پاڪستاني ڊاڪٽرعافيه جي آزادي لاءِ آمريڪا ويندڙ سينيٽرز جو دورو ملتوي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستاني ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي ۽ ڪيسن جي سلسلي ۾ آمريڪا ويندڙ سينيٽرز جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته 6 سيپٽمبر تي صدارتي  چونڊ سبب ڪاميٽي جي وفد جو دورو  ملتوي ڪيو ويو آهي،  ڪاميٽي جو چيئرمين  مشاهد حسين به صدارتي اميدوار آهي، وفد ۾ سينيٽر طلحه محمود، سعديه عباسي سميت 4 سينيٽرز شامل هئا، جن کي پهرين سيپٽمبر تي آمريڪا وڃڻو هو، ٻئي طرف ڊاڪٽر عافيه صديقي  جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه  صديقي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عافيه جي آزادي لاءِ پاڪستاني قوم متحد ٿي وڃي، هن چيو ته حڪومت عافيه جي پٽ کي ڏيهه آڻڻ لاءِ مدد ڪري هن چيو ته ڊاڪٽر عافيه جي هڪ پٽ جي سڃاڻپ ٿي  وئي آهي.