|
چيف جسٽس آهيان،وڪيل تحريڪ جي
قيادت نه ٿو ڪري سگهان:جسٽس چوڌري
اسلام
آباد (آن لائن) هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري وڪيلن واري
تحريڪ جي اڳواڻي جي ترديد ڪندي وڪيلن کي اپيل ڪئي آهي ته هو
جدوجهد ۽ اتحاد برقرار رکن ۽ آئين جي بحالي لاءِ متحد رهن،
هن اها ڳالهه ڪالهه سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري
امين جاويد جي سربراهي ۾ ملندڙ وڪيلن جي وفد سان ڪئي، هٽايل چيف
جسٽس مختلف اخبارن ۾ وڪيلن جي تحريڪ جي اڳواڻي سنڀالڻ وارين
خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته مان آئيني طور تي چيف جسٽس آهيان،
انهي لاءِ ڪنهن به تحريڪ جي اڳواڻي نه ٿو ڪري سگهان، تحريڪ
جي اڳواڻي صرف وڪيلن وٽ آهي ۽ مان انهن کان مطمئن آهيان.
|