دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)

آمريڪا عطاءُ الله مينگل جي پوٽي کي ملڪ اندر داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه عطاءُ الله مينگل جي پوٽي ۽ نواب خير بخش مري جي ڏوهٽي نورالدين مينگل چيو آهي ته کيس آمريڪي اختيارين 26 ڪلاڪن تائين حراست ۾ رکڻ کانپوءِ آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي واپس  ڪري ڇڏيو آهي، متحده عرب امارات مان بي بي سي سان ڳالهائيندي هن آمريڪي اختيارين جي رويي کي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي، هن چيو ته آئون برطانوي شهري آهيان ۽ قانون موجب آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ برطانوي شهرين کي ويزا جي ضرورت ناهي، مون سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آمريڪي اختيارين کيس آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جو ڪو به سبب ناهي ٻڌايو، هن چيو ته کيس 26 ڪلاڪ حراست ۾ رکي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، هن چيو ته کيس هٿڪڙيون هڻي نيوجرسي ۽ نيويارڪ ۾ مختلف هنڌن تي رکيو ويو، هن آمريڪا بدري جو ذميوار صدر مشرف کي قرار ڏنو.