اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو:سيڪيورٽي سخت اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي اربع ڏينهن شام جو ٿيندو، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا سربراهه بند ڪمري ۾ بريفنگ ڏيندا، اجلاس لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته وزيراعظم يوسف رضا گيلاني نواز شريف کي فون ڪري اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي، اجلاس ۾ ان ڪئميرا بريفنگ بعد ملڪ جي امن امان صورتحال، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ قبائلي علائقن بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي، اجلاس جي ايجنڊا وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر فهميده مرزا جي مشاورت سان ٺاهي ويندي، اجلاس لاءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي ۽ گاڏين جي تلاشي شروع ڪئي وئي آهي، اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سمورن پارليامينٽرينز کي دعوت ڏني وئي آهي، پيپلز پارٽي جي ترجمان فرحت الله بابر چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ بحث سان نه رڳو عوامي نمائندن جي خواهشن مطابق هڪ منصوبو تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر ان معاملي تي عوام کي پڻ اعتماد ۾ وٺڻ جو موقعو ملي سگهندو، وائيس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس پارٽي دهشتگردي خلاف جنگ جي حوالي سان اڳوڻي پاليسي جو اعتراف ڪري ٿي، ڇو ته پرويز مشرف طرفان جوڙيل هڪ طرفي پاليسي تي پاڪستاني قوم ۽ نه ئي سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو ويو، حڪومت پارليامينٽ ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندن وسيلي سمورين ڌرين جو موقف ٻڌڻ سان گڏوگڏ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار بابت عوام ۽ ان جي نمائندن جي جذبن جو پڻ خيال رکندي، هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ ڳجهن ادارن جا سربراهه ملڪ کي درپيش چئلينجن ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار بابت ميمبرن کي بريفنگ ڏيندا، پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ڪجهه حساس نوعيت جي معاملن تي بحث ٿيڻ جو امڪان آهي، تنهن ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته اجلاس ان ڪئميرا ٿيندو، ماضي ۾ ان ڪئميرا اجلاس حساس معاملن تي ٿيندو رهيو آهي ۽ اهو جمهوري عمل جو حصو آهي.
|