ڊاڪٽر عافيه بابت جواب داخل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي هفتي جي مهلت

اسلام آباد (بيورو  رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس ۾ تفصيلي جواب داخل نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته هفتي اندر جواب داخل ڪرايو وڃي، 15 آڪٽوبر  بعد  وڌيڪ مهلت نه ڏني ويندي،  هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار اسلم ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن عافيه کي پاڪستان مان غير قانوني طور  تي کنڀيو ويو آهي ان جي  واپسي جو  مطالبو ڪري  سگهجي ٿو، ڪالهه  اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار  اسلم تي ٻڌل عدالت  ۾ ايڊووڪيٽ جاويد اقبال جعفري طرفان ڊاڪٽر عافيه  جي بازيابي لاءِ  داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾  ڊپٽي اٽارني جنرل   اقبال قريشي، پرڏيهي  وزارت جو  ايڊيشنل سيڪريٽري  شاهد الله  بيگ، پرڏيهي وزارت ۾  آمريڪي ڊيسڪ جو ڊائريڪٽر  منصور  احمد ۽  درخواستگذار جاويد اقبال جعفري پيش ٿيا، ڪالهه اقبال جعفري  عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته عدالت  گذريل ٻڌڻي تي حڪم ڏنو هو ته  پرڏيهي وزارت تفصيلي   جواب داخل ڪري پرڏيهي  وزارت اهو حڪم نه مڃيو، حڪومت  عافيه  ڪيس ۾ ڪن لاٽار ڪري رهي آهي ته انهن  800 پاڪستانين جو ڇا  ٿيندو جن کي پئسن عيوض آمريڪا حوالي ڪيو ويو آهي  جولاءِ   ۾ مون  درخواست داخل  ڪرائي آهي پر حڪومت  ساڍن 3 مهينن ۾ ڪو به  جواب نه ڏنو آهي،  جنهن  مان  لڳي ٿو  ته حڪومت سنجيده ناهي، عدالت پرڏيهي وزارت جي عملدار منصور احمد خان کان پڇيو ته هن  ڪيس ۾ جيڪا اڳڀرائي ٿي آهي  انهي بابت عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي،