اڳوڻي سيڪريٽري خان محمد مهر کي مليل سزا اين آر او تحت ختم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ  سنڌ جي اڳوڻي بااختيار صوبائي سيڪريٽري  خان محمد مهر کي مليل  10 سال قيد ۽  14 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي سزا اين آر او تحت ختم ڪري نيب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر، جسٽس اعجاز الحق ۽ جسٽس چوڌري اعجاز يوسف تي ٻڌل 3 رڪني فل بئنچ آڏو خان محمد مهر جو وڪيل ابراهيم ستي ۽ نيب طرفان صديق مرزا پيش  ٿيو، ابراهيم ستي چيو ته  نيب عدالت خان محمد مهر کي 2000ع ۾ سزا ٻڌائي، انهيءَ کانپوءِ لاڳيتو ڪيس کي اينگهايو ويو، نيب کان اڳ هي ڪيس داخل ٿيو، اينٽي ڪرپشن هن ڪيس کي نيب ڏانهن موڪليو، صديق مرزا چيو ته اينٽي ڪرپشن وٽان هي ڪيس  آيو آهي، انهيءَ ڪري اين آر او جي ذمري ۾ نه  ٿو اچي، ان تي جسٽس چوڌري اعجاز چيو ته نيب ته هاڻ ٺهيو آهي، ائين  ڏسجي ته انهيءَ کان اڳ ۾ جن ماڻهن تي ڪيس داخل ٿيا آهن، انهن مان ڪو به اين آر او تحت بچي نه سگهندو. سپريم ڪورٽ مختصر حڪم نامي ذريعي خان محمد مهر جي اپيل منظور ڪندي نيب عدالت طرفان مليل  10 سال  قيد ۽ 14 ڪروڙ ڏنڊ جي سزا ختم ڪري ڇڏي، واضح رهي ته نيب عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ خان محمد مهر کي  2000ع ۾ 10 سال قيد ۽  14  ڪروڙ ڏنڊ ۽  ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت  ۾ وڌيڪ اڍائي سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 جون  2008ع  تي سزا خلاف اپيل رد ڪئي، ڪالهه سپريم ڪورٽ سندس سزا ختم ڪئي آهي.