سي اين جي جا اگهه ڊيلرن ۽ خريدارن کي پاڻ ۾ طئي ڪرڻا آهن:وفاقي سرڪار

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عزيز الله ايم ميمڻ  ۽ جسٽس خالد علي زيڊ تي ٻڌل ڊويزن بئنچ سي اين جي جا وڌيڪ اگهه وٺڻ خلاف ٻن وڪيلن پاران داخل ڪيل آئيني درخواستن تي پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزارت جو موقف وٺڻ بعد 20 آگسٽ تائين ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل عمر حيات سنڌو وفاقي سرڪار جو لکت ۾ موقف پيش ڪيو، جنهن ۾ عدالت کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 2 جولاءِ تي سي اين جي جي اگهن ۾ 29 سيڪڙو واڌ ڪئي هئي پر  پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي انچارج وفاقي وزير شاهه محمود قريشي صحافين جي سوالن جي رش ۾ غلطي سبب سي اين جي جي قيمتن ۾ 13 رپيا اضافي جو  اعلان ڪيو هو پر  ان کي فوري طور غلطي تصور ڪري 5 رپيا 33 پئسا في ڪلو تي اضافو ڪيو پر ان باوجود سي اين جي ڊيلرز ايسوسيئيشن نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بنا ئي سي اين جي جي اگهن ۾ 13 رپين جو اضافو ڪري ڇڏيو، جيڪو پاڻمرادو هو، جنهن لاءِ کين اهڙو اضافو واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو. موقف ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته قانون مطابق سي اين جي جا اگهه ڊيلرز ۽ خريدارن کي پاڻ ۾ طئي ڪرڻا آهن. جنهن کان پوءِ عدالت سي اين جي جي اگهن ۾ واڌ خلاف داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.