|

نيلم شيخ
جڏهن دهل ۽ شرنائي جي ساز وسيلي شادي وقت گهر ٻاهران دَس وڄايو
وڃي ٿو ته هڪ خوشي جي لهر پکڙجي ويندي آهي پوءِ اها شادي ڀلي
ڪنهن ٻئي جي گهر ۾ هجي پر انهن سازن جي وڄڻ سان انسان جي دل
جهومڻ لڳندي آهي، شادي جو ٻنڌڻ ٻن انسانن تائين محدود نه هوندو
آهي پر اهو ٻنڌڻ ٻن خاندانن جي وچ ۾ ٻڌجي ويندو ۽ ان خوبصورت
ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ وارا انمول ۽ يادگار ڏينهن گهوٽ ۽ ڪنوار کي ته
هميشه ياد رهندا آهن پر اهي پل هر ماڻهو جي ذهن ۾ خوبصورت
يادون ۽ خوشيون ٿي هميشه لاءِ يادگار بڻجي ويندا آهن ۽ شادي جي
انهن ڏينهن ۾ هر ڪنهن جي چهرن تي مرڪون ڇانيل هونديون آهن ۽
اهي مرڪون گهڻو ڪري شادي لاءِ ٿيندڙ رسمون ڏسي ڪري به ماڻهن جي
چهرن تي اينديون آهن، جيڪڏهن رسمن جي ڳالهه ڪجي ٿي ته شادي ڪرڻ
جو سڀ کان پهريون مرحلو ڇوڪريءَ ڇوڪري جي رشتي طئه ٿيڻ جو
هوندو آهي، ڪي ماڻهو رشتو طئه ڪري پڌري ڪندا آهن ته ڪري وري
مڱڻي جي رسم ڪري هن رشتي جي شروعات ڪندا آهن، مڱڻي جي رسم ڪي
ماڻهو ڌام ڌوم سان ڪندا آهن ته ڪي وري سادگي ۾، ڇوڪري جا گهر
وارا ڇوڪريءَ جي گهر وڃي ان کي رئو ۽ منڊي پارائي ڪري سرانجام
ڏيندا آهن، ڳوٺن ۾ گهڻو ڪري ننڍپڻ ۾ ئي نياڻين کي ڪنهن ڇوڪري
جي نالي ڪيو ويندو آهي يا مڱڻي وغيره ڪئي ويندي آهي، مڱڻي ۾
ڇوڪري جو نڪ ٽوپڻ ضروري هوندو هو پر اهو رواج به آهستي آهستي
ختم ٿيندو پيو وڃي هاڻي صرف مڱڻي ۾ مٺائي ورهائي ۽ منڊي پارائڻ
کي ئي ترجيح ڏني ٿي وڃي، پهرئين زماني ۾ ڪنهن ڇوڪري جو نڪ
ٽوپيل هوندو هو ته هر ڪنهن کي اها خبر پئجي ويندي هئي ته اها
ڇوڪري مڱيل آهي پر هاڻي نڪ ٽوپائڻ شوق ٿي ويو آهي. تنهن ڪري
اڄڪلهه هر هڪ ڇوڪري جو گهڻو ڪري نڪ ٽوپيل ئي هوندو آهي. مڱڻي ۾
نڪ ٽوپڻ به هڪ قسم جي رسم آهي، جيڪا هاڻ ايتري نه رهي آهي،
جيئن ئي ڇوڪريءَ جي مڱڻي ٿي وڃي ٿي ته جيستائين ڇوڪري جي شادي
نه ٿي ٿئي اوستائين هر عيد تي ڇوڪري وارا ڇوڪريءَ کي مٺائي،
سيون، عيد جو جوڙو، سينڊل ۽ ٻيو سامان ڏيندا آهن. مڱڻي کان
پوءِ وڏڙا تاريخ طئه ڪرڻ لاءِ ويهندا آهن، جڏهن تاريخ طئه
ٿيندي آهي ته هو مٺائي ورهائيندا آهن. شادي جي دعوت ڏيڻ لاءِ
ڳوٺن ۾ گهوٽ جي ماءُ يا خاندان جون مايون هر هڪ جي گهر وڃي
شادي جي دعوت ڏينديون آهن پر هتي شهرن ۾ اهو سلسلو هاڻي آهستي
آهستي ختم ٿيندو پيو وڃي، هاڻي شادي جي دعوت گهوٽ ماءُ جي
بدران ڪوئي ماڻهو صرف ڪارڊ کڻي اچي چوندو آهي ته شادي آهي،
ضرور اچجو ۽ گهوٽ يا ڪنوار جي ماءُ ٽيليفون ذريعي چوندي آهي ته
ڪارڊ موڪليان ٿي ضرور اچجو، ڪجهه ماڻهو مڱڻي جي سال، ٻن
کانپوءِ شادي ڪندا آهن، ان جا ڪيترائي سبب آهن، ڇوڪري جي نوڪري
حاصل ڪرڻ يا وري ڇوڪريءَ جي تعليم مڪمل ٿيڻ لاءِ به شادي رُڪيل
هوندي آهي. ٻهراڙي ۾ ڇوڪري کي گهوٽيتا رئو پارائي ڪري شادي جي
تاريخ طئه ڪندا آهن. ونواهه ۾ ڪنوار کي 15، 11، 9،7، 3، 2، 1
ڏينهن ويهاربو آهي. ونواهه ۾ ڪنوار کي ويهارڻ لاءِ گهوٽ جا
مائٽ ڪنوار جي گهر اها رسم ڪرڻ ايندا آهن، ان رسم ۾ گهوٽيتا
ڪنوار لاءِ ڪپڙا، سينڊل، کنڊ، تيل ۽ خشڪ ميوو ۽ ان سان گڏ
ونواهه واري رسم لاءِ هڪ پيلو سبيل جوڙو ڏيندا آهن، جنهن سان
گڏ ميچنگ چوڙيون ۽ سڳيون به ڏبيون آهن. ونواهه ۾ ڪنوار جي چوٽي
جي هڪ هڪ وڪڙ کي ست سهاڳڻيون کولينديون آهن، مطلب ته هڪ سهاڳڻ
چوٽي جو هڪڙو وڪڙ کولي ان وارن کي تيل هڻي ڪنوار کي مٺائي
کارائيندي آهي، ائين ست سهاڳڻيون اها رسم ادا ڪنديون آهن.
ونواهه جو سامان گهوٽ جون ڀينرون کڻنديون آهن. ڪنوار کي اکيو
پارائيندا آهن ته جيئن ان جو مُنهن ڪير نه ڏسي سگهي. ڪنوار جو
منهن غير مرد نه ڏسي ۽ گهوٽيتن سميت گهوٽ جون مائٽ عورتون به
ڪنوار جو منهن شادي جي رات تائين نه ڏسي سگهنديون آهن ۽ اهو
اکيو ڪنوار کي هر وقت پاتل هوندو آهي، ونواهه جي رسم ۾ بيواهه
عورت کي اچڻ ناهن ڏيندا، اچڻ يا نه اچڻ سان ڪو فرق نه پوندو
آهي پر اهو ماڻهن جي سوچ تي آهي. ونواهه ۾ ڪنوار جي منهن ۽
ٻانهن تي ابٽن به هنيو ويندو آهي. اڄڪلهه سيدن ۾ ڪنوار کي اکيو
پارائڻ جو رواج هلي رهيو آهي پر اڄڪلهه اهو رواج ختم ٿي ويو
آهي ۽ ڪنوار کي صرف رئو پارايو ويندو آهي، جنهن سان هوءَ
پنهنجو منهن ڍڪيندي آهي. ڪنوار کي شادي جي ڏينهن اچڻ تائين
انهن ڪپڙن ۾ ئي رهڻ ڏبو آهي، رسم موجب ڪنوار شادي تائين نه
وهنجندي آهي. ڪن گهرائين ۾ وهنجڻ ڏبو آهي. ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار
قرآن شريف جو ورد ڪندي آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ ڪنوار ڊرائي فروٽ
جيڪو گهوٽيتن طرفان ڏنو ويندو آهي کائيندي آهي، ونواهه جو خرچ
گهوٽيتا ڪندا آهن، ڪنوار کي ڳانو ٻڌندا آهن، ونواهه واري رسم ۾
ڪنوار کي پيلو جوڙو پائڻ لازمي هوندو آهي. ڪنوار ونواهه دوران
ڪوبه گهر جو ڪم نه ڪندي آهي، ڳوٺن ۾ وري ونواهه ۾ ويٺل ڇوڪري
کي تيل، اٽو روز هڻندا آهن ته جيئن ڇوڪري ۾ نکار اچي، نور اچي.
اها سڄي رسم 3 يا 2 ڪلاڪن ۾ پوري ٿيندي آهي، اڪثر ڪري ماڻهو
ونواهه ۾ ويٺل ڇوڪري کي چوندا آهن ته هو ٻين ڇوڪرين جا نالا
وٺي دعا گهري ته جيئن انهن جي شادي جلدي ٿي وڃي، اها سڄي
ونواهه جي رسم هئي پر اڄڪلهه جي هن دور ۾ ڪي ڪي ماڻهو ونواهه
واري رسم ميندي واري رات ئي ڪندا آهن، مطلب ٻئي رسمون گڏ ڪندا
آهن ۽ ڪي ماڻهو وري ڪنوار کي هڪ يا 3 ڏينهن لاءِ ونواهه ۾
ويهاريندا آهن. ان جو سبب اهو ته ماڻهن کي ايترو وقت ناهي جو
هو ايترا ڏينهن انتظار ڪن ۽ اڄڪلهه ته اهو رواج آهي ته هڪ
ڏينهن ونواهه ٻئي ڏينهن ميندي ۽ ٽئين ڏينهن شادي. ونواهه
کانپوءِ ميندي ٿيندي آهي. ونواهه کان وٺي ميندي تائين گهوٽيتن
جي گهر ۾ روز سهرا ۽ دعوتون ٿينديون آهن. ميندي هميشه شادي کان
هڪ ڏينهن اڳ ڪندا آهن ۽ ڪي ڪي ماڻهو گهڻو ڪري ميندي رات ئي
نڪاح جي رسم ڪندا آهن. ميندي گهوٽيتا ڪنوار جي گهر کڻي ويندا
آهن، ڳوٺن ۾ ته خاص قسم جي ٿالهه ۾ ميندي کڻي اينديون آهن ۽
ميندي به خاص هنڌ تان گهرائي ويندي آهي ۽ ٿالهه کي ڍڪڻ لاءِ
رومال خاص طور تي ڀرت وارا ان رسم لاءِ ٺهرايا ويندا آهن ۽ اتي
گهوٽ، ڪنوار جي هٿن پيرن تي ميندي هڻندا آهن پر شهر ۾ اهو رواج
نه آهي، شهرن ۾ ته اڄڪلهه آرٽيفشل قسم جون سجايل پليٽون ۽
ميندي جو سامان ۽ ميڻ بتيون وغيره آساني سان دڪانن تان ملي
وينديون آهن ۽ اها ميندي وري گهوٽ ۽ ڪنوار جي هٿ تي نوٽ، ٽشو
يا ساوا پن رکي ان جي مٿان هنئي ويندي آهي ته جيئن گهوٽ ڪنوار
جا هٿ، پير خراب نه ٿين، ڇو ته ڪنوار کي بيوٽي پارلر تان هٿن ۽
پيرن تي ميندي لڳراڻي هوندي آهي پر ائين ٿيڻ نه گهرجي ڇو ته
بيوٽي پارلر واري ميندي ته اسان ڪڏهن به لڳرائي سگهون ٿا پر
اها رسم واري ميندي جو رنگ هٿ تي لڳائڻ جو هڪ الڳ ئي انداز آهي
۽ هونئن به اها ٽشو، نوٽ يا وري پتن واري رسم اصل ۾ مهاجرن جي
آهي ۽ ان کانپوءِ سنڌين به اهو رواج اپنايو آهي. ميندي ۾ ڪنوار
کي سائي رنگ جي ڊريس پارائي ويندي آهي. ڪي ڪنوارون وري انهي
ونواهه واري ڊريس ۾ به هونديون آهن. ميندي به ڪنوار کي پهرين
ست سهاڳڻيون هڻنديون آهن، اهي ميندي لڳائي مٺائي کارائينديون
آهن، ان کانپوءِ ڀلي ڪير به ميندي لڳائي سگهي ٿو. گهوٽ جا ماما
گهوٽ کي ڳانو ٻڌندا آهن ۽ گهوٽ کي ميندي ان جي ڀيڻ هڻندي آهي.
جيڪڏهن انهيءَ رات نڪاح ٿئي ٿو ته نڪاح ٿيڻ کانپوءِ گهوٽ جون
ساليون ان کي مٺائي کارائينديون آهن، پهرئين دور ۾ ۽ اڄڪلهه به
ڪٿي ڪٿي گهوٽ کي مٺائي نه پر (مٺي ماني) بُسري کارائي ويندي
آهي. ڇو ته رواج اهو آهي پر اڄڪلهه ماڻهو اهڙن شين کان پري رهي
ڪري صرف شهر مان مٺائي وٺڻ کي ترجيح ڏين ٿا. هي ان جا پئسا
گهوٽ کان وٺنديون آهن. ان کانپوءِ پيالي ۾ ميندي وجهي گهوٽ جي
چيچ ان ۾ ٻوڙيندا آهن ۽ پوءِ وري ساليون گهوٽ کان پئسا وٺنديون
آهن ۽ پوءِ ڪنوار جي به ان طرح چيچ ان ميندي ۾ ٻوڙيندا آهن.
ميندي جي ماني ڪنواريتا ڪندا آهن، ميندي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڏاج به
ڏيکاريندا آهن پر اهو رواج شهر ۾ نه آهي، شهر ۾ ته شاديون هالن
۾ ٿين ٿيون، ڏاج ۽ پڙو گهڻو ڪري ڳوٺن ۾ ڏيکاريندا آهن. شهر ۾
وري ڪمري ۾ ڏاج سجائي رکيو ويندو آهي ته جيئن ايندڙ مهمان اهو
ڏاج ڏسي سگهن، ڳوٺن ۾ وري هڪ خاص مائي هوندي آهي جيڪا بيهي ڪري
گهوٽ جا جوڙا ڏيکاريندي آهي، گهوٽ جا جوڙا گهڻو ڪري اڪ يعدد ۾
جهڙوڪ 11، 7، 21 ۾ ڏنا ويندا آهن، اهو ٿيو اهو سامان جيڪو گهوٽ
جو ڏيکاريندا آهن پر ڪنوار کي ڏنل سامان به ڏيکاريو ويندو آهي،
شهر ۾ ڪنوار شادي واري رات 3 ڪلاڪ پهرين تيار ٿيڻ لاءِ پارلر
تي ويندي آهي پر ڳوٺن ۾ ائين ناهي، اتي فجر ٿيڻ کان پهرين ڄڃ
ايندي آهي ۽ ڄڃ اچڻ کان پوءِ ئي ڪنوار ڪلاڪ، اڌ ۾ تيار ٿيندي
آهي.اها ڄڃ پرهه ڦٽي کان پهرين يعني فجر اذان کان پهرين ايندي
آهي ۽ سج نڪرڻ تائين سڀ رسمون مڪمل ڪري رخصتي ڪئي ويندي آهي،
شهر ۾ شاديون رات جون ٿينديون آهن، جيڪي رات جو 12 يا وري 3 يا
4 وڳي تائين جاري رهنديون آهن، جيڪڏهن ڪنوار جو نڪاح ميندي ۾
نه ٿيندو آهي ته اهو شادي رات ٿيندو آهي، جيئن ئي ڪنوار بيوٽي
پارلر مان تيار ٿي ايندي آهي ته نڪاح ڪرايو ويندو آهي، نڪاح
لاءِ ٻه گواهه ۽ هڪڙو وڪيل هوندو آهي. نڪاح ٿيڻ کانپوءِ کارڪون
ورهايو وينديون آهن ۽ ڳوٺن ۾ به کارڪون يا وري پتاشا ورهايا
ويندا آهن. وڏڙا هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا آهن. ان کانپوءِ گهوٽ،
ڪنوار وٽ ايندو آهي، ڪي ماڻهو گهوٽ اچڻ وقت ڪنوار جو منهن
گهونگهٽ ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن ۽ ڪي وري نه. گهوٽ جي اچڻ سان ئي
گهوٽ ماءُ لانئن جي رسم ڪرڻ لاءِ سيج ٺهرائيندي آهي پر جئين ئي
گهوٽ ڪنوار جي ڪمري واري در يا وري هال ۾ اسٽيج ڀرسان ايندو
آهي ته اتي ڏاوڻ ڏائينديون واري رسم ٿيندي آهي. ان سان گهوٽ جي
طاقت آزمائي ويندي آهي ۽ ان کانپوءِ هن کي ڪنوار وٽ وڃڻ جي
اجازت ملي ويندي آهي، ان کانپوءِ گهوٽ ڪنوار کي گڏ ويهاريو
ويندو آهي، ڪٿي وري ائين به آهي ته جڏهن گهوٽ ڪنوار ڀرسان ويهڻ
لاءِ ايندو آهي ته ست رنگن جو ڌاڱو پير جي آڱوٺي ۾ وجهي هٿ جي
چيچ ۾ گهوٽ جي سالي وجهندي آهي ۽ پوءِ اهو ڌاڳو گهوٽ کي ڳچي ۾
وجهي ڪري سيج تائين وٺي ايندا آهن ۽ ان کي سيج تي ويهارين ٿا ۽
ان ڌاڳي (سڳي) کي تڏهن ڇڏيندا آهن، جڏهن هن کان اهو پڇندا آهن
ته خير جو ڀاڱو، (خير جي ڀاڱي جو مطلب اهو آهي ته گهوٽ شادي
کانپوءِ جيڪو ڪمائيندو ان جو اڌ حصو ته هو پنهنجي ماءُ کي
ڏيندو پر ڪمائي جو اڌ حصو ان کي پنهنجي زال کي ڏيڻو هوندو) ۽
جڏهن گهوٽ ها چوي تڏهن ئي ان جي ڳچي مان ڌاڳو ڇڏيو ويندو آهي.
اها به هڪ رسم آهي، جيڪا ڪٿي ڪئي ويندي آهي ۽ ڪٿي وري نه. سيج
۾ ڳاڙهو گدو ۽ ڳاڙهي رنگ جو ويهاڻو رکيو ويندو آهي، ڪنوار ۽
گهوٽ کي ان سيج تي آمهون سامهون ويهاريو ويندو آهي، ڪنوار جي
ڀيڻ ان سان گڏ هوندي آهي ۽ گهوٽ سان گڏ وري ان جي ڀيڻ هوندي
آهي، لانئون ڏيارڻ لاءِ سڀ کان پهرين ست سهاڳڻيون ٽڪر
هڻائينديون آهن. اهي ٽڪر ٽي دفعا هڻائبا آهن ۽ اهي ٽڪر تيز ۽
آهستي هڻائبا آهن، انهن وچ ۾ ڪافي مذاق به ٿيندو آهي، هر ڪوئي
انجواءِ ڪندو آهي، لانئون ڏيڻ وقت جيڪو لانئون ڏيندو آهي اهو
خرچي به ڏيندو آهي، ان کانپوءِ ڪپهه جا پيسز مطلب ٽڪرا ڪنوار
جي مٿي تي رکيا ويندا آهن، جيڪي گهوٽ چونڊيندو کڻندو ويندو
آهي، اهڙي ريت ڪنوار به گهوٽ جي مٿي تان چونڊيندي آهي. ان
کانپوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار جي وچ ۾ آئينو رکبو آهي ان آئيني جو رخ
ڪنوار ڏانهن ڪبو آهي ته جيئن گهوٽ آئيني ۾ ڪنوار کي ڏسي ۽ پوءِ
وري ڪنوار گهوٽ کي ڏسندي آهي. ان کانپوءِ ٿالهه ۾ چانور کڻي
ايندا آهن، انهن ۾ هڪ کارڪ وجهي ايندا آهن، اها کارڪ ڪنوار ان
چانورن مان ڪڍي مٺ ۾ بند ڪري رکندي آهي پوءِ گهوٽ اها مٺ کولڻ
جي ڪوشش ڪندو آهي، ان رسم جو مطلب اهو ته جيڪڏهن گهوٽ مٺ کولي
ويو ته شادي کانپوءِ گهوٽ جو رعب رهندو ۽ جيڪڏهن نه کولي سگهيو
۽ ان هار مڃي ته شادي کانپوءِ ڪنوار جو گهوٽ تي رعب رهندو. ان
کانپوءِ کير پيارڻ واري رسم ٿيندي آهي، کير ۾ ڊرائي فروٽ مڪس
هوندا آهن، ڪنواريتا گهوٽ کي کير پيارڻ جا پئسا وٺندا آهن، اهو
کير پهرين گهوٽ پيئندو آهي پوءِ ڪنوار کي ڏبو آهي ۽ باقي بچيل
کير وري اهي ڇوڪرا ڇوڪريون پيئندا آهن جيڪي چاهيندا آهن ته
انهن جون شاديون جلدي ٿي وڃن. غير شادي شده اهو کير پيئندا
آهن، ٻڪ ۾ چانور ڏيندا آهن اها رسم گهڻو ڪري ڳوٺن ۾ ڪئي ويندي
آهي، لانئن ۾ ٽڪر واري رسم ته هر ڪٿي ادا ڪئي ويندي آهي باقي
ٻيون رسمون گهٽ ادا ڪيو وينديون آهن، ان دوران سهرن واريون
عورتون پنهنجي خاص اسٽائيل ۾ سهرا ڳائينديون آهن. ننڍڙو ٻار
ڇوڪرو گهوٽ جي گود ۾ ويهاريندا آهن، اهو سٺو سنئوڻ چورائبو
آهي. گهوٽ کي اجرڪ پارايو ويندو آهي، گهوٽ جي اجرڪ ۽ ڪنوار جي
رئي کي گهوٽ جي ڀيڻ ڳنڍ ڏئي ٻڌندي آهي ۽ گهوٽ جي هر رسم ۾ ان
جي ڀيڻ گڏ هوندي آهي. ان رئي ٻڌڻ واري رسم کي ”پلئو پلي“ جي
رسم چوندا آهن. گهوٽ جڏهن لانئن لاءِ ويهندو آهي ته ڪنوار جون
ڀينرون گهوٽ جو بوٽ لڪائي ڇڏينديون آهن، گهوٽ انهن رسمن
کانپوءِ جيئن ئي رخصتي لاءِ اٿندو آهي ته ان کي بوٽ نه ملندو
آهي ۽ ان جون ساليون بوٽ جي واپسي لاءِ پنهنجي مرضي سان گهوٽ
کان پئسا وٺنديون آهن ۽ گهوٽ کي اهي پئسا ڏيڻا پوندا آهن. گهوٽ
شادي واري رات پاڻ وٽ چاقو ۽ تسبيع به رکندا آهن ته جيئن هو
نظر بد کان بچيل رهي. رخصتي مهل ڪنوار والدين ۽ گهر وارن کان
موڪلائيندي وقت روئندي آهي. رخصتي مهل ڪنوار جي مٿان ڪنواريتا
قرآن شريف رکندا آهن ۽ هو ان جي سايي ۾ گاڏي ۾ وڃي ويهندي آهي.
ڪنوار سان گڏ شادي رات ان جي ماءُ يا ڪا مائٽياڻي گڏ گهوٽين جي
گهر ويندي آهي. ڪنوار گهوٽ جي گهر داخل ٿيڻ وقت ساڄو پير اندر
رکي بسم الله پڙهي ڪري داخل ٿيندي آهي. پنجابين جي رسم ۾ اهو
به شامل هوندو آهي ته ڪنوار رخصتي مهل چانور پوئتي اڇلائيندي
آهي ۽ شادي واري شامل گهوٽ کي سڄي شهر ۾ سرڪس ڪرايو ويندو آهي.
شادي ۾ گهوٽ ڀرسان هڪڙو ڇوڪرو ويٺل هوندو آهي ان کي اهنير چئبو
آهي، اهو گهوٽ کي صلاحون ڏيندو رهندو آهي، شادي جي ٻئي ڏينهن
تي گهوٽ ۽ ڪنوار جي رئي ۽ اجرڪ واري ڳنڍ کي گهوٽ جي ڀيڻ
کوليندي آهي ۽ هو ان جي خرچي گهوٽ کان وٺندي آهي. ڪي ڪي ماڻهو
وليمي جي دعوت ڪندا آهن ڪي وري نه. جيڪي ماڻهو ڳوٺن ۾ شاديون
ڪندا آهن اهي شهر ۾ اچي پنهنجن دوستن لاءِ وليمي جي دعوت رکندا
آهن. ان کانپوءِ گهوٽ ڪنوار کي ان جي گهر ستاوڙي جي رسم لاءِ
وٺي ويندو آهي. ستاوڙو ان ڪري چئبو آهي جو شادي جي ستن ڏينهن
اندر ڪنوار کي والدين وٽ گهمڻ لاءِ وڃڻ ضروري هوندو آهي، پوءِ
ڪا ڪنوار اتي رات رهندي آهي ڪي وري دعوت کائي واپس هلي اينديون
آهن. ان کانپوءِ مائٽن طرفان گهوٽ ڪنوار جي دعوتن جو سلسلو
شروع ٿي ويندو آهي. اهي سڀ رسمون شادي ۾ ادا ڪيون وينديون آهن
پر اڄڪلهه ماڻهو پنهنجن ڪمن ۾ ايترا ته مصروف ٿي ويا آهن جو
ڪٿي ته اهي رسمون نه ڪيو وينديون آهن، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته
انهن رسمن ۾ وقت گهڻو ٿو لڳي، هڪ ڇوڪري نسرين مطابق ته ان جي
شادي ۾ لانئن جي رسم نه ٿي سگهي ان ڪري جو شادي ۾ ڳوٺ کان آيل
پري جي مهمانن کي جلدي وڃڻو هو ۽ ان ڪري هن جي رخصتي جلدي ڪئي
وئي ته جيئن اهي ماڻهو رخصتي ۾ به شامل رهن. راحيلا مطابق ته
ان جي ڀاءُ جي شادي جيئن ته ڳوٺ ۾ ٿي تنهن ڪري اها شادي چئن
ڏينهن ۾ ڪئي وئي 2 ڏينهن مس ڪنوار کي ونواهه ۾ ويهاريو ويو پر
ان هوندي به سڀ رسمون ادا ڪيو ويون. زماني جي رفتار وڌڻ سان
شادي جي وقت ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي، هاڻي ڪنوار 7 ڏينهن
ونواهه بدران 3 يا هڪ ڏينهن ويهي ٿي ڪي ته وري ان وقت ئي ميندي
جي رسم ڪندا آهن، بهرحال شادي جو خيال ذهن ۾ ايندي ئي ننڍن
توڙي وڏن ۾ خوشي جي لهر اچي ويندي آهي، ان ۾ نه صرف هو هڪٻئي
سان ملندا آهن پر هو ان موقعي ۽ رسمن مان گهڻو لطف اندوز به
ٿيندا آهن.
|