|
رمضان پئڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورن کي هڪ ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت رمضان مهيني دوران يوٽيلٽي اسٽورن تي عام واهپي جي شين جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ رمضان پيڪيج ۾ هڪ ارب رپيا يوٽيلٽي اسٽورن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ هلندڙ مهيني دوران ئي ملڪ اندر وڌيڪ 15 سئو يوٽيلٽي اسٽور کولڻ جو ڪم مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته (ن) ليگ ، اپوزيشن، پ پ ميمبرن جي مطالبي تي ڊاڪٽر عافيه صديقي سان يڪجهتي ۽ ڀارت پاران تڪراري ڪارٽون شايع ڪرڻ خلاف اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قراردادون پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي وفاقي حڪومت اقرار ڪيو آهي ته سرڪاري گهرن تي پوليس کاتي جي ملازمن قبضو ڪيو آهي ۽ حددخليون ڪري پراپرٽيون وڪرو ڪيون ويون آهن، قومي اسيمبلي جي چيئرپرسن سيد نفيسه شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سوالن جا جواب ڏيندي وزير اعظم جي انڊسٽري بابت صلاحڪار ميان منظور وٽو اعلان ڪيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورن تي عام واهپي جي شين جي خريداري تي رش رهڻ کي تسليم ڪيون ٿا پر عام واهپي جي شين جو يوٽيلٽي اسٽورن تي مقدار وڌائڻ جو حڪومت ڪو به ارادو نٿي رکي، جڏهن ته حڪومت رمضان مهيني دوران عام واهپي جي شين کي يوٽيلٽي اسٽورن تي سستي اگهن تي موجود هجڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ارب رپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ملڪ ۾ ٽوٽل 6 هزار يوسيز آهن، جن مان 45 سئو يوسيز ۾ يوٽيلٽي اسٽور قائم ٿيل آهن، باقي 15 سئو يوسيز ۾ آگسٽ دوران ئي يوٽيلٽي اسٽور قائم ڪرڻ واري ڪم کي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته حڪومت هڪ يوسي ۾ هڪ يوٽيلٽي اسٽور سبب خريدارن جي رش کي ڏسي انهن جو تعداد وڌائڻ لاءِ ويچاري رهي آهي، جڏهن ته سياحت جي وفاقي وزير راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڊڪٽيٽر شپ قائم ٿيڻ بعد لڳاتار امن امان جي صورتحال خراب ٿي،جنهن ڪري ماڻهو جان جي خطري سبب تفريحي هنڌ تي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، حڪومت گذريل چئن مهينن کان لا اينڊ آرڊر کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هاڻي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. تعميرات جي وزير رحمت الله ڪاڪڙ چيوته تعميرات وزارت جو سرڪاري رهائش رکندڙن بابت رڪارڊ لال مسجد واقعي ۾ سڙي ويو آهي، جنهن ڪري ٻيهر رڪارڊ تيار ڪيو پيو وڃي، هن چيوته وفاقي سرڪار جي ملازمن جو تعداد 21817 آهي، جن مان 18108 ملازمن کي گهر الاٽ ڪيا ويا آهن. اجلاس دوران پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي مسلم ليگ(ن) جي چوڌري نثار علي خان چيو ته عافيه بابت پهريان ئي وقت ضايع ڪري چڪا آهيون، گڏيل قرارداد ان سان گڏ هجڻ جي پاس ڪئي وڃي ۽ پارليامينٽ جي گڏيل ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ان ڪيس کي ڏسي ۽ ان جي ليگل امداد لاءِ هتان ٽيم موڪليو. هن چيوته عافيه جا ٻار هن وقت به گم آهن، خبر ناهي اهي ڪٿي آهن، قانون جي وفاقي وزير فاروق نائيڪ ان موقعي تي چيو ته شاهه محمود قريشي ناهي آيو، اگر ان چيو آهي ته قرارداد تيار ڪئي وڃي ته پوءِ اڄ قرارداد پيش ڪئي ويندي، هن چيو ته ڀارتي اخبارن پاران تڪراري ڪارٽون شايع ڪرڻ بابت به گڏيل قرارداد اڄ پيش ڪئي ويندي، اجلاس ۾ وزير قانون انساني حقن ۽ اليڪٽرانڪ ڪرائيم آرڊيننس 2008 بل پيش ڪيو. |