ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشدد  - ليڊ آرٽيڪل

رشتن ۾ ويڇا وڌندا ڇـــو ٿـا وڃن؟

   روشني مغل

                اڄڪلهه جديد ٽيڪنالاجي جو دور آهي، انسان پٿرن جي دور مان نڪري نئين دور ۾ قدم رکي چڪو آهي، جنهن ۾ سائنسي ترقي به انقلاب آندو آهي، هر ايندڙ ڏينهن ۾ نوان نوان تجربا ۽ ايجادون سامهون اچي رهيون آهن ۽ انسان ان کي حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ لڳل آهي، اڄڪلهه افراتفري  جي هن دور ۾ وقت تيزي سان گذري رهيو آهي، سهولتن ۽ سٺي زندگي گذارڻ جي لاءِ ماڻهو ڳوٺن کان شهرن طرف رخ ڪري رهيا آهن ۽ هر ماڻهو اهڙي قدر مصروف نظر اچي رهيو آهي جو ان وٽ ايترو وقت ناهي جو هو پنهنجي مٽن مائٽن لاءِ وقت ڪڍي سگهي، جهڙي تيزي سان هي وقت گذري رهيو آهي شايد ان کان گهڻو تيزي سان مٽن مائٽن جي روين ۾ تبديليون اچي رهيون آهن، پنهنجو پاڻ کي جديد ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ آڻڻ لاءِ اسان پنهنجي ثقافت، ڪلچر، رسم ۽ رواج ، رهڻي ڪهڻي ختم ڪري رهيا آهيون، پنهنجو پاڻ ۾ ملڻ  ۽ ڳالهائڻ سان گڏ مٽن مائٽن جي گهر اچڻ وڃڻ ختم ٿي رهيو آهي، هاڻي اهڙي صورت حال ڳوٺن ۾ به گهٽ نظر اچي ٿي، ڇو جو اهي به ماڊرن وليج جو درجو حاصل ڪري ويا آهن، پهريائين اسان جي ڳوٺن ۾ اسان جا وڏا بزرگ اوطاقن ۾ ويهي ڪري حال احوال وٺڻ، پيار، محبت سان  ٻڌي۽  ايڪي اتحاد ۾ رهڻ لاءِ ڪچهريون ڪندا هئا ۽ جڏهن کان ماڊرن  ٽيڪنالاجي جو دور اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ باهه وانگر  تيزي سان ڪاهي پيو آهي تڏهن کان  شهرن ۽ ڳوٺن جا هي نوجوان نسل پنهنجن وڏن بزرگن کي ڪافي پري ۽ تمام پوئتي ڇڏي آيا آهن، اهي مغربي ملڪن جي رسم  رواج ۽ فيشن کي پنهنجو بڻائي رهيا آهن ۽ پنهنجي ابن ڏ اڏن جي ثقافت ۽ رسم و رواج کي ختم ڪري تباهي جي طرف وڃي رهيا آهن ۽ اهي افسوس ڪندا رهن ٿا ته اسان ٻين کان پوئتي رهجي ويا آهيون، پهريائين اسان جي اوطاقن ۾ اسان جا وڏا بزرگ ڪچهريون ۽ ميڙاڪا ڪرائيندا هئا، پر اڄڪلهه جو نوجوان نسل پنهنجن وڏن کي پاڻ سان گڏ کڻي گهمڻ پسند نٿا ڪن، اڄڪلهه جي دور ۾ هر ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ الجهائي ڇڏيو آهي، هر ماڻهو جي منهن مان اهي الفاظ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته مون وٽ وقت نه آهي يا وقت جي گهٽتائي آهي، جنهن جي ڪري اهو ڪم نه ٿي سگهيو ، پنهنجي ويجهي مٽن مائٽن جي خوشي ۽ ڏک ۾ وڃڻ جي لاءِ ماڻهن وٽ وقت ناهي ۽ اهي معذرت ڪندي نظر ايندا آهن، ۽ چوندا ته اسان نه ٿا اچي سگهون، مغربي ملڪن جتي هر ميدان ۾ ترقي ڪئي آهي، اتي هڪ ميدان ۾ انهن کي گهڻو نقصان ۽ گهڻي شڪست حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻي ان جي واپسي وڏي مشڪل نظر اچي رهي آهي، اهي رشتن جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ کي گهڻي کان گهڻو ترقي يافته Socialized) ڪرڻ جي لاءِ ۽ ٽيڪنالوجي جي دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ مٽن مائٽن کي گهڻو پوئتي ڪري ڇڏيو آهي، جيئن جيئن انهن نئين ٽيڪنالاجي جو تعارف ڪرايو ، جن جي لاءِ انهن کي پنهنجن جي ضرورت هئي ان جي لاءِ به انهن کي ان شيءِ جو سهارو ورتو جيئن مثال طور وڏن ۽ نوجوانن پنهنجي واندڪائي جي وقت ۾ انٽرنيٽ چيٽنگ ڪرڻ ۽ ٻارن پنهنجي راندين لاءِ پنهنجي دوست کي ڇڏي ڪري Electric Games بجلي تي هلندڙ راندين جو سهارو ورتو آهي، هن دور ۾ والدين ۽ ڀيڻ ڀائرن جهڙن رشتن جو خيال ختم ٿي ويو آهي، اسان جيڪا مغربي ملڪن جي لڳاتار نقل ڪري رهيا آهيون اسان کي اهي غلطيون نه ورجائڻ گهرجن جنهن جي ڪري انهن جو معاشرو ختم ٿي ويو آهي، جهڙي طرح مغربي ملڪن ٽيڪنالوجي جي دور ۾ پنهنجي رشتن ، مٽن مائٽن جي اهميت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي اهڙي طرح اسان به آهستي آهستي انهيءَ تي هلي پيا آهيون، جيڪڏهن اڄڪلهه جي نوجوان نسل کي ڏٺو وڃي ته انهن ٽيڪنالوجي کي ته حاصل ڪيو آهي ۽ ان مان فائدو وٺڻ سان گڏو گڏ غلط استعمال به ڪري رهيا آهيون، سڄو سڄو ڏينهن ۽ رات ڪمپيوٽر تي چيٽنگ ۽ موبائيل فون تي ڳالهائيندي نظر ايندا ۽ پنهنجي والدين ۽ بزرگن سان گڏ گذارڻ جي لاءِ انهن وٽ ٽائيم جي گهٽتائي هوندي آهي، اڄڪلهه جي نوجوان نسل اهڙي قسم جي مسئلن ۾ ايتري ته مصروف ٿي وئي آهي جو انهن جا بزرگ انهن کان ناراض ٿي رهيا آهن، ۽ انهن کي ان جو ڪو احساس ئي ناهي ۽ اهي انهن جي محبت ۽ شفقت کان محروم ٿي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد جي شهر ۾ رهڻ واري شبانه ٻڌايو هو  ته اڄ کان ويهه سال اڳ جڏهن مان پنهنجي مڙس سان گڏ ڳوٺ کان شهر ۾ آيس ته منهنجي لاءِ اهو هڪ بلڪل نئون ماحول ۽ نئين جڳهه هئي ۽ جنهن سيڪٽر ۾ اسين اچي رهيا هياسين ته  اتان جي ماڻهن سان واسطو رکڻ ۾ ٿورو وقت لڳو ۽ پوءِ مختلف ماڻهن جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ  ٿيندو رهيو ۽ اڄ کان تقريبن ڇهه مهينن کانپوءِ اسان هن سيڪٽر کان ٻئي سيڪٽر وياسين ۽ اڄ ڇهه مهينا ٿيڻ وارا آهن مان پنهنجي پاڙي وارن جي گهر نه وڃي سگهي آهيان ۽ نه ئي اهي اسان جي گهر آيا آهن ۽ مان ايترو به نه ڄاڻي سگهيم ته اهي ماڻهو ڪير آهن ۽ مون هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي ته ان علائقي جا تمام ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ايتري قدر گم آهن جو ٻين لاءِ انهن وٽ وقت ئي ناهي گهڻي کان گهڻا پئسا حاصل ڪرڻ جي لالچ  انسان کي گهڻو مصروف ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان مصروفيت جي ڪري اهي پنهنجي گهر خاندان,  مٽن مائٽن  ۽ دوستن کان پري ٿي ويا آهن.