ايوان صدر سميت سڄي ملڪ جي آفيسن مان مشرف جون تصويرون هٽايون ويون

اسلام آباد: ڪيبنيٽ ڊويزن ايوان صدر سميت سڄي  ملڪ جي اهم سرڪاري آفيسن  ۽ پرڏيهي ملڪن جي سفارتي  مشنن تان  اڳوڻي صدر پرويز مشرف جون تصويرون هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن  جاري ٿيڻ بعد وزيراعظم سيڪريٽريٽ، جي ايڇ ڪيو، ايئر هيڊ ڪوارٽرز ۽ فارميشن ڪمانڊرن جي آفيسن تان اڳوڻي صدر پرويز مشرف جون تصويرون لاٿيون ويون.