اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ اهم  ملاقات لنڊن بدران پاڪستان ۾ ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ  چيئرمين آصف علي زرداري ۽ نواز ليگ جي سربراهه ميان  نواز شريف وچ ۾  اهم ملاقات  لنڊن  بدران پاڪستان  ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي،  اعليٰ سطح جي ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ملاقات  لاءِ پ پ طرفان پيغام اماڻيو ويو، (ن) ليگ اڳواڻ احسن اقبال  ملاقات  جي امڪان جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته نواز ليگ جي خواهش آهي ته اتحاد برقرار رهي.