ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2 |
|
فائزه علي ڪانڌڙو/ڪوٽڙي اهڙو رويو ان ڪري هوندو آهي جو احساس برتري، اڳتي وڌڻ جو جذبو انهن کي هڪ ٻئي سان ساڙ ۾ وجهندو آهي، عورتن تي dominate رهڻ جو جذبو ئي انهن کي هڪ ٻئي سان ٺاهه ڪرڻ ناهي ڏيندو، ان ۾ تربيت جو به وڏو عمل دخل هوندو آهي، جيڪڏهن Positive minded ڪا عورت هوندي ته هو برائي ۾ به ڪو ڀلائي جو پهلو ڳولي وٺندي آهي ۽ ڪا ساڙ ڪندڙ عورت هجي ته هو پنهنجي negative سوچ جي ڪري سٺي ڳالهه ۾ به برائي جو نقطو ڪڍي وٺندي آهي، هاڻي ته خوني رشتن ۾ به ساڙ ڪرڻ جو انتهائي برو جذبو چوٽ چڙهي ويو آهي، مرد ته ڪمائڻ لاءِ ٻاهر ويندو آهي ۽ پويان عورتن جي حڪومت هوندي آهي، هڪ ٻئي خلاف سازشون ڪندي مڙسن کي ڀڙڪائينديون رهنديون آهن ۽ پوءِ نئون محاذ جاري ٿي ويندو آهي. ”مان ڇو هن کان گهٽ آهيان، هو ڇو مڙس سان خوش آهن، هن وٽ ايترو ڇو آهي وغيره اهڙا جملا هلندا رهندا آهن، جنهن پويان حسرتن جو جهان آباد هوندو آهي ۽ حسرتن جي غلامي ڪندي پنهنجي ساڙ جون غلام ٿي ٻين کي ڏکائينديون آهن، هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ هاڻي ڏکيو ٿي ويو آهي، اسان جو جيئڻ موسم وانگر آهي، ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن ائين ئي اسان جا جذبا به منفي ٿي ويا آهن، جيئن برائي جلد حاوي ٿي ويندي آهي. ڀلائي جي نسبت ائين ئي عورتن ۾ حسد يا ساڙ جلد پکيڙڻ لڳو آهي، هر عورت ساڙ ناهي ڪندي ان جو شڪار صرف اهي عورتون ٿينديون آهن، جيڪي احساس محرومي ۾ ورتل هونديون آهن، انهن کي هر وقت هر ماڻهو کان شڪايت ئي رهندي آهي. زندگي کي بار سمجهندي گذارينديون آهن، اهي عورتون ته پاڻ خوش رهي سگهنديون آهن ۽ نه ٻين کي خوش ڏسڻ چاهينديون آهن، اهڙيون عورتون ناڪامي جا مُنهن ڏسنديون رهنديون آهن، هر وقت غصو، نفرت ۽ چيڙاڪ رهڻ دنيا ۾ ئي جهنم ٺاهڻ جو سبب هوندو آهي، هڪ عورت اڪيلي ناهي هوندي هو ڪنهن نه ڪنهن رشتي سان وابسته ضرور هوندي آهي ۽ هو پنهنجي حسد فطرت جي ڪري ان رشتي کي گهايل ڪري بيهارڻ ۾ ئي خزان سان ملائيندي آهي، عورت جيڪڏهن نُنهن آهي ته نڻان کان بيزار رهندي آهي، هن سان ساڙ رکي پريشان ڪندي آهي ۽ نڻان آهي ته ڀاڄائي جي پويان باهه ٻاريندي آهي، غرض عورتن جا آهن هو ٻين کي ايذا پهچائڻ جا هزار طريقا ڄاڻندي آهي، اهڙي عورت کي رڳو پنهنجو پاڻ ئي عزيز هوندو آهي، رڳو پنهنجي رشتي ۽ مفاد جي ڪري ٻين جي احساسن کي ڪچلي پاڻ اڳتي وڌنديون آهن. هنن جي زندگي ۾ رڳو شڪايتن جا ڍير هوندا آهن. حسد ڪرڻ وارن جي فطرت ئي ساڙوٽي هوندي آهي، ڳالهائڻ ۾ به ڪنڊا پيا ڪرندا آهن، ساڙ ڪندڙ عورتون چڱي ڳالهه ۾ ڪوبه غلط پهلو گڏي ٻين جو جيئڻ جنجال ڪنديون آهن، دولت ۽ خود پرستي انهن جو ايمان هوندو آهي، ٻيو جئي يا مري هن کي ته پنهنجي خواهشن جي ساڀيان کپي. چوندا آهن ته ساڙ انسان کي ائين کائيندو آهي، جيئن اڏوهي ڪاٺ کي پر اڄڪلهه ته ساڙ ڪندڙ کي پاڻ ته ڪجهه ناهي ٿيندو پر ٻين جي روح کي زخمي ڪيو ويندو آهي جو انسان ان اڻ ڏٺي باهه ۾ سڙندي سڙندي آخر هڪ ڏينهن رک ٿي ويندو آهي، زبان ۾ هڏي ته ناهي هوندي پر ساڙوٺي فطرت جي ڪري هي ٻين کي اهڙو ڌڪ رسائيندي آهي جوا نسان بيوس ٿي ويندو آهي پر اهڙي عورتن جي جيڪي ساڙ ڪنديون آهن، هنن جي پنهنجي به عزت ناهي ٿيندي. انسان جيڪڏهن ڪٿي ڪري ته اٿي سگهي ٿو پر جيڪڏهن نظرن کان ڪري پوي ته اٿڻ مشڪل هوندو آهي، هي زبان ئي انسان کي انسان کان جدا ڪندي آهي. اڄ جي عورت جي زبان تي ڪا مثال ڏيڻ في الحال فضول آهي، ڇو جو سڀني کي خبر آهي ته اڄ جي عورت جو وڏو هٿيار هن جي زبان آهي، جنهن مان تيرن، گولين ۽ بارودن جو وسڪارو ڪري تباهي جا رڪارڊ قائم ڪنديون آهن. ساڙ ڪندڙ عورت جي زبان جو Control ڪرڻ مشڪل آهي. عورت جو عورت سان ساڙ ڪافي عجيب آهي، هو به هڪ عورت هوندي آهي، جيڪا ٻين جي خوشين لاءِ پنهنجي پاڻ کي ميڻ بتي وانگر گهاريندي رهندي آهي، پنهنجي خواهشن، خوابن ۽ جذبات کي دٻائي ٻين جي لاءِ جيئندي آهي ۽ وري اهڙيون عورتون به آهن، جنهن جي فطرت وڇون جيان هوندي آهي ڀلي ڪيتري به ڀلائي ڪريون. وڇون جو ڪم ته رڳو ڏنگ هڻڻ آهي، صاف دل عورتن کي زمانو به چمڪندڙ لڳندو آهي ۽ ڪاري دل وارن کي دنيا ۾ ڪاراڻ ئي ته نظر ايندي آهي، عورت کي ساڙ تباهه ڪندو آهي، کڏ ٻين لاءِ کوٽينديون آهن، ڪرنديون پاڻ آهن، اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن جي مٿان گند اڇلائيندو ته پهريان توهان جا پنهنجا هٿ ئي گندگي ۾ ڀرجندا. هما ڀٽي/مورو عورتن جو هڪٻئي سان ساڙ يا حسد جا ڪيترائي سبب آهن، عورتون جڏهن پاڻ ۾ گهريلو ڪم ڪار ڪنديون آهن ته هڪٻئي سان ساڙ يا حسد ڪنديون آهن، هڪ گهر ۾ جوائنٽ فيمليز ۾ نڻانون، ڏيرياڻيون، سَسُ ۽ نُنهون سڀ گڏ هونديون آهن، پوءِ انهن جو اهو ساڙ حسد هوندو آهي، هوءَ ڪم ڇو نه ٿي ڪري، آئون ڇو ڪريان هوءَ معتبر آهي، جو ڪم نٿي ڪري. پوءِ اهي پيون هڪٻئي تي الزام هڻنديون آهن، پوءِ سڄو گهر ڦٽائي ڇڏينديون آهن. سياڻا سچ چوندا آهن، ”گهڻي مردين هر نه هلي گهڻي عورتين گهر نه هلي“ پوءِ روز روز جو ڪم روزانو پاڻ ۾ جهيڙا ۽ هڪٻئي سان اٽڪي پوڻ روز جو معمول بڻجي ويندو آهي ۽ انهي سبب جي ڪري عورتون گهريلو ڪم ڪار کان ڪيٻائينديون آهن، اڄڪلهه جوائنٽ فيملي سسٽم ختم ٿيندو پيو وڃي، جتي آهي اتي ٿي سگهي ٿو ته عورتون هڪٻئي سان ساڙ يا حسد ڪنديون آهن هر عورت چاهي اها ٿورو ڪم ڪري يا گهڻو پر پاڻ ۾ هڪٻئي تي ساڙ حسد نه ڪرڻ گهرجي. حقيقت ۾ عورتون گهر جون راڻيون هونديون آهن، عورت جيڪا سُندر سونهن آ پيار ڀري زندگي آ، عورت ماءُ آ، ڀيڻ آ، جيون جو همسفر ساٿي آ، ٻهراڙي جون عورتون اڪثر ڪري گهٽ هڪٻئي تي ساڙ ڪنديون آهن. اسلام ۾ توڙي عورت هجي يا مرد هجي پر هڪٻئي سان ساڙ يا حسد ڪرڻ جائز نه آهي. حسد دل جي سڀ کان وڏي بيماري آهي. انهيءَ ڪري عورتن کي اهو بار بار چوندس ته هڪٻئي تي حسد يا ساڙ نه ڪريو ۽ جيڪو به گهريلو ڪم هجي اهو گڏجي خوشيءَ سان ڪرڻ گهرجي، الله سائين عورتن کي بلڪه مردن کي ساڙ يا حسد کان بچائي. محمد حسين راڄڙ/سي سانگهڙ اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، انهيءَ معاشري ۾ ڪيترن ئي قسمن جون قومون رهن ٿيون، انهن مختلف قومن ۾ مختلف قسمن جون سوچ رکندڙ عورتون رهن ٿيون، پر حسد ۽ ساڙ هر طبقي جي عورت ۾ ڏٺو ويو آهي، اهو ساڙ هن دور کان نه بلڪي ڪيترين ئي صدين کان هلندو ٿو اچي پر هاڻي اهو ساڙ ڇوڪرين يا عورتن جي فطرت بڻجي چڪو آهي، ان جي وجهه اها آهي ته عورت ۽ ڇوڪري اهو چاهيندي آهي ته هو ٻين عورتن ۽ ٻين ڇوڪرين کان بهتر هجي پر جڏهن هو پاڻ ۾ ٻين عورتن کان بهتري نه ڏسندي آهي ته هو ساڙ ڪندي آهي. مثال جيڪڏهن ڪا عورت هن کان خوبصورت آهي ته هي ان جي خوبصورتي تي حسد ڪندي آهي. اها ئي هن جي Weekpoint هوندي آهي، ڇو ته هن کي ساڙ يا حسد بجاءِ Improvement جي ضرورت هوندي آهي، جنهن ڳالهه کي هي نه سمجهندي آهي. آئون انهن ڇوڪرين ۽ عورتن کي گذارش ٿي ڪريان ته انهن فضول ڳالهين کان پرهيز ڪن، پنهنجي هر ڪوتائي کي Improve ڪن بجاءِ ساڙ ڪرڻ جي توهان جيڪڏهن پنهنجي پاڻ کي ٻين کان خوبصورت نٿا سمجهو يا توهان کان وڌيڪ ٻين عورتن وٽ خوبصورت لباس، دولت يا خوشي آهي ته توهان ان تي حسد ڪرڻ بجاءِ اخلاقي رويي کي مضبوط رکو، جيڪو توهان جي اختيار ۾ آهي ۽ محبت، همت ڪري پنهنجي نيڪ ۽ سٺي عمل سان ان شيءِ کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو ته هن دور ۾ عورت کي ئي مظلوم ڪمزور قرار ڏنو ويو آهي ۽ هن ترقي شده دور ۾ پاڻ ڇوڪريون يا عورتون هڪٻئي سان ساڙ ڪنديون رهنديوسين ته پٺتي رهجي وينديونسين. هي ظالم معاشرو پاڻ عورتن کي دٻائي ڇڏيندو ۽ ان ظلم جو ذميوار به پاڻ ڇوڪريون ۽ عورتون هونديونسين، پاڻ عورتن کي مردن سان مقابلو ڪري اڳيان وڌڻو آهي پاڻ عورتون جيڪڏهن اهڙين ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ ئي مونجهاري جو شڪار رهيونسين ته ڪڏهن به اڳتي نه وڌي سگهنديونسين ۽ معاشري جي ظلم جو شڪار ٿي رهجي وينديونسين. بختاور قادر لاشاري/مڪلي عورتن جو اڪثر ڪري هڪٻئي سان ساڙ يا حسد ان ڪري هوندو آهي ته هڪ عورت ٻي عورت کان پنهنجي پاڻ کي ڪنهن به ڳالهه ۾ اصل گهٽ سمجهندي ئي نه! انهيءَ کي ئي حسد ۽ ساڙ چيو ويندو آهي. عورت هر ڳالهه ۾ صرف پنهنجي تعريف پسند ڪندي! ڇاڪاڻ ته عورت ئي عورت جي دشمن رهي آهي، اڪثر گهر ۾ ڀيڻ هجي نڻان، ڀاڄائي يا ٻيو ڪو رشتو عورت، عورت کي برداشت ئي نه ڪندي، هو هر طريقي سان هن سان ساڙ ضرور ڪندي پوءِ ڀلي گهر جو ڪم ڪار هجي يا وري ڪپڙي گندي جي ڳالهه هجي هو اهو به چاهيندي ته هن کان وڌيڪ فيشن ڪندڙ يا خوبصورت ٻي ڪانه هجي انهيءَ چڪر ۾ هو فضول خرچ ڪندي به نه گهٻرائيندي مطلب ته عورت هر روپ ۾ عورت تي ساڙ ضرور ڪندي آهي پوءِ ڀلي اها شهري طبقي جي هجي يا ڳوٺاڻي طبقي جي هجي اڪثر عورت حسد ۾ هڪ گهر مان ٻه گهر ڪرڻ جو ڪارنامو به انجام ڏيندي نظر ايندي آهي ۽ ڏوهي مرد کي چيو ويندو آهي. عورت ۾ ساڙ هڪ فطري عمل آهي ۽ اهو هڪ عورتن ۾ مرض ٿي چڪو آهي، ساڙ ڪرڻ تي عورت کي اذيت به پهچندي آهي، ڇاڪاڻ ته ساڙ حسد انسان کي ڳاري وجهندو آهي ۽ ان عمل کي رب سائين به پسند ناهي ڪندو. عورت ته هر روپ ۾ همدرد ٿي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن عورت هر ڪنهن سان نيٺائي ڪري ۽ هر ڪنهن جو ڀلو چاهي ته هوءَ هڪ فرشتي جو روپ ٿي ويندي ۽ هو ساڙ حسد جي ڪري بدنام به نه ٿيندي ۽ هڪ سٺي باشعور عورت کي حسد يا ساڙ سونهين ئي نه ٿو!!! نسمه لاکو/هوسڙي عورت جو هڪٻئي سان ساڙ ۽ حسد وارو رويو ته شروع کان وٺي هلندو پيو اچي، عورت جنهن جي فطرت ۾ شامل آهي ته هوءَ نه ڪنهن کي سٺو ڀائيندي ڏسي سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪنهن کي سٺو کائيندي ڏسي سگهي ٿي. عورت جنهن کي رب پاڪ هر خوبي سان نوازيو آهي، بس عورت جي سڀ کان وڏي خرابي اها آهي ته هو جذباتي هوندي آهي، عورتون جيڪڏهن حسد ڪرڻ ڇڏي ڏين ته هو هڪ ڪامياب زندگي گذاري سگهن ٿيون، عورت ڪڏهن به پاڻ مان مطمئن نه هوندي آهي، انهيءَ ڪري حسد ۽ ساڙ جو نشانو بڻجي ٿي، عورتون هڪٻئي سان ساڙ ۽ حسد جو رويو نه رکن ته هو پنهنجي دل جي سپنن جي ساڀيان ماڻي سگهن ٿيون پر ائين نٿو ٿي سگهي ڇو ته عورت ڪڏهن به پنهنجي فطرت بدلائي نٿي سگهي. رشيده رحيم ٽالپر/بدين عورت جو نالو پيار آهي پر ڪير ان ڳالهه کي سمجهي، عورت عورت سان ساڙ ۽ حسد جو نالو مرد هميشه عورت جي ذهن ۾ آڻڻ تي مجبور ڪري ٿو، هڪ عورت تي جڏهن ان جو مڙس پهاڄ جي روپ ۾ ٻي عورت گهر ۾ ايندي آهي ته پهرين عورت جي ذهن ۾ اها ڳالهه ايندي ته شايد ٻي عورت مون کان وڌيڪ خوبصورت آهي تڏهن ته منهنجو مڙس ٻي زال کي گهڻو پيار ڪري ٿو پوءِ اها عورت هر وقت ساڙ ڪندي رهندي آهي ۽ حسد ان جي دل ۾ گهر ڪري ويندو آهي، مرد جيڪڏهن پنهنجي زال جي چئي ۾ اچي ڀيڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو تڏهن سس پنهنجي نُنهن سان ساڙ ڪندي يا وري نڻان پنهنجي ڀاڄائي سان ساڙ ڪندي، حسد دل ۾ رکندي آهي پر مان سمجهان ٿي ته عورت عورت سان پيار ڪندي آهي، هڪ سٺي سهيلي، سهيليءَ سان پيار ڪندي آهي، ماءُ پنهنجي پٽ سان پيار ڪندي آهي پر نُنهن سان الاهي ڇو پيار نه ڪندي آهي ان سان وري حسد ته منهنجو پٽ رڳو زال جي ڪمري ويٺو آهي، زال لاءِ اڄ ته الائي ڇا آندو اٿس، بس سڄو ڏينهن پئي حسد ڪندي آهي. پر اهو ضرور ياد ڪريو ته اڄ توهان ڪنهن جي ڌيءَ سان حسد ڪريو ٿيون ته جڏهن توهان جي ڌيءَ ڪنهن ٻئي جي گهر وڃي ٿي نه ان سان به اهي مسئلا پيش اچي سگهن ٿا، تنهن ڪري حسد پنهنجي دل مان ڪڍي ڇڏيو ته اڄ جي سس هڪ سٺي ماءُ ٿي سگهي ٿي ۽ هڪ ڏنگي نُنهن سٺي ڌيءَ ٿي سگهي ٿي ان لاءِ پوءِ اسان جي گهرن ۾ ڪڏهن به حسد ۽ ساڙ جو ڪوبه بنياد نه هوندو، هڪ اها به ڳالهه اها به ياد رکو ته جڏهن اسان جي معاشري جا مرد پنهنجي هڪ وڏي زال تي گهٽ توجهه ڏين ٿا ۽ ننڍي زال تي گهڻي ته اهو رويو به حسد جو بنياد آهي پر ٻنهي زالن کي هڪ ۽ سٺي نموني پيار ڏين ته شايد انهن جي گهر ۾ ڪڏهن به جهيڙو، حسد ۽ ساڙ نه ٿئي. مريم ملاح/دادو هن دنيا ۾ انسانن وٽ ٻه اهڙيون شيون آهن، جيڪي هميشه هن جي زندگي جو حصو رهنديون آهن هڪڙي ”عادت“ ۽ ٻي ”فطرت“ عادت انسان دنيا ۾ اپنائيندو آهي ۽ فطرت هن کي الله تعاليٰ جي طرفان مليل هوندي آهي، عورتن ۾ ساڙ يا حسد به هڪ فطرت آهي، جيڪو عورت ۾ موجود هوندو آهي پر پوءِ اهو ان تي منحصر ٿو ڪري ته هو ان کي مثبت يا وري منفي ڪم ۾ آڻي، ڪي عورتون اهڙيون هونديون آهن جيڪي پنهنجي انا جي خاطر حسد يا وري ساڙ ڪنديون آهن، جيڪڏهن ڪا عورت ان جي برعڪس سٺا ڪپڙا يا وري جيولري پائي آئي ته هو ان کان حسد ڪندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي انا اها نه ڄاڻيندي آهي ته ان کانسواءِ ٻيو ڪير سٺو پائي يا وري ٻيو ڪجهه ڪم ڪري. حسد يا ساڙ وارو رويو جوائنٽ فيملي ۾ گهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. نڻانون پنهنجي ڀاڄائي سان ساڙ ڪنديون آهن، جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي ڀانئين ۽ ان جو خيال رکي ته پوءِ نڻانون ۽ سَسُ پنهنجي نُنهن سان ساڙ ڪنديون آهن ۽ اهو ساڙ ايتري حد تائين پهچي ويندو آهي جو هو پنهنجي ڀاڄائي جي خلاف پنهنجي ڀاءُ جا ڪن ڀرينديون آهن پر ڪجهه ڀاڄايون اهڙيون به هونديون آهن جن کي پنهنجون نڻانون ۽ سَسُ هڪڙي اک نه ڀائينديون آهن، جيڪڏهن انهن کي گهر ۾ عزت ملندي هجي ۽ انهن جا مڙس پنهنجين ڀينرن ۽ ماءُ جو خيال رکندا آهن ته پوءِ بس زال حسد ۾ مبتلا ٿي انهن کي گهر مان ڪڍڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي آهي، ان جو سبب صرف اهو حسد هوندو آهي ته هو ان گهر ۾ اڪيلي راڄ ڪري اهي سڀ عورتون ئي آهن، جيڪي هڪٻئي سان حسد ڪنديون آهن. عورتون حسد صرف پنهنجي انا کي مطمعين ڪرڻ لاءِ ڪنديون آهن، يا وري پنهنجي احساس ڪمتري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا عورت سٺي پوزيشن تي آهي ته هڪ ٻي عورت ان سان صرف ان لاءِ سڙندي آهي ته اها پوزيشن ان وٽ ڇو نه آهي، جيڪڏهن ڪاليج ۾ ڪا ڇوڪري هوشيار ۽ ٽيچرز جي فيورٽ آهي ته ٻيون ڇوڪريون ان جي عزت ۽ مان مرتبي کان سڙنديون آهن ته اهو سڀ اسان وٽ ڇو نه آهي ۽ پنهنجي احساس ڪمتري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هو ان کي هر ممڪن ڪوشش سان گهٽ هجڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن پر چوندا آهن ته پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن سو ڪي عورتون وري حسد يا ساڙ کي مثبت ڪم ۾ آڻينديون آهن ۽ ان کي پنهنجي اڳيان وڌڻ لاءِ استعمال ڪنديون آهن، جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن ڪم ۾ اڳتي هوندي ته هو ساڙ ڪرڻ بدران پاڻ محنت ڪندي ۽ ڪوشش ڪندي ته هو به ان ليول تائين پهچي. حسد يا ساڙ صرف عورتن ۾ نه پر مردن ۾ به موجود هوندو آهي ۽ حالتون به ساڳيون هونديون آهن، ڪي مرد ان کي مثبت ڪم ۾ استعمال ڪندا آهن ۽ ڪجهه وري منفي ڪم ۾. حسد جي باري ۾ حضور اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن فرمايو آهي ته ”حسد نيڪي کي ائين کائيندو آهي جيئن باهه ڪاٺي کي“ ته اسان کي گهرجي ته ان برائي کان بچون ۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ته ٻين کي به بچايون. شازيه علي شير ملاح/سنڌ آبادگار شگر ملز عورت جنهن کي الله تعاليٰ ماءُ جو رتبو ڏئي ان جي پيرن هيٺان جنت رکي آهي، ان کي هڪ اعليٰ مقام عطا ڪيو، جڏهن ان کي ڌيءَ ٺاهيو آهي ته اها رحمت آهي، جڏهن زال بڻي ته مرد جي عزت بڻجي وئي، عورت ۽ مرد هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، اڳي اسين عورتون مردن کي ذميوار قرار ڏينديون هيوسين پر هاڻي اسين ان جون ذميوار پاڻ آهيون ڇو ته مرد اڄڪلهه ڪجهه گهٽ ٿيا آهن، عورتن کي عذاب ڏيڻ کان ڪنهن به ظلم ڪرڻ کان پهريان هو سوچين ضرور ٿا. ائين به ناهي ته مرد عورت کي اڳتي وڌڻ کان جهلي ٿو پر هاڻي عورت کي عورت اڳتي وڌڻ کان منع ڪري ٿي، جڏهن عورتون هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿيون، اڪثر عورتون ننڍڙن ننڍڙن جهيڙن تي وڏا تضاد وڌائين ٿيون ۽ پوءِ اهي تضاد ساڙ يا حسد آڻي ڇڏين آهن، اڄڪلهه اهو رواج عام پئجي ويو آهي ته فلاڻي جو مون کان وڌيڪ خيال رکيو وڃي ٿو ۽ منهنجو نه؟ ۽ جڏهن اهو خيال ذهنن ۾ اڀري ٿو تڏهن ذهني جنگ جوٽي وڃي ٿي، جنهن جو نتيجو اسان ۽ توهان پاڻ ڏسو ٿا ته ڪهڙو نڪري ٿو. جنهن جي ڪري ساڙ اڀري اچي ٿو ۽ عورت عورت کي قابل تعريف بڻائڻ بدران قابل نفرت بڻائي ٿي، جنهن جي ڪري اسان عورتون معاشري ۾ پنهنجو مقام حاصل نٿا ڪري سگهون. جڏهن ادي بدي جون مائٽيون هجن ٿيون تڏهن ٿورن ٿورن ڳالهين تي وڏا جهيڙا اڀري اچن ٿا ۽ پوءِ ساڙ حسد ۽ غلط سوچون هر روز نئون جنم وٺن ٿيون، اسان جي عورت هر فيلڊ ۾ پاڻ مڃرايو آهي، سئي جي پورهئي کان وٺي قومي اسيمبلي جي ايوان تائين پنهنجو سر بلند ڪيو آهي، اسان عورتون سوچون گهڻو ٿيون، پر اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته عورت اڄ ڪهڙي منزل تي پهتي آهي هڪٻئي کي همٿائڻ بدران هڪٻئي تي تنقيد کليل ذهن سان ڪريون پيا، اسين چاهيندا آهيون ته ڪا اسان جي ڀيڻ اڳتي ڪنهن سٺي رتبي تي اچي ۽ جڏهن اسان جا اهڙا ريمارڪ هوندا ته پوءِ اسان ترقي ڪري نه سگهنداسين اسان پنهنجي عزت مان مرتبو / مطلب ته انسانيت سان وابسطا هر شيءِ کان ڪٽجي وينداسين، اسان کي هڪٻئي جو خيال رکڻو آهي، ايئن هڪٻئي جو خيال ڪرڻ سان اسان سٺي سوچ جا مالڪ بڻجنداسين. بينظير پريت گهمرو/ڳوٺ ڪيٽي مير محمد گهمرو عورتن جو هڪٻئي سان حسد وارو رويو ۽ ساڙ ڇو رهندو آهي؟ مان هڪ عورت ٿي اهو مڃڻ کان هرگز نه ڪيٻائينديس ته بلڪل عورتن جو هڪٻئي سان ساڙ ۽ حسد وارو رويو هر فورم تي رهيو آهي، پوءِ ان ۾ گهر هجي، اسڪول هجي، ڪاليج هجي، اسپتال هجي يا ڪا آفيس مطلب جتي ڪٿي ساڙ وارو رويو هميشه کان رهيو آهي، اها ڪا سٺي ۽ انوکي ڳالهه ناهي، جيڪڏهن توهان ٻار کي ڏسو ته جڏهن ان کي ڪا من پسند شيءَ نٿي ملي ۽ وري اها ئي شيءِ ڪنهن ٻئي دوست وٽ ڏسي ٿو ته پهريان ريس ڪري ٿو، پوءِ جيئن جيئن ان کي اهي شيون نٿيون ملن ته توهان ڏٺو هوندو ٻار ڪڏهن ساڙ ۾ انهن کي ڀڃي ٿو ڇڏي ۽ اهو ٻار جي ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ٿئي ٿو، والدين ايترو ڌيان نٿا ڏين هو هن کي معمولي ڳالهه سمجهن ٿا.سنڌي ۾ چوندا آهن ته ”ريس هجي حوس نه هجي.“ مطلب ريس ڪري پاڻ محنت ڪري هر شيءِ وٺي سگهون ٿا پر حوس ڪرڻ مسلمان تي جائز ناهي، آخر الله ڪنهن کي ايترو ڏنو آهي ته پوءِ ساڙ ڇو ڪريون، حسد ڇو ڪريون، ٻين لاءِ غلط سوچ ڇو رکون، جيڪڏهن ائين سڄو ڏينهن ساڙ ۾ گذري ويو ته Time به پنهنجو پيو ضايع ٿئي، جيڪو ان ٽائيم ۾ ڪم نه ڪري سگهياسين ان جو الڳ نقصان، تنهن ڪري انسانن کي خاص ڪري عورتن کي گهرجي ته هو هڪٻئي سان ساڙ نه ڪن، ڇو ته انسان کي ان جي نصيب مطابق ئي عزت، دولت ۽ ڪاميابي ملندي آهي، ساڙ ڪرڻ سان ان کي ڪو فائدو نه ٿيندو ويتر هو پنهنجي صلاحيتن جو استعمال نه ڪري سگهندو ۽ هر وقت ساڙ ڪري هو ٻئي کي نقصان نه پر خود پاڻ کي نقصان پهچائيندو. سنڌو علي ڌاريجو
|