ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشدد - ليڊ آرٽيڪل |
|
10 سال اڳ مون پنهنجي نياڻي ساڌنا جي شادي پنهنجي ئي برادري جي هڪ سٺي گهراڻي ۾ ور ڳولهي وڏي ڌوم ڌام سان ڪرائي ۽ پنهنجي پاڻ کي ان فرض کان آجو ڪيو پر مونکي خبر تڏهن پئي جڏهن منهنجي نياڻي منهنجي ئي اکين اڳيان سکر جي هڪ پرائيويٽ اسپتال جي بيڊ تي 90 سيڪڙو سڙيل جسم سان گڏ منهنجي اکين اڳيان تڙپي رهي هئي ۽ مونکي چوڻ لڳي ته ڊيڊي آئون سخت تڪليف ۾ آهيان منهنجي لاءِ دعا گهر ته ڀڳوان مونکي پاڻ ڏانهن گهرائي تڏهن مان ان کي اهڙي حال ۾ ڏسي پنهنجي پاڻ کي ڏوهاري سمجهان پيو ڇو ته ساڌنا مونکي جڏهن به ساهراڻي گهر ۾ ٿيندڙ ظلمن بابت ڪجهه ٻڌائڻ چاهيندي هئي ته مان ان کي اهو چئي چپ ڪرائيندو هيس ته هاڻي اهو ئي تنهنجو گهر آهي ۽ اتي تو کي پنهنجي زندگي گذارڻي آهي تڏهن شايد منهنجي نياڻي پاڻ تي ٿيندڙ وڌندڙ ظلمن جي داستان وڌيڪ نه ٻڌائي سگهي ۽ مان بي خبر رهيس ته منهنجي نياڻي سان ان جي ساهرن ۾ ڪهڙو حال آهي ساڌنا 5 ڏينهن سکر جي هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ رهڻ کانپوءِ 2 ڏينهن ڪراچي جي اسپتال ۾ منتقل ڪيو پر شايد ان جي زندگي ايتري هئي ۽ ستن ڏينهن کانپوءِ منهنجي نياڻي منهنجن ئي هٿن ۾ تڙپندي تڙپندي جان ڏني ۽ آخر ۾ هو چوندي رهي ته اسان جي برادري مان ڏاج جي ان مدي خارج رسم کي ختم ڪرايو نه ته مون وانگر ٻيون به ڪيتريون ئي نياڻيون ساهرن طرفان ساڙيون وينديون، مري ويل ساڌنا ٻن ٻارن جي ماءُ هئي ۽ ان جي ڌيءُ ڊائنا ٻڌائي ٿي ته مون پنهنجي ماءُ کي پنهنجي اکين اڳيان باهه ۾ سڙندي ڏٺو ۽ منهنجي ماءُ گهڻيون رڙيون پئي ڪري ۽ منهنجي ڏاڏي کي چوي پئي ته مونکي بچايو پر منهنجو ڏاڏو ۽ چاچو هن ڏي ڏسندا رهيا، اها داستان هندو برادري جي واسديو جي نياڻي ساڌنا جي نه پر اهڙين ڪيترن ئي نياڻين کي ڏاج نه ڏيڻ جي ڪري زندهه ساڙيو وڃي ٿو يا وري انهن کي گهرن مان ڪڍي پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر واپس موڪليو وڃي ٿو جنهن جي ڪري انهن ڌيئرن سان گڏ اهي پيءُ ماءُ به ڪيترن ئي تڪليفن کي منهن ڏين ٿا، هر مذهب ۾ شادي کي وڏي اهميت ڏني ويندي آهي اها نياڻي جيڪا اباڻي گهر ۾ ڪيترن ئي نازن سان پالي ويندي آهي ۽ انهن نازن سان اڌ زندگي پنهنجي اباڻي گهر ۾ گذاريندي آهي ننڍ پڻ کان جواني تائين پيءُ امڙ جي گهر کي پنهنجي سلطنت سمجهندي آهي. نياڻي جڏهن جوان ٿئي ٿي ته ان جا ماءُ پيءُ ان لاءِ هڪ سٺي کان سٺو گهر ۽ ور ڳولهيندا رهن ٿا، اڪثر هندو برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسان ڪيترا به آزاد خيال ڇو نه بڻجي وڃون پر نياڻي کي شادي ۾ ڏاج ڏيڻ جو رواج تمام پراڻو آهي جيڪو اسان ڪڍي نٿا سگهون ۽ انهي رواج جي ڪري ڪيتريون ئي اسان جون نياڻيون ساهرن طرفان ساڙيون ويون يا وري گهرن ۾ ويهي ڪري انهن جي مٿي ۾ چاندي جا وار پيدا ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي شادي نه ٿي ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته يا وري نياڻي جي ساهرن جون ڏينهون ڏينهن وڌندڙ فرمائشون پوريون ڪندي ڪندي پيءُ ماءُ قرضي ٿي وڃي ٿو يا وري اڪثر پيءُ ماءُ صبر سان ان نياڻي کي ساهرن جي گهرن مان وٺي پنهنجي گهر ۾ رهائي آس پاس جي ماڻهن جا طعنا سهندا رهن ٿا ۽ انهن جي زندگي جيئڻ مشڪل ٿي وڃي ٿي. جيڪب آباد ضلعي جي شهر اوستا محمد جي رهواسڻ هندو برادري جي نوجوان ناري شما ڪماري پنهنجي ڏک ڀري داستان ٻڌائي ٿي ته منهنجي سس هر ڏينهن ڪا نه ڪا پئسن جي لاءِ فرمائش ڪندي ۽ چوندي هئي ته وڃ پنهنجي پيءُ ماءُ کان هيترا پيسا وٺي اچ روز روز ڀاءُ ۽ پيءُ کان پئسا گهرندي شرم محسوس ڪندي هيم پر هڪ ڏينهن انڪار ڪرڻ تي رات جو مونکي نشو ڏئي سخت تشدد ڪيو ويو پر ان باوجود به مان خاموش رهيم نه ئي پنهنجي پيءُ کي پاڻ تي ٿيندڙ ظلم بابت ڪا ڳالهه ٻڌائي نه ئي پنهنجي هڪ جيتري ڪنهن ساهڙي کي اها ڳالهه ٻڌائي منهنجن ساهرن جو ڏينهون ڏينهن مون تي ظلم وڌندو ويو پر مان تڏهن به صبر جو زهر پيندي رهيم پر هڪ رات اهڙي آئي جڏهن مان پنهنجي ڪمري ۾ ستل هيم تڏهن مونکي محسوس ٿيو ته ڪنهن منهنجي مٿان ڪا ٿڌي پاڻي واري شئي هاري آهي جڏهن منهنجي اک کلي تڏهن مان پنهنجي مٿان پنهنجي سس کي بيٺل ڏٺم ۽ منهنجي سس کلندي کلندي اهو چئي رهي هئي شما تون کي اڄ مونکا ڪوئي به بچائي نٿو سگهي ائين چوندي هن مون تي ماچس جي تيلي ٻاري مٿان اڇلي، جنهن سان باهه يڪدم منهنجي سڄي جسم کي وڪوڙي وئي ۽ مان رڙيون ڪندي رهيم ته بچايو بچايو منهنجو سس، سهرو ۽ مڙس منهنجي حالت تي کلندا رهيا ۽ منهنجو مڙس اهو چوندو رهيو ته تونکي ڪيترا دفعا چيو هو ته وڃ پنهنجي پيءُ کان ڪجهه رقم وٺي اچ مان اهي لفظ ٻڌي رڙيون ڪندي ڪندي ٻاهر نڪري ويس، منهنجون رڙيون ٻڌندي منهنجا پاڙي وارا ٻاهر نڪري آيا ۽ انهن باهه وسائي مونکي اسپتال کڻائي منهنجي پيءُ ماءُ کي اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ منهنجا پيءُ ماءُ پهتا ۽ منهنجي سار سنڀار لهندي منهنجو علاج ڪرايو منهنجي پيٽ ۾ پلجندڙ ٽن مهينن جو ٻار به منهنجي ئي پيٽ ۾ باهه جي تپش نه سهندي مري ويو هو هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي اهڙي حالت ڏسي منهنجو پيءُ ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءَ صدمو برداشت نه ڪندي مري ويو اسان جي برادري ۾ ڏاج جهڙي رسم تمام گهڻي پراڻي آهي ان سان ڪيترن ئي نياڻين جا گهر تباهه ٿي ويا آهن ۽ ڪيتريون ئي نياڻيون سڙي مري ويون آهن مان هاڻي سڀني کي اهو چوندس ته اها رسم ختم ڪئي وڃي نه ته شايد اڃان ڪيتريون ئي نياڻيون ان رسم جي ورچڙهي وينديون ۽ روز روز ڪيتريون ئي ساڌنا ۽ مون وانگر سڙنديون رهنديون پيءُ ماءُ پاڻ تي اهو ظلم برداشت ڪندا رهندا ۽ پنهنجي هٿن سان نياڻين کي دفن ڪندا رهندا ان ڏس ۾ هندو برادري جو چڱو مڙس مدن لال ٻڌائي ٿو ته اسان ۾ نياڻي کي ڏاڄ ڏيڻ جي رسم تمام گهڻي پراڻي آهي اهو هتي سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري لاءِ ئي نه بلڪ هندستان ۾ به ڪيتريون ئي نياڻيون ڏاج نه ملڻ يا گهٽ ملڻ ڪري سڙي وڃن ٿيون ۽ پيءُ ماءُ بيعزتي ٿي وڃن ٿا اهڙا معاملا اسان جي برادري طرفان عدالتن يا ٿاڻن تائين به ناهن پهچايا ويندا ڇو ته ان سان اسان پنهنجي بيزتي محسوس ڪندا آهيون اهڙا معاملا پنچائت ۾ ويهي حل ڪندا آهيون اسان جي پنچائت ۾ ڏاج جي ڪري نياڻين جي سڙڻ جا 32 ڪيس موجود آهن، جنهن جا فيصلا اڃان رهيل آهن هن وڌيڪ چيو ته ڏاج جي لالچ ۾ اچي ڪيترائي اهڙا گهراڻا آهن جتي نياڻين کي کلي عام ساڙيو وڃي ٿو اسان مڃون ٿا ته اها تمام خراب رسم آهي پر پاڪستان ۾ حڪومت کي ان رسم ۽ نياڻين کي زنده ساڙڻ تي پابندي وڌي وڃي ته پوءِ شايد اهڙا ڪيس گهٽ ٿين ڇو ته اسان پاڻ ئي هاڻي ان رسم کان تنگ اچي ويا آهيون هڪ ٻئي جيڪب آباد جي رهواسڻ ريکا ڪماري ٻڌائي ٿي ته مونکي منهنجي مڙس پنهنجي گهر مان ڪڍيو آهي پر مان جڏهن به پنهنجي پيءُ يا ڀاءُ کان اهو سوال ڪندي آهيان ته مونکي منهنجي مڙس ۽ ساهرن ڌڪا ڏئي گهر مان ڇو ڪڍيو ته انهن جو اهو جواب هوندو آهي ته جڏهن اسان پنج کان ڇهه لک روپيا گڏ ڪنداسين ته پوءِ تونکي تنهن جي ساهرن جي گهر ڇڏي اينداسين منهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي اهو خوف آهي ته بنا پئسن جي جيڪڏهن مان ساهرن جي گهر ويس ته اهي مون کي ساڙي ڇڏيندا ريکا کي هڪ سال جو پٽ شو ڪمار به آهي جنهن جي مستقبل جي ڪري ريکا تمام گهڻي پريشان رهندي آهي ته مان پنهنجي مڙس کان سواءَ هن جي پرورش ڪيئن ڪندس ريکا جو اهو به چوڻ آهي ته مان پنهنجي مڙس کان جڏهن پڇيم ته منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي جو مونکي پنهنجي گهر مان ڌڪا ڏئي ڪڍين ٿو ته هن اهو چيو ته تونکي ٽي بي جي بيماري آهي ائين نه ته تونسان گڏ رهي مونکي به اهڙي بيماري لڳي وڃي پر ريکا جي ڀاءُ سنيل ڪمار جو اهو چوڻ هو ته اسان جي ڀيڻ کي ڪا به بيماري ناهي اسان ته اهو به ريکا جي مڙس کي چيو سين ته ريکا کي ٽي بي جي بيماري آهي ته ان جو اسان هڪ سٺي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائينداسين پر ان کانپوءَ ان جي مڙس جو چوڻ هو ته مان پنهنجي گهر ۾ هن کي نه رهائيندس ۽ هاڻي آهستي آهستي ان جي ڊيمانڊ اڳيان ايندي وڃي ٿي هڪ ٻئي سڙي ويل سونيا جو پيءُ ارجن داس پنهنجي مري ويل ڌيءُ جي داستان ٻڌائي ٿو ته منهنجي نياڻي کي به ڏاج جي ڪري ساڙيو ويو هو ان کان اڳ ۾ منهنجي نياڻي جيترا ڏينهن به ساهرن جي گهر ۾ رهي ان تي اوترائي ڏينهن تشدد ٿيندو رهيو ۽ جڏهن منهنجي نياڻي پنهنجي ماءُ سان پنهنجي دل جو حال اوريو ۽ ان کي چيو ته امي مان تمام گهڻي ڏکي آهيان ۽ ڏينهون ڏينهن منهنجي ساهرن جون فرمائشون وڌنديون وڃن ٿيون تڏهن ان جي ماءُ ان کي اهو چئي خاموش ڪرايو ته ڌيءُ تون کانپوءِ اسان جون ٽي نياڻيون ٻيون به ويٺيون آهن جيڪڏهن تون کي اسان گهر ۾ ويهارينداسين ته انهن جو رشتو ڪير وٺندو ۽ خاندان ۾ سخت بدنامي ٿيندي ان ڪري تون في الحال پنهنجي پيءُ جي اڳيان خاموش رهو ۽ ان کي پاڻ تي ٿيندڙ ظلم جي ڳالهه نه ٻڌائي ڇو ته تنهنجو پيءُ تونکي ٻيهر هيڏي اچڻ نه ڏيندو ۽ ان خوف ۾ منهنجي نياڻي مون اڳيان هميشه کلندي رهي ۽ مون تي ڪجهه ظاهر به نه ٿيڻ ڏنائين ته هو ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏئي رهي آهي سونيا جي شادي کي اڃان 2 سال ئي نه گذريا هئا ته هو پنهنجي ساهرن جي گهر ۾ جڏهن وهنجڻ لاءِ باٿروم ۾ وئي ته پويان روشندان مان هن جي سس هن مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏئي ڇڏي جنهن سان منهنجي نياڻي جو 95 سيڪڙو جسم سڙي ويو ۽ جنهن کانپوءِ مونکي اطلاع ڏني وئي ته تنهنجي نياڻي پنهنجو پاڻ کي باهه ڏني آهي اها ڳالهه ٻڌندي ئي مان اسپتال ۾ پنهنجي نياڻي سان ملڻ ويس ۽ هن کي اهڙي حالت ۾ ڏسي چيو ته پٽ تون کي ڇا تڪليف هئي جو تون اهڙو قدم کنيو هن صرف اهي لفظ چيا ته بابا مونکي ساڙيو ويو آهي ۽ منهنجي ٻار جو خيال رکجو. |