دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)

احمد فراز جي طبيعت ۾ بهتري اچي وئي،ماڻهن کي سڃاڻڻ لڳو

نيو يارڪ(فارين ڊيسڪ) ننڍي کنڊ جي نامياري شاعر احمد فراز جي طبيعت ۾ بهتري  اچي وئي  آهي ۽ هو ماڻهن کي سڃاڻي رهيو آهي، احمد فراز جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر مرتضيٰ آرائين بي بي سي سان  ڳالهائيندي چيو ته احمد فراز جي  يادداشت ۽ اکين جي  چرپر واپس آئي آهي پر اڃا تائين اهو نه ٿو چئي سگهجي ته سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي، ڊاڪٽر ٻڌايو ته احمد فراز کي بڪين جي تڪليف سميت ڪيترائي مرض آهن پر هن جو بلڊ پريشر ۽ دل جي ڌڙڪن ڪم ڪري رهي آهي.