|
ڪراچي جي هڪ سنڌي اسڪول ۾ سڄي
پاڙي جو ڪچرو اڇلايو وڃي ٿو، پر اردو اسڪول ۾ سڀ سهولتون آهن:
صوبائي وزير تعليم
حيدرآباد
: ڪاوش جي تعليم فورم ۾ ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير پير
مظهر الحق صديقي چيو ته ڪراچي جي چنيسر ڳوٺ ۾ هڪ سنڌي اسڪول
آهي، جنهن ۾ سڄي پاڙي جو ڪچرو اڇلايو وڃي ٿو، اها وڏي متڀيد
آهي ته انهي گرلز اسڪول ۾ ليبارٽري به آهي ڀر ۾ وري اردو ميڊيم
اسڪول آهي، جنهن ۾ ٽوائليٽ آهي، پر سنڌي اسڪول ۾ ٽوائليٽ ئي
ناهي، آئون جلد چنيسر ڳوٺ جي انهي اسڪول جو وزٽ ڪندس. هن چيوته
پئسا پياآهن پر خرچ نه ٿو ڪيو وڃي. |