اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

”بجلي پيا بچايون“حيسڪو پاران سڄي سنڌ ۾ رات جو 8وڳي ڪاروبار بند ڪرڻ جي فرمائش:شادي  هالن جي بجلي ڪاٽا

حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) حيسڪو چيف گفتار انجم سنڌ ۾ 8 ڪلاڪ بجلي بند هئڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ لوڊ مئنيجمينٽ تحت روزانو 8 ڪلاڪ بجلي بند ڪري 600 ميگا واٽ بجلي بچائي پئي وڃي، حيسڪو چيف چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻن سان ڪيل گڏجاڻي ۾ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي واپارين کي اپيل ڪئي ته سنڌ ۾ رات 8 وڳي تائين بازارون بند ڪيون وڃن، جنهن سان 80 سيڪڙو بجلي بچائي سگهجي ٿي ،جڏهن ته حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس جي صدر حاجي محمد يعقوب ان جي ابتڙ حيسڪو چيف کي تجويز ڏني ته شام 6 وڳي کان 11 وڳي تائين لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، گڏجاڻي بابت حاصل ڪيل ڄاڻ موجب حيسڪو چيف چيو ته جيڪڏهن حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جا واپاري رضاڪاراڻي طور تي 8 وڳي تائين بازارون بند ڪري ڇڏين ته گهرن ۾ بجلي بند ٿيڻ وارو سلسلو گهٽجي ويندو، هوڏانهن حيسڪو 21273 صنعتي صارفين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي موڪلن جو ڏينهن تبديل ڪن، هوڏانهن حيسڪو جي فرمائش تي رات 8 وڳي کانپوءِ مارڪيٽون بند ڪرڻ جي صورت ۾ سنڌ جا 2 لک 35 هزار ۽ حيدرآباد ضلعي جا 50 هزار ڪاروباري مرڪز متاثر ٿيندا، ڪالهوڪي گڏجاڻي ۾ طئي ڪيو ويو ته حيدرآباد جي صنعتي علائقن ۾ لوڊمئنيجمينٽ چيمبر آف ڪامرس جي صلاح سان ڪئي ويندي، جڏهن ته سائيٽ ۾ هلندڙ مهيني شڪايتي سينٽر قائم ڪيو ويندو، گڏجاڻي ۾ سنڌ جا سمورا ڪسٽمر سروس  سينٽر ٻيهر فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،ٻئي طرف حيسڪو چيف بجلي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي شادي هالن جي بجلي ڪاٽي انهن کي جنريٽر هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن ڪري شادي هالن جو ڪاروبار ڪندڙ واپارين کي سخت نقصان ٿيندو، ان ڏس ۾ شادي هال ايسوسيئيشن پنهنجو اجلاس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هوڏانهن حيسڪو چيف سنڌ جي 50 سيڪڙو اسٽريٽ لائيٽن ۽ سائن بورڊن جي بجلي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.