|
ٿر جي ڪوئلي تي سيڙپ لاءِ 29
جولاءِ تي عالمي مالياتي ادارن جي ڪانفرنس سڏائي
آهي:وزيراعظم
اسلا م آباد:
وزيراعظم چيو ته حڪومت 10 هزار هارين جو کير جي پيداوار
وڌائڻ لاءِ حوصلو وڌائيندي، ايندڙ سال لوڊشيڊنگ تي ضابطو
آندو ويندو. ان ڏس ۾ عالمي پاور ڪمپنين 4 ارب ڊالر سيڙپ جي آڇ
ڪئي آهي، ٿر ڪول اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي ۽ ٿر جي ڪوئلي تي
سيڙپ لاءِ 29 جولاءِ تي عالمي مالياتي ادارن جي گول ميز
ڪانفرنس سڏائي وئي آهي.
|