|
شعيب ملڪ جو ڀارتي اداڪاره سان
نئون اسڪينڊل ظاهر،شعيب خاص مون سان ملڻ ايندو آهي:سيالي ڀاڳت
نئين
دهلي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان شعيب ملڪ کي
ممبئي ۾ ڀارتي اداڪاره ۽ اڳوڻي مس انڊيا سيالي ڀاڳت سان هوٽل ۾
ملاقات ڪندي ڏٺو ويو آهي، جنهن بعد اداڪاره سيالي ڀاڳت ان جي
تصديق ڪندي صحافين کي ٻڌايو آهي ته سندس هڪ سال کان شعيب ملڪ
سان رابطا آهن ۽ هو خاص مون سان ڀارت ملڻ ايندو آهي، سيالي
ڀاڳت ڀارتي فلم ٽرين ۾ عمران هاشمي سان گڏ ڪم ڪري چڪي آهي، هن
چيو ته شعيب ملڪ سان ٽيليفون ۽ اي ميل ذريعي پڻ رابطا آهن، هن
چيو ته اڃا اسان هڪ ٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جڏهن
ته کانئس شعيب ملڪ جي حيدرآباد دکن ڇوڪري واري اسڪينڊل بات پڇو
ويو، هن دعويٰ ڪئي هئي ته شعيب ملڪ ساڻس شادي ڪئي آهي، ان بابت
سيالي ڀاڳت چيو ته اهي شعيب تي ڪوڙا الزام آهن، صحافين کانئس
مذهب بابت سوال ڪيو ته هن جواب ڏنو ته مذهب ڪو مسئلو ناهي. |