اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

حسين هارون گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو مقرر:نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/ ڪي ٽي اين نيوز رپورٽ) وقتي صدر محمد ميان سومري عبدالله حسين هارون کي گڏيل قومن ۾ پاڪستان  جي مستقل نمائندي طور مقرري جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد مقرري جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ايندڙ هفتي عهدي جون ذميواريون  سنڀاليندو، ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي حسين هارون چيوته گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندگي  پرڏيهي آفيس جواهم عهدو آهي  ۽گڏيل قومن ۾ 120 ملڪن  وٽ پاڪستان جي  نمائندگي  ڪرڻي پوندي آهي، هن چيوته في الحال ڪجهه مسئلا آهن، ايندڙ هفتي گڏيل قومن ۾ ذميواريون  سنڀاليندس، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيوته گڏيل قومن ۾ شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڪيس جي جاچ لاءِ جيڪي ڪم ضروري هوندا، ان لاءِ محنت ڪندس.