اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان آصف جي صدارتي چونڊ ۾ اهليت بابت پٽيشن خارج اسلام آباد (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف علي زرداري جي صدارتي چونڊ ۾ اهليت بابت داخل ڪيل رٽ پٽيشن خارج ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته عدالت رٽ پٽيشن داخل ڪرائيندڙ کي اجازت ڏني آهي ته هو صدارتي چونڊ عمل ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر اپيل ڪري سگهي ٿو. ڪالهه جسٽس سردار محمد اسلم جي سنگل بينچ ايڊووڪيٽ سردار ظهير احمد خان طرفان داخل ڪيل رٽ پٽيشن جي ٻڌڻي ڪئي. پٽيشنر موقف اختيار ڪيو آهي ته آصف علي زرداري صدارتي چونڊ وڙهڻ جي قابل نه آهي، ڇاڪاڻ ته مٿس بدعنوانين جا الزام آهن ۽ سندس خلاف ڪرپشن ريفرنس پڻ داخل ڪيل آهن، هن چيف اليڪشن ڪمشنر جي آصف علي زرداري جي اهليت بابت فيصلي کي پڻ چئلينج ڪيو. چيف جسٽس پٽيشنر جا مختصر دليل ٻڌڻ کانپوءِ چيو ته پٽيشنر پاڻ صدارتي اميدوار نه رهي چڪو آهي. تنهن ڪري هو صدارتي چونڊ عمل کي چئلينج ڪرڻ جو حق نه ٿو رکي. چيف جسٽس چيو ته سمورين صدارتي اميدوارن هڪٻئي مٿان ڪنهن به قسم جو اعتراض نه واريو آهي ۽ سموري عمل کي قبول ڪن ٿا. هن چيو ته جڏهن صدارتي چونڊن ۾ صرف 2 ڏينهن رهجي ويا آهن ۽ هن وقت ڪنهن قسم جو حڪم ڏيڻ ممڪن نه هوندو. پٽيشنر درخواست ڪئي ته هو پنهنجي پٽيشن تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهي پر کيس صدارتي چونڊن کانپوءِ ٻيهر اپيل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، چيف جسٽس سندس درخواست قبول ڪندي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو. |