ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2

امبرين هيسباڻي

                هوءَ ڳوٺ جي سمورين ڇوڪرين ۾ خوبصورت ۽ خوب سيرت هجڻ سان گڏوگڏ پڙهڻ ۾ به اوترو ئي هوشيار هئي، پرائمري ڳوٺ جي اسڪول مان پاس ڪرڻ بعد جڏهن هوءَ ڀر واري شهر ۾ روز بس ۾ سوار ٿي پڙهڻ ويندي هئي ته پاڙي وارا سندس والد  کي ”بُرو ڀلو“ چوندا هئا، سندس والد ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي ڌيءَ جي پڙهائي جاري رکي، سندس ڌيءَ توڙي هن جي اکين ۾ هڪ ئي خواب هو ته ”سلميٰ هڪ ڏينهن ضرور سرڪاري آفيسر ٿيندي“ پر شايد سلميٰ جي قيمتن ۾ اها سرڪاري نوڪري نه لکيل هئي جو جڏهن هوءَ پنهنجي والد جي گهران بي اي جي ڊگري وٺي مڙس وٽ پهتي ته مڙس کيس نوڪري ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اڄ هوءَ چئن ٻارن جي ماءُ آهي. سندس مڙس انهيءَ ڪري کيس نوڪري تي نه وڃڻ ڏنو جو سندس چوڻ هو ته ”ماڻهو ڇا چوندا؟“ ماڻهو ڇا چوندا؟ واري سوچ سبب اڪثر پڙهيل لکيل ڇوڪريون نوڪريون نه ڪري سگهيون آهن ۽ اها ساڳي ئي سوچ نوڪريون ڪندڙ عورتن تي به تلوار وانگر لٽڪيل آهي. اڄوڪي جديد دور ۾ هر ماڻهو تيزي سان اڳتي وڌڻ جي جستجو ۾ لڳو پيو آهي پر اتي ئي جيڪڏهن عورتن جي حوالي سان ڪو ذڪر نڪري اچي ٿو ته انهن جي ذهنن ۾ وري کان پراڻيون سوچون جنم وٺن ٿيون. جيئن ته هن وقت ڪا ڇوڪري يا عورت ڪڏهن مجبوري تحت نوڪري ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري ٿي، اتي ئي ڪونه ڪو سندن اڳيان رڪاوٽ بڻجي وڃي ٿو، ڇو ته اسان جي اڄ جي عورت به سماج جي ريتن رواجن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، اسان جي معاشري ۾ اهو هڪ عام تاثر آهي ته نوڪري ڪندڙ ڇوڪرين کي گهٽ نظر سان ڏٺو ويندو آهي، جنهن جي ڪري انهن عورتن کي گهڻين پريشانين کي مُنهن ڏيڻو پوندو آهي. انهيءَ سبب ڪافي ڇوڪريون پريشانين مان تنگ اچي نوڪري ڇڏڻ تي مجبور ٿينديون، اسان مان اڪثر ڇوڪريون پنهنجي شوق خاطر نوڪري ڪن ٿيون پر ڪجهه اهي ڇوڪريون جيڪي صرف مجبوري تحت گهر کان ٻاهر نڪرنديون آهن، انهن مان خاص اهي ڇوڪريون جيڪي فيڪٽرين يا ڪنهن نه ڪنهن آفيس ۾ ڪم ڪنديون آهن. اهڙين ڇوڪرين ۽ عورتن جي مسئلن جو اندازو لڳائڻ ممڪن ئي نه آهي. هن به نوڪري لاءِ گهر کان ٻاهر پير تڏهن پاتو جڏهن سندس گهر ۾ ڪمائڻ وارو ڪوبه نه هو ۽ هن B.A تائين جي تعليم به وڏين مشڪلاتن سان پرائي هئي پر جڏهن هن هڪ پرائيويٽ اداري ۾ اڪائونٽنٽ جي نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ته اوڙي پاڙي وارن کان علاوه هن جي مٽ مائٽن به هن جي گهر اچڻ وڃڻ بند ڪيو. ڇو ته انهن جي خاندان ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪابه ڇوڪري ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نه نڪتي هئي، ائين ئي هن جي مائٽن جو چوڻ هو ته هاڻي هي ڪمائيندي ۽ پيءُ ڀائر هن جي ڪمائي تي هلندا. مائٽن جي اهڙي لفظن هن جي اندر کي جنجهوڙي ته وڌو پر هن ڪڏهن به همٿ نه هاري، اها ڪهاڻي نوشهروفيروز جي رهواسڻ فوزيه جي آهي جيڪا هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿي. هو پنهنجي گهر وارن جو پيٽ پالڻ لاءِ نوڪري ته ڪري ٿي پر گڏوگڏ هو ماڻهن جي اُبتين سُبتين ڳالهين کي به مُنهن ڏئي رهي آهي. فوزيه پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي چوي ٿي ته منهنجي مائٽن کان وڌيڪ منهنجي نوڪري تي اعتراض منهنجي پاڙي وارن کي آهي. جيڪي اڪثر منهنجي پيءُ ڀائرن کي چوندا آهن ته توهان جي ڌيءَ نوڪري ٿي ڪري ۽ آفيس جي گاڏي ۾ اچي وڃي ٿي، توهان جي گهر جي ڪري سڄي پاڙي تي اثر ٿو پوي يا ته توهان پنهنجي ڇوڪري جي نوڪري ڇڏرايو يا وري هن پاڙي مان لڏو کڻي وڃو. ڇو ته انهن جي نظر ۾ نوڪري ڪندڙ ڇوڪريون صحيح نه هونديون آهن، جڏهن ته منهنجي پاڙي وارن جون ڇوڪريون نوڪري ته نه ڪنديون آهن پر هو هر اهو فيشن ضرور ڪن ٿيون جيڪو انهن جي عمر کي جڳائي نه ٿو پر انهن جي پنهنجي نياڻين تي نظر وڃڻ بجاءِ مون تي نظر پوي ٿي ته مان نوڪري ڪري رهي آهيان. منهنجي نوڪري انهن کي نظر اچي رهي آهي پر منهنجي مجبوري نه! هڪ سوال جي جواب ۾ فوزيه ٻڌايو ته چوندا آهن ته ”پنهنجا ماريندا آهن ته به ڇانوَ ۾ ويهاريندا آهن.“ پر مون لاءِ پنهنجا به ڌارين کان گهٽ نه آهن، جڏهن اسان وٽ لپ اٽي جي نه هوندي هئي ته ڪير به اسان کان اهو نه پڇندو هو ته ماني کاڌي اٿوَ يا نه پر جڏهن کان مون نوڪري ڪئي آهي، سڀني کي اعتراض ٿئي ٿو. هن چيو ته منهنجو رشتو منهنجي سئوٽ سان طئه ٿيل هو پر منهنجي نوڪري جي ڪري هاڻي اهو به نه رهيو آهي، منهنجي چاچي جو چوڻ آهي ته هاڻي ته هي نوڪري ٿي ڪري هن لاءِ رشته کوڙ، منهنجي پٽ کي اهڙي نوڪري ڪندڙ ڪندڙ ڇوڪري جيڪا سڄو ڏينهن آفيس ۾ مردن سان گڏ گذاري ٿي هن جي ضرورت نه آهي، ائين ئي منهنجو رشتو ٽُٽي ويو، ڇا نوڪري ڪرڻ ڪرڻ پنهنجي گهر وارن جي مالي مدد ڪرڻ ايڏو وڏو گناهه آهي جو ايڏيون آڱريون مون مٿان کڄن ٿيون، جڏهن ته حيدرآباد جي رهواسڻ ساجده ٻڌايو ته اڄڪلهه جي دور ۾ نوڪري هر ڪنهن جي ضرورت بڻجي وئي آهي ۽ آئون به هڪ آفيس ۾ سيڪريٽري جي نوڪري ڪندي آهيان، جنهن تي هر ماڻهو غلط سمجهندا آهن، انهيءَ جڳهه تي جيڪڏهن ڪو مرد سيڪريٽري هجي ها ته اهو غلط نه هجي ها پر مان ڇوڪري انهيءَ سيٽ تي آهيان ته غلط آهي. منهنجي حوالي سان هونئن ته ٻاهريان ماڻهو ته گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن پر اسان جي آفيس جا ٻيا ملازم به گهٽ نه آهن، اهي مون مٿان لفظن جي ورکا ڪندا آهن، انهن جو چوڻ هوندو آهي ته ڪنهن کي به سر وٽ ڪو ڪم آهي ته ساجده کي ٻڌايو ته توهان جو ڪم آرام سان ٿي ويندو، ڇا انهن کي ڪو چوڻ وارو نه آهي جيڪي ايڏي آرام سان اسان جي غربت جو مذاق ٿا اڏائن، بهرحال اهو سماج ائين ئي هلڻو آهي، اهو ڪڏهن نه بدلجندو، آئون پنهنجن آفيس ساٿين جي ڳالهين تي ايترو غور نه ڪندي آهيان، ڇو ته نوڪري منهنجي مجبوري آهي، مان انهن ڇوڪرين وانگر نه آهيان جيڪي صرف شوق خاطر نوڪري ڪنديون آهن، انهن کي ڪنهن گهٽ وڌ ڳالهايو. اتان نوڪري ڇڏي وري ٻي ڪنهن آفيس ۾ ٻي نوڪري جي ڳولا ڪنديون آهن، اسان غريبن کي ته هڪ جڳهه تي مشڪل سان نوڪري ملندي آهي، پوءِ ان کي ته ڇڏڻ جو تصور به نٿي ڪري سگهان. اڪثر اهو به ڏٺو ويو آهي ته آفيس ۾ نوڪري ڪندڙ عورتون نه صرف ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿينديون آهن پر عام طور تي انهن کي پاڻ گڏ ڪم ڪرڻ وارن مرد مان به ڪافي شڪايتون ملنديون آهن هو انهن عورتن کي عزت جي نگاهه سان نه ڏسندا آهن يا وري انهن جي باري ۾ گهٽ وڌ ڳالهيون ڪندا رهندا آهن، ڪجهه اهڙو ورتاءُ مديحه سان به ڪيو ويندو آهي. مديحه ٻڌائي ٿي ته هڪ پرائيويٽ اداري ۾ Reception جي نوڪري ڪندي 4 سال گذري ويا آهن، ڪافي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي شروع کان وٺي مون کي هڪ غلط ڇوڪري سمجهندا آهن پر ان جي باوجود هو پاڻ به مون سان فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، هاڻي اهڙا ماڻهو فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، هاڻي اهڙا ماڻهو اسان کي آفيس ۾ پريشان ڪن ٿا ته ان جو مطلب اهو آهي ته انهن جي فطرت ئي اهڙي آهي ۽ اهي ٻين لاءِ مسئلا پيدا ڪندا آهن. انهن جي ڳالهين تي پريشان ٿيڻ ڳالهن جو حل نه آهي، ڇو ته پريشان ٿيڻ سان مسئلا حل ٿيڻ جي بجاءِ وڌيڪ وڌي ويندا آهن، هر انسان کي پنهنجي سوچ تي قابو رکڻ گهرجي، جيئن آئون به انهن ماڻهن جي ڳالهين جي پرواهه نه ڪندي آهيان، آفيس ۾ گهڻو وقت آئون پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيندي آهيان، انهيءَ سان منهنجي لاءِ گهٽ وڌ ڳالهائڻ وارا ماڻهو به خاموش هوندا آهن، ڇو ته اهو سڀ ڪجهه اسان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي، اسين پنهنجو خيال ڪيئن رکون. اڪثر نوڪري ڪندڙ اهڙيون عورتون به آهن جيڪي سڄو ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين ۾ ٽائيم پاس ڪنديون آهن ته اهي نه ته پنهنجي عزت حاصل ڪري سگهنديون آهن ۽ نه وري هو پنهنجو هڪ سٺو مقام ٺاهي سگهنديون آهن، انهيءَ لاءِ اهو ضروري آهي، هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڇڏي رڳو پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏين ته پوءِ ڪنهن ۾ به ايتري همت نه آهي ته هو اسان کي گهٽ وڌ چون. ڪراچي جي رهواسڻ فائزا ٻڌائي ٿي ته مون به ٻين غريب ڇوڪرين جيئان گهر کان ٻاهر نوڪري لاءِ تڏهن نڪتيس جڏهن منهنجي پيءُ مٿان لکين رپين جو قرض چڙهي ويو، اهو قرض منهنجي پيءُ منهنجين ٻن ڀينرن جي شادي لاءِ کنيو هو، بهرحال هن وقت آئون هڪ فيڪٽري ۾ نوڪري ڪريان پئي جتي مون کي 4000 رپيا پگهار ملندي آهي، صبح جو سوير 7 وڳي گهر کان نڪرندي آهيان ڊيوٽي ٽائيم شام جو 5 وڳي تائين پر مان 9 وڳي تائين اوور ٽائيم به ڪندي آهيان، جنهن تي منهنجا مٽ مائٽ ناراض ٿيندا آهن ته هي 9 وڳي تائين ٻاهر ڇو ٿي رهي. شايد ئي ڪا اهڙي نوڪري ڪندڙ ڇوڪري يا عورت هجي جيڪا پنهنجي مائٽن يا پاڙي وارن جي اهڙن مهڻن، طعنن، تير وانگر اندر ۾ چُڀيندڙ جملن جو شڪار نه ٿيندي هجي پر پوءِ به اهڙين عورتن ۾ حوصلو آهي، همت آهي ۽ اها ئي همت هن مدي خارج سماج ۾ سندن ڪنڌ مٿي کڻي جيئڻ جو حوصلو آهي.