ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2

 هما ڀٽي

 

      اسان ننڍپڻ کان وٺي پوڙهي ٿيڻ تائين زندگي جي حوالي سان انيڪ ڳالهيون ٻڌي به حيراني جو اظهار ناهيون ڪندا، ڪجهه ڳالهين تي عمل ڪندا آهيون ۽ ڪجهه تي هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيندا آهيون، هاڻي اسان پنهنجي ڪردار، عمل، سوچ ۽ ڳالهين جي ذريعي اهو ثابت ڪري رهيا آهيون ته اسان بي حسي جي آخري حد کي بس ڇهڻ ئي وارا آهيون. ان نفسياتي جي دور ۾ اسان پنهنجي زندهه لاشن جا بار پنهنجي ڪُلهن تي کڻي صفن تي مرڪن جا جگنو سجائي گهمندا ٿا وتون پر جڏهن اسان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائيندا آهيون ته زخمي روحن جو اهڙو گوڙ متل هوندو آهي جو ارمان روئندي ۽ کلندي زندگي کي گذارڻ وارا هاڻي ان ٻيڻي (double) زندگي مان بيزار ٿي ويا آهن، جتي ڏکن جو اهڙو پاڇو هر وقت ڇانيل رهندو آهي ته جنهن جي پاڇي ۾ ويهي به اسان جا پير زخمن ۽ ڳوڙهن کان ڀريل آهن، اسان پنهنجو وجود ڪٿي وساريندا ٿا وڃون هڪ ڊگهي رڻ پٽ ۾ بارش جو هڪ قطرو به دامن ۾ ناهي ۽ بس زندگي کي گذاريندا ٿا وڃون، بلڪه ائين چوڻ غلط نه هوندو ته اسان زندگي کي نه پر هي زندگي اسان کي گذاري رهي آهي، هر وقت هڪ عجيب طرح جو احساس اسان کي گهيريل رهندو آهي، سڪون، خوشي ۽ سک الاهي ڪٿان جا وڃي مسافر ٿيا آهن، اسان ته بس ساڙ، نفرت، ڪوڙ ۽ مادو پرستي جي اهڙي زنجيرن ۾ قيد ٿيندا ٿا وڃون، جنهن کان رهائي ممڪن نظر نٿي اچي، خواهشن جي غلامي ڪندي ڪندي زندگي جي غلامي کان آزادي جا خواب ڏسي رهيا آهيون، ان وقت دل رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي آهي، جڏهن ملڪ جي حالت ڏسندا آهيون، جتي سڏڪندڙ زندگيون خوني بلائن جهڙائپ رکندڙ انسانيت جي قبضي ۾ نظر اينديون آهن، جتي مظلوميت پنهنجو گهر ٺاهي ڇڏيو آهي، ظلم قهر بڻجي سڀني تي ڇانئجي رهيو آهي، انسان کي انسان جي ڪائي پرواهه ناهي رهي، رشتن جي پامالي ڪا وڏي ڳالهه ناهي رهي ۽ مائرن جا هنج اجڙڻ معمولي ڳالهه ٿي ويئي آهي. معصوم هٿڙن ۾ بجاءِ قلم  جي تلوار جي هڪ اهڙو هٿيار فراهم ڪيو پيو وڃي، جيڪو ان ٽڙڪندڙ گلن کي ڦٽڻ کان پهريان ئي انهن کي مسلڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو پيو وڃي، موت کي پنهنجي نرڙ تي سجائي هر ڪوئي پناهه ڳولي رهيو آهي، لڳندو ئي ناهي ته هي ملڪ ڪڏهن امن جو گهوارو هو پر هاڻي هي مهڪوم (غلام) بڻجي ويو آهي، اسان جي ان ناليوارن جذبن جو جيڪو ٻين کي ڪچلي خود اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ منزل جي خبر نه هوندي رستي جي اهڙي ڊاک ٺهي پيرن ۾ چنبڙي اتي ئي دفن ٿي ويندا آهن، اسان اميدن جو اهڙو چراغ روشن ڪندا آهيون، جيڪو روشني پکيڙڻ کان پهريان ئي اسان کي اونداهي ۾ ڀٽڪايو ٿا ڇڏين، هميشه ڪجهه سٺو ڪرڻ جي چاهه ۾ ٻين جي جذبات کي لتاڙي پنهنجي جڳهه ٺاهيندا آهيون، بنا ان ڳالهه جو احساس ڪندي ته اڄ جيڪو ورتاءُ اسان ٻين سان ٿا رکون سڀاڻي اهو اسان تي اچي ته پوءِ ڪيئن لڳندو؟ اسان ته تباهي جي اهڙي کڏن ۾ گهڙندا ٿا وڃون ۽ هڪ وقت  اهڙو ايندو جڏهن شيطانيت اسان تي حاوي ٿي ويندي، جيڪا گناهن ڏانهن راغب ڪرڻ کان علاوه دين ۽ دنيا جي محبت کي وساري ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ اسان کي صرف پنهنجا مفاد عزيز ٿي ويندا آهن، پنهنجي پاڻ کي پهريان اهميت ڏيندا آهيون ۽ اهوئي اسان کي تباهه ۽ برباد ڪندو آهي، اسان آخر ناز ڪندا ڪنهن تي آهيون، ان خوبصورتي جيڪا عارضي آهي، اڃا ته لئِه  Proudy ڪندا آهيون پر جڏهن وقت جو پنجو چهري تي اثرات ڇڏيندو آهي ته اها ئي بدصورتي موت تائين اسان سان گڏ هوندي آهي، اسان جنهن حسن تي غرور ڪندا آهيون اهو ئي حسن ته اسان کي داغدار ڪرڻ جو سبب به ته هوندو آهي، پنهنجي عملن جي وجهه سان الاهي ڇو اهو وساري ويٺا آهيون ته هي عارضي زندگي ۽ هڪ فاني دنيا آهي. ان سان دل ته لڳائي ڇڏي آهي پر پنهنجي وجود کي دفن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهيون، اڄ ته اسان جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ آهن پر هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو آهي جو اهو ساڳيو ئي گيهه آڱرين کي ڳاري به ڇڏيندو ۽ اسان عيبي ماڻهو ٿي زندگي گهاريندا رهنداسين، بهارن جي موسم ۾ به اسان خزان جي پنن وانگر هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين بيمقصد اڏامندا رهندا آهيون، شايد ئي ڪڏهن پاڻ سان ملي اسان خوش ٿيندا آهيون، ان زندگي جو قرض الاهي ته ڪڏهن لهندو، محبتن جي نالي تي ڏک ورهائي رهيا آهيون، جي ته رهيا آهيون پر مردن کان به بدتر زندگي اسان جي گهرن تي افلاس جا پهرا لڳل آهن، تحفظ فراهم ڪرڻ ته ڏور جي ڳالهه آهي اسان ته جنهن ٿالهي ۾ کائون ٿا ان ۾ ئي چير ڪري رهيا آهيون. دل هر برائي ڏانهن جلد راغب ٿئي ٿو. ان دل جي گهري سمنڊ ۾ ضرورتن، خواهشن ۽ حسرتن جو هڪ جهان آباد آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي روڊ تي ڊوڙي رهيا آهيون، جيڪو موت جي کوهه جي گهرائي ۾ اڇلائڻ لاءِ بي قرار آهي، سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه نه هجڻ جو اڇو ڪوڙ اسان کي ٻوڙي رهيو آهي. دل آهي ته ان هستي کان دور ٿيندو ٿو وڃي جيڪا فرمائي ٿي ”منهنجي جانب رجوع ڪري ته ڏسو دنيا کي توهان جو طلبگار نه ڪريان ته چئجو“ اسان جا ٻار بک کان بيحال آهن ۽ اسان پنهنجي آسودگي جو ذريعو ٻين کي ٺاهيندي انهن جي جذبات کي رولي رهيا آهيون، ڪنهن جو احساس ڪرڻ وسري ويو آهي، بيوفائي، دوکي بازي ۽ ڪوڙ کي پنهنجو نصب العين ٺاهيندي بس هلندا ٿا وڃون نه منزل جو پتو آهي نه پاڇولي جو آسرو بس بي سمت جا راهي آهيون، هن قاتل دور ۾ گهٽي گهٽي ساهه کڻي رهيا آهيون. سچائي جو ماسڪ چاڙهي پاڙن کي کوکلو ڪري رهيا آهيون، ملڪ کي بجاءِ اڳتي وٺي هلڻ جي اڃا پوئتي ڌڪي رهيا آهيون، دشمن کي دعوت ٿا ڏيندا ورتون ته اچو اسان جي ملڪ کي اجاڙي ڇڏيون، اسان بي حس ماڻهو ٿي ويا آهيون، اسان جي پنهنجي ماڻهن کي ڪهي ڇڏيو اسان ڪجهه نه چونداسين، خاموش تماشائي جيان انڌي گونگي ۽ ٻوڙي ماڻهو جو ڪردار ادا ڪيون پيا.

ڪيا اس وجهه سي چنوائي حقي تقدير ني جنڪي

ڪه جب نشيمن بن جائي تو ڪوئي آگ لگا دي!

نوحو ته هر وقت چپن تي نچندو رهندو آهي، دل ته زخمي آهي پر روحن کي گهايل ڪرڻ جو سامان اڃا باقي آهي، اهو ئي وقت آهي سڌرڻ جو سمجهڻ جو ۽ ڪجهه سوچڻ جو ۽ عهد ڪرڻ جو به ،ا سان ڇا هئاسين؟ ڇا ٿي ويا آهيون؟ ۽ ڇا ٿيڻ وارا آهيون، زندگي کي ڀرپور طريقي سان گذارڻ لاءِ پنهنجي وجود کي سميٽي ٻين کي وکرڻ کان بچائڻو آهي. اهو ئي مقصد ٺاهي زندگي کي گذاريو وڃي ته بهتر آهي، هاڻي بهترين وقت آهي پاڻ کي قابو ڪرڻ نه ته پوءِ اڳتي ڇا ٿيندو هر ڪوئي سوچي ٿو سگهي روحن کي زندگي جي ڪلهي تان لاهي زندگي جي برابر بيهارڻ جي ضرورت آهي!