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
مجيد دستي بدلي،اختر گورچاڻي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مقرر ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل گريڊ 19 جي پوليس آفيسر اختر حسين گورچاڻي کي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مقرر ڪيو آهي، جتان سردار عبدالمجيد دستي کي هٽائي کيس ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو آهي، ٻئي طرف آغا واصف عباس ايڊيشنل سيڪريٽري سروسز (ون) ايس اينڊ جي اي ڊي کي بدلي ڪري ڊي سي او بدين مقرر ڪيو ويو آهي، جتان اشفاق حسين عمراڻي کي هٽائي ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. ٻئي طرف پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل محمد اسماعيل هنگورجو ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي ايگزيڪيوٽو انجنيئر نارا پروجيڪٽ ڊويزن مقرر ڪيو ويو آهي، جتان جمال الدين منگهڻ ايگزيڪيوٽو انجنيئر نارا پروجيڪٽ ڊويزن ميرپور خاص کي هٽائي ايريگيشن کاتي ۾ رپورٽ ڪرايو ويو آهي.
|