|
مشرف ڏيڍ ڪروڙ رپيا روزانو
معاوضو وٺڻ عيوض مختلف ملڪن ۾ ليڪچر ڏيندو
واشنگٽن
(ڪاوش نيوز) اڳوڻو صدر پرويز مشرف ڏيڍ ڪروڙ رپيا روزانو معاوضي
عيوض دنيا جي مختلف ملڪن ۾ روشن خيالي تي ليڪچر ڏيندو، آمريڪي
رسالي جي رپورٽ مطابق شڪاگو جي هڪ ٿنڪ ٽينڪ ايمبارڪ ايل ايل سي
جي صدر ڊيوڊ ويلر اعلان ڪيو آهي ته پرويز مشرف وچ اوڀر سميت
مختلف ملڪن ۾ ليڪچر ڏيڻ تي هڪ ڏينهن جا ڏيڍ کان ٻه لک ڊالر
وٺندو ۽ ان جي اچ وڃ لاءِ خاص جهاز به ڏنو ويندو، مختلف ملڪن
جي مختلف جاين تي ليڪچر ڏيڻ جي صورت ۾ معاوضو 5 لک کان هڪ
ڪروڙ ڊالرن تائين به ٿي سگهي ٿو، پاڪستاني رپئي جي موجوده قدر
مطابق هي رقم ست ڪروڙ ستر لک رپيا ٿئي ٿي.
|